شعبان بخت
منهنجو محسن استاد
ڊاڪٽر نجمه نور ڦلپوٽو
سال
۱۹۸۵-۸۶ع ۾ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد ۾، بي ايڊ ٿي ڪيم. ان دوران اسان جي ڪلاس وارن، هڪ
پارٽيءَ جو اهتمام ڪيو. ان پارٽيءَ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مان ڪن تقرير ٿي ڪئي، ڪن
تاثرات پئي بيان ڪيا ته ڪن گيت ٿي ڳايا ته ڪن شاعري ڪري داد ٿي وصول ڪيو. ماحول
پئي محظوظ ٿيو، ان ۾ مون به پنهنجي ڪچي پڪي شاعري پيش ڪئي.
