حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيؒ
(۱۱۶۵ - ۱۱۰۲ ھجري)
والد : شاھ حبيب
الله.
ڏاڏو : عبدالقدوس
شاھ.
پڙڏاڏو : جمال شاھ.
تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم.
جنم ھنڌ : ھالا
حويلي.
وڏن جو تعلق: ھرات
سان.
۱- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو؟
جواب: ڪوٽڙي
۲- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو
ويو؟
جواب: آخوند
نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾.
۳- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو؟
جواب: عربي، فارسي،
ھندي ۽ سرائيڪي.