; سنڌي شخصيتون: احمد بخش سنڌي - جاويد بوزدار

25 November, 2012

احمد بخش سنڌي - جاويد بوزدار

احمد بخش سنڌي
ھندستاني سيست جو سرگرم ڪردار
جاويد بوزدار
هر سنڌي لاءِ اها قدرتي ڳالهه آهي ته هو اها ڳالهه ڄاڻي ته سنڌين جي دنيا ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ڪيئن آهن ۽ سنڌ کان ٻاهر هنن جون ڪهڙيون سرگرميون آهن ۽ ڪهڙيون اهم شخصيتون مختلف ميدانن ۾ جاءِ ٺاهي رهيون آهن. اها ته هر ڪنهن کي ڄاڻ آهي ته ورهاڱي لکين سنڌين لاءِ اذيتن، ذلتن، ڏکن ۽ ڏوجهرن جو نه کٽندڙ سلسلو آندو، توڙي جو جاگرافيائي لحاظ کان ته سنڌ ورهائجڻ کان بچي وئي پر ورهاڱي سبب پهتل نفسياتي ۽ روحاني زخم ايترا ته گهرا آهن جو ۶۵ سالن جو ڊگهو عرصو گذرڻ باوجود اهي اڄ به اذيتون ڏئي رهيا آهن. عام طور تي ورهاڱو ذهن ۾ اچڻ سان اسان سڀني جي ذهن ۾ اها ڳالهه اچي وڃي ٿي ته ان سان نه رڳو لکين سنڌي هندو خاندان متاثر ٿيا ۽ انهن پنهنجي ڌرتي ڇڏي هندستان، عرب ملڪ، وچ اوڀر ايشيا ۽ ٻيا ملڪ وسايا، پر اها حقيقت به آهي ته اڪثر هندو سنڌي متاثر ٿيا پر اها ڳالهه درست نه ٿيندي، نه رڳو هندن لڏ پلاڻ ڪئي پر ڪيترائي سنڌي مسلمان ۽ سنڌي عيسائي خاندان به متاثر ٿيا ۽ کين پنهنجن پيارن ۽ پنهنجي ڌرتي کان ڌار ٿيڻو پيو. ان کان سواءِ سنڌي پارسين ۽ سنڌي يهودين کي به نفسياتي طور جنم ڀوميءَ کان جدا ڪيو ويو. ڪيترائي سنڌي مسلمان خاندان ڌرتي کان ڌار ٿيا، انهن مان ڪجهه گجرات هليا ويا ته ڪيترائي وري راجسٿان ۾ آباد ٿيا. بيڪانير جي سنڌي سياستدان ۽ سماج سڌارڪ احمد بخش سنڌي جو خاندان به متاثرن مان هڪ هو.


احمد بخش ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۱۷ع تي راجسٿان جي ضلعي بيڪانير ۾ حاجي مولا بخش سنڌيءَ جي گهر ۾ اک کولي، سندس والده جو نالو سائره مزن هو. هو اڃا ۸ ورهين جو هو ته سندس والد لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن ڪري کيس ابتدائي پرائمري تعليم سندس والده ڏني. هو انتهائي ذهين شاگرد هو. ۱۹۴۴ع ۾ هن مشهور علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي مان ايم اي ۽ قانون ۾ بيچلرز ڊگري حاصل ڪئي ۽ بهترين مارڪون حاصل ڪري پهريون نمبر آيو، جنهن ڪري کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو. ۱۹۴۴ع تائين ڊنگر ڪاليج بيڪانير ۾ فلسفي جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو. نوڪري ملڻ جي هڪ سال کان پوءِ ۶ جون ۱۹۴۵ع تي هن بيڪانير جي رهواسڻ ناري امينا بيگم سان شادي ڪئي، کين ۶ ٻار ڄاوا جن ۾ ۵ ڌيئرون ۽ هڪ پٽ هو.
هندستان جي آزاديءَ جي هڪ سال کان پوءِ احمد بخش جو سياسي ڪيريئر شروع ڪيو، کيس بيڪانير رياست جي مهاراجا سرسول سنگهه رياست جو ڪابينا وزير مقرر ڪيو. ۱۹۴۹ع کان ۱۹۸۰ع تائين احمد بخش جوڌپور جي زيب منزل لاءِ راجسٿان هاءِ ڪورٽ ۾ قانوني ويڙهه ڪندو رهيو. هو غريبن کي کاڌو کارائڻ ۽ سماجي ڪمن لاءِ علائقي ۾ مشهور هو. هن سردار پوره قبرستان جي آس پاس رهندڙ بي گهر ماڻهن کي اجهو فراهم ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي.
۱۹۷۱ع ۾ هن هندستان ۽ سوويت يونين وچ ۾ دوستي ۽ سهڪار جي معاهدي بابت ڳالهين ۾ حصو ورتو ۽ بحث ڪرائي ٺاهه ۾ ترميم ڪري اها شق شامل ڪرائي ته ”جيڪڏهن ڪنهن ملڪ اسان (هندستان) تي حملو ڪيو ته اسان مڪمل طور پنهنجي دفاعي وسيلن تي ڀاڙينداسين ۽ دوست ملڪن کان جيتري ممڪن هوندي مدد وٺنداسين.“ ۱۹۸۰ع ۾ هو جوڌپور مان راجسٿان اسيمبلي (وڌان سڀا) جو ميمبر چونڊيو ۽ ستت ئي پوءِ کيس هڪ سال لاءِ اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. ۱۹۸۳ع ۾ سندس سياسي ڪيريئر ۾ وڏي ڪاميابي ملي جڏهن کيس اندرا گانڌيءَ جي هدايت تي شوچرن ماٿر جي سربراهيءَ ۾ راجسٿان جو قانون ۽ انصاف وارو وزير بڻايو ويو هو ان عهدي تي مارچ ۱۹۸۵ع تائين رهيو. ان کان پوءِ سگهو ئي هو سياست تان رٽائر ٿي ويو.
ان کان پوءِ ڪجهه سال هو هندستان ۽ آمريڪا ايندو ويندو رهيو. سندس پٽ، ڌيئرون، پوٽا ۽ ڏوهٽا آمريڪا ۾ رهندا هئا ۽ آخرڪار ۱۹۹۴ع ۾ هو پاڻ به مستقل طور آمريڪا هليو ويو، سن ۲۰۰۰ع ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي ۽ کيس ڊيٽرائيٽ جي وليم بيومونٽ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي ۲۸ اپريل ۲۰۰۰ع تي هن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا