; سنڌي شخصيتون: احمد ملاح مولوي

10 November, 2012

احمد ملاح مولوي


احمد ملاح مولوي

سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي بدين جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري ۱۸۷۷ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي تعليم، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان تعليم مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. ان کان پوءِ بدين جي مدرسي ”مظهر العلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو.


سال ۱۹۳۲ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي بدين جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب آباد محلو جوڙيائين. اتي ئي هڪ مدرسو ”انوار العلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.
مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۲۲ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ ۴ مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو.
مولوي حاجي احمد ملاح جو سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي. تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس علمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي. بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو ارباب الله جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (۱۹۶۹ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۱۹۷۸ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو. ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي، ڪجهه سال اڳ، اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو. ان جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ، تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي.
سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن.
نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الا اللہ“ پڻ ڇپيل اٿس.
سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي تاج جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (۲۰۰۳ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي.
سنڌ جي هن بيمثال شاعر ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۹ع تي وفات ڪئي. سندس مزار بدين شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي تصوير موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ ان تان خوبصورت تصوير پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد تصوير آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا