ماسٽر منظور
سنڌ جو لاڏلو فنڪار
ابراهيم لاشاري
سنڌ قدرت جي مٽي جو اهو خطو آهي جتي زندگي جي سمورن رنگن سان مالال نظر پئي ايندو پوءِ ڇو نه اهي رنگ سياسي هجن سماجي، علمي، ادبي يا ثقافتي سنڌ ڌرتي تي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪرڻ وارن ماڻهن جي ڪا ڪمي ناهي پوءِ اهي شاعر هجن يا سگهڙ اداڪار هجن يا فنڪار جيڏانهن به نگاھ ڪبي هر طرف ڪنهن نه ڪنهن رنگ سان هن ڌرتي جو اهو لاڏلو نظر پيو ايندو. اهڙن ماڻهن منجهان اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ نئون ٺارو وڌو جي مکڻو فقير جي گهر کان ۸ جولاءِ ۱۹۷۴ع سومر جي ڀلاري ڏينهن ماسٽر منظور اکيون کوليون. سندس ڇٺي جو نالو (قدر حسين) هو. مگر پيار منجهان سمورا گهر ڀاتي ۽ دوست وري منظور علي ڪري سڏيندا هئا. سندس والد مکڻو فقير وقت جو هڪ يگانو فنڪارن ۾ شمار ٿيندو هو هر پيءَ ماءُ جي خواهش هوندي آهي ته پنهنجي ٻار جي تربيت سٺي ڪري ڪونه ڪو آفيسر ٿئي نوڪري جي ڪرسي ماڻي مڱر مکڻي فقير جي من منجھ سندس خواهش هئي ته هن جو اکين جو ٺار پٽ ماسٽر منظور به ڳائڻ وڄائڻ واري ئي ڪرت سان سلهاڙ جي وڃي ۽ ٿيو به ائين ئي ماسٽر منظور شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ منجهان حاصل ڪئي. بعد ۾ سندس سڄو ڪهول (خاندان) قمبر شهر اچي وسايو. بعد ۾ هن وڌيڪ تعليم قمبر مان حاصل ڪئي.