پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي
(سنڌي ناول جو ٿامس ھارڊي)
مھراڻ جا موتي (قسط نمبر
ـ ۳۷) - (جنم ڏينھن جي حوالي سان ڀيٽا)
ساجد رند
پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي ولد
ميوارام ڀمڀاڻي ۱۵ نومبر ۱۹۱۲ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو. پروفيسر صاحب
ساھتي خطي جو رهاڪو ھو، بمبئي يونيورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪري ڊي جي ڪاليج
ڪراچي ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو، ورهاڱي کانپوءِ ھندستان لڏي ويو. پروفيسر
نارائڻ داس تي انگريز ناول نگار ٿامس ھارڊي جو اثر غالب نظر اچي ٿو، ان جا ڪيترا ئي
ڪتاب (ناول) ترجمو ڪيائين. پروفيسر صاحب جو لکيل ناول ”غريبن جو ورثو“ سنڌي ادب جو
ھڪ شاهڪار ناول آھي. پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ ديھانت ڪري ويو.
پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي جون ڪيل
علمي ادبي خدمتون ھيٺين ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
۱.مالھڻ (ناول)
۲.وڌوا (ناول)
۳.غريبن جو ورثو (ناول)
۴.پاڪ ۽ پاڪيزگي (ترجمو ناول)
۵.ادبي گلشن (مضمون ـ ٽي ڀاڱا)
۶.شاه جون سورميون (لطيفيات)
نارائڻ داس ميوارام ڀمڀاڻي
سندس لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
ميوارام ڀمڀاڻيءَ جي گهر ۾
نارائڻ داس ۱۹۱۲ع ۾ جنم ورتو. هن انگريزي ادب ۾
ايم اي ڪئي ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو، اڳتي هلي پروفيسر جي عهدي تي ڪم
ڪيائين، ۱۹۴۷ع کانپوءِ هندستان لڏي ويو، ڀمڀاڻي
صاحب کي سنڌي ادب سان ۽ خاص ناول جي صنف ۽ لطيف شناسيءَ جو شغف هو هن جا لکيل ناول
”مالهڻ“ ۱۹۴۳ع، ”وڌوا“ ۱۹۴۳ع، ”غريبن جو ورثو“ ۱۹۴۶ع گهڻا
مشهور ٿيا، ان کانسواءِ هن ڪي ناول ترجمو ڪيا جن ۾ ٿامس هارڊي جو ناول” پاپ ۽ پاڪيزگي“
خاص آهي، مضمون نويسيءَ جو پڻ ڪوڏيو هو. ”ادبي گلشن“ جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾
مضمونن جا مجموعا شايع ٿيس. لطيف شناسيءَ ۾ سندس ڪتاب ”شاهه جون سورميون“ انهيءَ
وقت پڌرو ٿيو جڏهن هن موضوع تي الڳ سان ڪنهن به قلم نه کنيو هو.
هيءُ ڪتاب لطيفي فن و فڪر جي
اوائلي ڪتابن ۾ اهم شمار ٿئي ٿو. پاڻ پروفيسر ڀمڀاڻيءَ ۾ شاهه عبداللطيف رحه جي
رسالي ۾ آيل سورمين جي ڪردار جو نقشو شاهه جي بيتن سان ڀيٽيو آهي. شاهه سائينءَ جي
سورمين ۾ سندن پنهنجو عڪس ڄاڻائيندي ليکڪ لکي ٿو ته؛ “شاهه جو شعر سندس زندگيءَ
مان اڀري ٿو ۽ شاهه جون سورميون سندس جدا جدا روپ آهن. شاهه شاعر هو ۽ عاشق هو،
صوفي ۽ فيلسوف هو، ۽ سندس سڀاءُ جون اهي چارئي خاصيتون سندس سورمين ۾ نظر اينديون،
پاڻ کي ويهي منجهن اوتيو اٿس. ڪهاڻيءَ ۾ ڪڏهن پاڻ ٿو ڳالهائي ته ڪڏهن سندس
سورميون. جهڙيءَ ريت انڊلٺ جي ستن رنگن جو ڪارڻ سفيد روشني ٿئي ٿي تهڙيءَ ريت شاهه
صاحب جون نظمي وارتائون سندس ئي شخصيت مان اُڀرن ٿيون، سڀني ۾ پاڻ پيو وسي“.
