غلام حسين رنگريز
رڻ مان رڙ ڏيندڙ
نظام الدين ڪاڪا
جڏهن
بهار جي مند جي آمد ٿيندي آهي ته سڪل سلا ساوا ٿي پوندا آهن ۽ مرجهايل من جرڪي
پوندا آهن.گلاب جا گل، موتئي جا گل پنهنجي جوڀن ۾ ڦولارجي پوندا آهن.آسمان ڪارن ڪڪرن
سان ڪارونڀار ڪري ڌرتيء مٿان ڇانو ڪندو آهي ته بهار جي مند ۽ آبهوا ماڻهن جر مزاج
۽ طبيعتن ۾ توانائي بخشي ڇڏيندي آهي. انهيءَ لاءِ ته سائين رنگريز پنهنجو هي شعر
لکيو:
ڪڏهن
ته موٽي بهار ايندو، اڱڻ اسان جي گلاب ٽڙندا
وصال
وايون وري ورنديون، صدين جا ڪيئي حجاب ٽٽندا.