پروفيسر برڪت علي ”ڪريمي“
ابڙو
پروفائيل/انٽرويو: مٺل جسڪاڻي
پنهنجي
سماجي سرشتي جي پاڻ کان وڌيڪ ٻين کي ڪهڙي خبر؟ پنهنجي معاشري ۾ جيڪڏهن ڇهن سالن جو
اڪيلو معصوم پٽڙو، والد جي وفات کان پوءِ گهر جو اڪيلو چشم و چراغ رهجي وڃي، ته ڪير
ڪهڙو اندازو ڪندو ته ان گهر جو گاڏو ڪيئن هلندو ۽ اهو ٻارڙو وڏو ٿي ڇا ٿيندو؟! اهڙيءَ
صورتحال ۾ گهڻا آباد گهر، برباد ٿي ويا ۽ ڪيترا ئي وقتي ڏکيائون ڏسي، سهي، اڳتي وڌي،
ٻين لاءِ مثال بڻجي پيا. اهڙو ئي هڪ مثال آهي سنڌ جي قديمي شهر نصرپور ۾ جنم وٺندڙ
برڪت علي ابڙو، جنهن جي ننڍي هوندي، ڇهن سالن جي عمر تائين والدين گذاري ويا، يتيم
۽ اڪيلو پٽ هجڻ جي صورت ۾ گهر جي وڏي جي حيثيت ۾ پاڻ ملهائيندي، وڏو ٿيو ته
پروفيسر برڪت علي ابڙو به ٿي پيو، شاعر ٿيو ته ”فرخ“ ۽ نثر نويس ٿيو ته ”ڪريمي ابڙو“
طور سڃاڻپ ماڻيائين ۽ نالو ڪمايائين.