نارائڻ داس ڀمڀاڻي هڪ حساس ليکڪ
هئڻ جي حيثيت سان هن سماج جي طبقاتي فرق يعني اميري ۽ غريبيءَ کي گهڻو محسوس ڪيو
آهي. ۽ پاڻ غربت کي انساني ڪردار نگاريءَ جي سهڻين صفتن جو امين سڏيو اٿس. اهو
اظهار سندن ناولن ”غريبن جو ورثو“ ۽ ”مالهڻ“ ۾ اُتم ملندو اهڙو ئي خيال هن شاهه جي
سورمين جي ڪردارن سان ڄاڻايو آهي. سندن موجب ته: ”شاهه صاحب کي دنيا جي اونهي
آزمودي مان اها ڄاڻ پيئي ته غريبي گُڻن جي کاڻ آهي، جيڪي ڌڻيءَ جا تلاشي آهن، تن ۾
گهرجي صداقت، بلند خيال، نئڙت ۽ قرباني. اهي صفتون شاهوڪارن کان وڌيڪ هن کي غريبن
۾ نظر آيون. شاهه صاحب ڏٺو ته دولت ۾ناز آهي غريبيءَ ۾ نياز آهي ۽ مالڪ وٽ نياز کٽندو
نه ڪِه ناز. ليليٰ ناز ڪري لائن لڌل چينسر هٿان وڃايو پر نوريءَ پنهنجيءَ نياز ڀريءَ
هلت سان ڄام تماچي کي موهي پنهنجي قبضي ڪيو.
ڀمڀاڻي صاحب موجب ليلا ۽ مومل وڏ
گهراڻيون هيون ۽ اهي ئي ٿاٻڙجن ٿيون، مارئي هڪ غريب ڳوٺاڻي هئي پر عمر جي لالچن تي
ڀنڀلجي نه ويئي.
پٽ نه پهريان سومرا! جان ڪي تان
جيان،
تيل نه لائيان تنهنجو، مون
ماروءَ جو من.
سهڻي ۽ سسئيءَ جي ڀيٽ ڪندي ليکڪ
لکي ٿو ته؛ ”سهڻي ۽ سسئيءَ جي وچ ۾ ظاهري مشابهت آهي ٻيئي ڄڻيون، سالڪ بڻجي محبوبن
جي جستجو ۾ پنهنجيون حياتيون قربان ڪن ٿيون، ٻئي دک انت ڪهاڻين جون سورميون آهن. ٻنهي
سورن جي ستايلن موت جي گود ۾ پنهنجن پريتمن جو مشاهدو ماڻيو. مگر انهيءَ ٻاهرينءَ
هڪجهڙائيءَ پٺيان ڪافي تفاوت نظر ايندو. سهڻيءَ جي محبت جون حالتون سسئيءَ جي
حالتن کان ٻيءَ طرح جون هيون. هوءَ چوٽيءَ تي آهي ۽ ان چوٽيءَ تي شاهه جي ٻي ڪا به
سورمي پهچڻ جي سڌ نٿي ڪري سگهي. سسئي پنهونءَ جي آکاڻي شاهه جي وڏي ۾ وڏي ڪوتا آهي
۽ جنهن شوق ۽ باريڪيءَ سان هن سسئيءَ جي دلي جذبن جو نقش چٽيو آهي، اهڙو ٻيءَ ڪنهن
به سورميءَ جو نه ڪڍيو اٿس. سسئيءَ جي بيتن پڙهندي ايئن پيو معلوم ٿئي ته سسئي ڪا
نه ٿي رڙي، پر شاعر جي دل تي دانهون ڪري، ڪوتا جي رَسَ ڪري شاهه جي ٻين سورمين کان
ڪسر آهي. سسئيءَ جي سُرن ۾ جيڪو سوز ۽ شاعراڻي رواني نظر ايندي سا ٻين سُرن ۾ اڻ لڀ
آهي. (ص ۳۵-۵۷)
شاهه جي سورميءَ نوريءَ جي لاءِ
لکي ٿو ته، “نوري به مومل ۽ ليلا جيان نصيب واري هئي جو محبوب جي ميلاپ جو مزو ماڻيائين
ليلا چنيسر جي پٽ راڻي هئي ته نوري ڄام تماچيءَ جي ليڪن نوري ليلا جيان، آنند جي
آغوش ۾ رهي ڦونڊ ۾ نه ڀري.
”مهاڻيءَ جي من ۾، نه گيرب نه
گاءُ.“
شاهه صاحب جي ڪردار مارئيءَ کي
ليکڪ اڏول ۽ مضبوط ڄاڻائيندي کيس ”سچي سورمي“ سڏيو آهي، جنهن جي سيرت بي عيب آهي.
