فتاح ملڪ
سندس وڇوڙو
ياسر قاضي
”جي ديپ وسامِي ويو، سڪرات هلي
ويندي“
سنڌ جو سجِيلو شاعر، ڪهاڻيڪار،
دانشور ۽ ترقي پسند ليکڪن جي لڙهَه جو هڪ اهم موتي، فتاح ملڪ سنڌ کان ٺيڪ هڪ هفتو
اڳ ۱۲ آگسٽ ۲۰۲۵ع تي وڇڙي ويو. عبدالفتاح ملڪَ، پني عاقل ۾ ۴
مارچ ۱۹۳۹ع تي غلام قادر مَلڪ جي گهر ۾ اک کولي. پنهنجي ڄم جي تاريخ بابت فتاح ملڪ
صاحب پاڻ لکي ٿو: ”مُنھنجي ڄم جي تاريخ يقين سان نٿي ٻڌائي سگهجي، ڇاڪاڻ جو اسانکي
اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ڪونه ڪو ملازم وٺي ويندو هو ۽ داخل ڪرائيندو هو. اسڪولي
رجسٽر مطابق منھنجي جنم تاريخ چوٿين اپريل ۱۹۳۹ع آهي.“ فتاح صاحب جن پاڻ ۾ ۶ ڀائر ۽ ۶ ڀينر
هئا. جن مان ٻه ڀائر ۽ سڀ ڀينرون کائنس وڏا ۽ ٽي ڀائر ننڍا هئا. فتاح ملڪ جا وڏا
اصل بلوچستان جا هئا. جنهن بابت پاڻ فتاح لکي ٿو: ”چون ٿا ته اسانجو ڪو وڏو اڪيلي
سر بلوچستان مان اڄ کان ڇهه يا ست سؤ سال اڳ خبر نه آهي ته ڪھڙي سببان گهوٽڪيءَ جي
شھر ۾ اچي مقيم ٿيو. گهوٽڪيءَ کي ان وقت جي بزرگن جي ڪري ’صاحبن جِي لوءِ‘ سڏيو
ويندو هو. صاحب ڪريم ان وقت جا بزرگ سيّد پير مونس شاهه جن هئا، جن ڏينھن ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي به انھن جا مھمان ٿيا هئا. اسانجو وڏو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چواڻيءَ:
بلوچستان جي ڪنھن ننڍڙي رياست جو مالڪ هو. خبر ناهي ته ڪھڙي ڳالهه کين هتي اچڻ تي
مجبور ڪيو، بھرحال هو اتان نڪري صاحب ڪريمن وٽ اچي حاضر ٿيو، ڪجھه وقت ته خادمن ۽
مريدن ۾ هو. سندس زبان شايد بلوچي يا فارسي هئي، انڪري ڪوبه سندن حال احوال ڪونه
پيو وٺي. بعد ۾ پير صاحب جن جڏهن کانئن خبرگيري ورتي ته کين معلوم ٿيو ته همراهه وڏ
گهراڻو آهي. مدد طور کين ڪجھه رقم ڏنائون. جنھن سان ڪو واپار ڪيائون ۽ ڪافي مال ڪمايائون.
جيڪو سمورو اچي پير صاحب جن جي اڳيان رکيائون. پير صاحب جن فقط اوتري رقم کنئي
جيتري کين ڏني هيائون. پوءِ کين پنھنجي حويليءَ سان گڏ گهر به ڏنائون، شادي وغيره
به ڪرايائون ۽ شھر جي ڪوٽوالي به ڏنائون. ان گهٽيءَ جو اڄ تائين ’ڪوٽوال گهٽي‘
نالو رکيل آهي. اسانجو گھراڻو پير صاحب جن جي خاص خليفن مان سڏبو آهي ۽ تمام ٿورن
فردن تي مشتمل آهي. ڪل سؤ سوا ڄڻا آهيون. منھنجو ڏاڏو واحد ڏنو نوڪريءَ جي سبب ڪري
پنو عاقل ۾ آيو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو. منھنجي والد صاحب به پنو عاقل کي پنھنجي ڳوٺ
طور آباد رکيو. سندن شادي چانڊيا خاندان مان امروٽ شريف جي مولوي تاج محمد ڪرائي.“
(ڪتاب: ”جيڪي ياد پيوم“)