قاضي عبدالحيُّ ”قائل“
پيا ياد وڇڙي ويل سي
پيارا
ياسر قاضي
سنڌ گھڻن
ئي حوالن سان زرخيز آهي، جنهن جي زرخيزيءَ جو شايد اسان ڌرتيءَ ـ ڌڻين کي به احساس
نه هجي. اسان جا ادارا ۽ وٿُون ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر ادارا توڙي شخصيتُون ٺاهيندڙ
کوڙ سارا اهڙا فرد به هن خطي لاءِ افتخار جو باعث رهيا آهن، جن پنهنجي ڏات توڙي ڏانءَ
سان سنڌ واسين جي خدمت جو فرض ادا ڪري سنڌ جي سينڌ سنوارِي آهي. سنڌ جي اهڙن املهه
ماڻڪن جو ذڪر ڪندي، ڪي اهڙا ڪردار به اسان جي تاريخ جو حصّو نظر اچن ٿا، جن جو
مثال ”لِڪا ڀُڻن لوڪ ۾“ مصداق آهي، جن کي پنهنجي خدمتن جي ستائش جي اون ڪا نه رهي
۽ هُنن پنهنجي مُنهن سان خدمتُون انجام ڏنيُون. اهڙن ماڻهن جو ذڪر توڙي مڃتا شايد
سندن زندگين ۾ ايڏي ڪانه ٿي سگھي، جيترو کانئن پوءِ ايندڙ نسلن سندن قدر کي ڄاتو.