; سنڌي شخصيتون: سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

07 November, 2025

سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا

سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا

حسيب ناياب منگي



هونئن ته شڪارپور ۾ نيڪيءَ ۽ خير جا ڪم ڪرڻ وارا ڪي گهٽ ڪونهن گذريا، پر سيٺ سوڀراج چيٽومل هندوجا جو نالو خلق جي خدمت جي کيتر ۾ نه صرف شڪارپور ۾ پر سکر، ڪراچيءَ ۽ ڪوئيٽه تائين مشهور هو. هي صاحب پنهنجي حياتيءَ ۾ انسانذات جي بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ جيترو ڪم ڪري ويو، سو ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. هن جي ترجيحن ۾ شهر جي ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ توڙي مسڪين ماڻهن جي بُکَ جي خاتمي سان گڏ انهن جي تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏيڻ به هو. شڪارپور جي ساڌُن ۽ سَنتن جِي صحبت ۾ وقت گذارڻ ڪري هُو ڌرمي خيالن جو مالڪ به هو. مندرن ۾ وڃي نه رڳو پاڻ پُوڄا ڪندو هو، پر اتي موجود ماڻهن جا مسئلا ٻُڌي، انهن کي حل ڪرڻ لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو هو. کيس گهڻو چاهه هو ته سندس هٿن مان جيترا خيرَ جا ڪم ٿي سگهن، هو ڪندو رهي. اهو ئي سبب آهي جو پريشان حال ماڻهو، بي وس ۽ لاچار توڙي معذور شخصَ وٽس اچي پنهنجيون ضرورتون پوريون ڪري ويندا هئا.