; سنڌي شخصيتون: يوسف، کتري، حڪيم،
Showing posts with label يوسف، کتري، حڪيم،. Show all posts
Showing posts with label يوسف، کتري، حڪيم،. Show all posts

16 July, 2017

حڪيم يوسف کتري

حڪيم يوسف کتري
خود نوشت
ڄم جو نالو ۽ ولديت: محمد يوسف ولد محمد صالح کٽي.
بنيادي طور تي اسين ڪڇي قوم سان تعلق رکون ٿا. ڪڇ ۾ اسان جا وڏا مڏئي ۾ رهندا هئا، جيڪو انڊيا جو بندر به هو. اتان کان سال ۱۹۴۵ع ڌاري سعيد پور ٽڪر، پوءِ ماتليءَ ۾ لڏي آيا. آئون ماتلي ۾ ڄايس ۽ سال ۱۹۶۹ع ۾ وري ٽنڊو محمد خان ۾ لڏي آياسين. پرائمري تعليم ۽ ڇهون ڪلاس ماتليءَ ۾ پڙهيس. مڊل تعليم رمضان ميموريل اسڪول ۾حاصل ڪيم. ميٽرڪ ٽنڊو محمد خان هاءِ اسڪول مان پڙهياسين. ايم اي سنڌي ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪيم. فارسي خانه فرهنگ ايرن مان ۳ ڪلاس پاس ڪيم. هندي نارائڻ داس ۽ نعيم کان سکيس. هاڻ وسري وئي آهي.