پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري
مشتاق باگاڻي
۷ مئي ۲۰۱۷ع تي، تتي ڪاڙهي ۾، آئون ڪچي
رستي واري ڀاڻ تي ڌراڙن سان گڏ ويٺو هوس. فون جي گهنڊڻي وڳي. ”اسلام عليڪم، آئون ڊاڪٽر
محمد لائق زرداري پيو ڳالهايان، اڄ شام جو پنجين وڳي منهنجي رهائش گاهه جيڪا باءِ
پاس ٽائون مورو ۾ آهي اچو ته ڪچهري ڪيون.“ مون اچڻ جو انجام ڏيئي، ڌراڙن کان موڪلايو.
شام جا
پنج ٿيا ته فون جي گهنٽي وڳي؛ ”ڪٿي آهيو؟“ آواز آيو. ”سائين اوهانجي گهر وٽ پهچي
ويو آهيان.“ آئون پهتس ته سائين اڳيئي در تي بيٺو هو، پيار، شفقت ۽ ٻاجهه سان آڌرڀاءُ
ڪري، ڊرائنگ روم ۾ اچي ويهاريائين. سادڙو، سٻاجهڙو، پروقار شخصيت جو مالڪ، مني
صديءَ جي ڄمار وارو بزرگ، منهنجي پاسي ۾ ويٺل هو.
