ابوالعباس احمد
بن عبدالله بن سعيد ديبلي
عربن سنڌ جي شهر ديبل کي فتح
ڪيو، اُن کان پوءِ اتي مدرسا کوليا ويا، جن ۾ پڙهندڙن کي ’ديبلي‘ سڏيو ويندو هو.
ابوالعباس به ان حوالي سان ديبلي عالم ۽ محقق هو. هن علم جي اُڃ اُجهائڻ
خاطر ڪيترا ئي ملڪ گهميا. وڏن عالمن کان حديثون ٻڌائين. ابوبڪر محمد بن اسحاق بن
خزيم جي دور ۾، نيشاپور ۾ حسن بن يعقوب جي خانقاهه ۾ اچي رهيو ۽ اتي علم پرائيندو
۽ ڏيندو رهيو. رجب ۳۴۳هه/۹۵۴ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس حيره جي
تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا