; سنڌي شخصيتون: عزيز منگي، منظور ڪوھيار، نادر ابڙو، مجيد نواز مغل، حفيظ چانڊيو،
Showing posts with label عزيز منگي، منظور ڪوھيار، نادر ابڙو، مجيد نواز مغل، حفيظ چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label عزيز منگي، منظور ڪوھيار، نادر ابڙو، مجيد نواز مغل، حفيظ چانڊيو،. Show all posts

23 July, 2017

هدايت منگي

هدايت منگي
صحافتي دنيا جو روشن ستارو
عزيز منگي
ويھين صديءَ جي پھرئين ڏهاڪي ۾ جيڪا موت مار لوڙهه پئي، ان ۾ مُهين جي دڙي ڀرسان ڪچي جي هڪ ڳوٺ درگاهه سخي شاهه جمال ۾ رهندڙ منگي برادري جا سڀ ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا. انھن مان فقط هڪ نوجوان نينگري، جنھن جو نالو سماهبي هو، سا بچي وئي. کيس حاجي لعل بخش پيرزادي پناهه ڏني. ڪجھه وقت کان پوءِ لاڙڪاڻي جي گھاڙ واهه ڀرسان هڪ ڳوٺ سواهي اگھمکان هڪ ڄڃ سکا کڻي درگاهه سخي شاهه جمال پھتي. ان ڄڃ سان گڏ هڪڙو ڳڀرو نوجوان محمد سومر منگي پڻ هو. ان جي چال چلت، اٿڻي ويھڻي توڙي سريلي سڀاءَ کي ڏسي حاجي لعل بخش (جيڪو نامياري صحافي، شاعر ۽ دانشور انور پيرزادي جو نانو هو) آڇ ڪيس ته، جيڪڏهن هو هميشه لاءِ هتي رهڻ چاهي ته کيس گھر ڏيڻ سان گڏ شادي پڻ ڪرائيندو. محمد سومر اهڙي آڇ قبولي ورتي ۽ کيس سماهبيءَ سان پرڻايو ويو. کين چار نياڻيون، حاجياڻي خاتون، حوُر خاتون، خير النساء ۽ خانزادي (عزيز جي ناني) ۽ ٻه پٽ ڄاوا.