هن نٻل ناريءَ جي دل ٻلواڻ آهي سچائي ۽ پاڪيزگي سندس ٻل آهي. مارن ۽ پنهنجي ڀتار
لاءِ پڪو پريم ئي سندس سيرت جي خوبي آهي. ڀمڀاڻي صاحب مارئيءَ جي داستان جي عام
مروج تمثيل سان متفق نه آهي. سندس موجب سر مارئيءَ ۾ ڪا به تمثيل نه هئڻ گهرجي بلڪه
هي مضمون شاهه صاحب جي شاعراڻي دماغ جي لاءِ ٻوليءَ جي حوالي سان ڪشش رکندڙ آهي.
”سر مارئي“ ۾ شاهه فطرتي شاعر، محب وطن ۽ پنگتي تاريخ نويس نظر اچي ٿو.“
سر ”سورٺ“ تي رايو ڏيندي ليکڪ
لکي ٿو ته: ”سورٺ سان شاهه انصاف نه ڪيو سر سورٺ وڌيڪ وڻندڙ ٿئي ها، جيڪڏهن شاهه
ان ۾ سورٺ جي دلي امنگن جو اظهار ڪري ها. سارو داستان عجيب عبارت سان سينگاريل
آهي، پر سورٺ جي سيرت تي الائي ڇو پردو ڪيل آهي؟ تمثيلي نقطئه نگاهه کان ڪن پڙهندڙن
ته وري سورٺ سان حد بي انصافي ڪئي آهي، جو سورٺ جي معنيٰ ڪئي اٿن ”نفس“ سورٺ ته
سچي راجپوت استري ثابت ٿي، جا پتيءَ سان چکيا چڙهي. سورٺ جي قرباني نظر انداز ڪري
کيس نفس سان مشابهت ڏيڻ وڏي ادبي غلطي آهي“.
منهنجي خيال ۾ شاهه صاحب کي
سرود و سماع جو بيحد شوق هو ۽ هن سڄي تاريخي حقيقت ۾ هڪ راڳ جي عاشق ٻئي راڳ جي
عاشق جي تصوير ڪڍي آهي ۽ سماع جي طاقت بيان ڪندي راڳ جي روحاني برڪت کي بيان ڪيو
آهي. ”سر سورٺ“ انهيءَ شاعر جو لکيل هو، جنهن جي روحاني غذا راڳ هو. راءِ ڏياچ جي
قربانيءَ شاهه کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. سسئيءَ برابر سر ڏنو، سهڻيءَ جي قرباني به
لاثاني آهي. پر راءِ ڏياچ جو ذڪر ڪندي شاهه صاحب سورٺ جي سورن جو بيان انهيءَ خيال
کان نه ڏنو ته راءِ ڏياچ جي اهميت جهڪي ٿي ويندي پر ساڳئي وقت هن سيل ستيا جي مورت
جي قربانيءَ کي ملهائڻ لاءِ پنهنجي نطم جو نالوئي رکيائين ”سر سورٺ“ (ص ۱۰، ۱۰۵، ۱۱۰)
ڀمڀاڻي صاحب شاهه صاحب جي
سورمين جي جيڪا سيرت نگاري پيش ڪئي آهي، سا پنهنجي جڳهه تي منفرد آهي، سورمين جون
انفرادي خوبيون، همت، صبر، سمجهه، سونهن، وفاداري، ۽ حب الوطني بيتن جي حوالي سان
سمجهائيندي گڏوگڏ کين پاڻ ۾ ڀيٽي سندن اجتمائي خوبين کي پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب سان
شاهه جي سورمين جي اهميت اُجاگر ٿي ۽ خاص طور هن موضوع تي وڌيڪ لکجڻ جي شروعات ٿي
جنهن ۾ چند مقالن ۽ مضمونن کان علاوه ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ٿيسز شمار ٿين ٿيون.
جيئن منوهر مٽلاڻيءَ جي مقالي ۾ هن حوالي سان هڪ مڪمل باب آهي ته ڊاڪٽر فهميده
حسين جو مقالو ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ۽ حسن بانو سومرو جو جو مقالو
”شاهه ۽ عورت“ اچي وڃن ٿا. ملڪاڻي منگهارام سنڌي نثر جي تاريخ ۾ لکيو آهي، “۱۹۴۴ع ۾ شاهه لطيف تي باتصوير تنقيدي ڪتاب پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جو
”شاهه جون سورميون“نڪتو جنهن ۾ هن صاحب شاهه جي عورتن جي چترشالا (آرٽ گئلري) ۾گهڙي،
سندن سيرتن جي ڇانٽ ۽ ڀيٽ ڪئي هئي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته اهي شيڪسپيئر جي
سورمين جهڙيون ئي اعليٰ ۽ عليحده سيرتن واريون هيون“.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا