; سنڌي شخصيتون: ابڙو عبدالڪريم چشتي

10 November, 2012

ابڙو عبدالڪريم چشتي


ابڙو عبدالڪريم چشتي
مولانا عبدالڪريم ولد عبدالله ابڙو ”چشتي“ سن ۱۳۱۴ھ مطابق ۱۸۹۶ع ۾ شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنھنجي ويجھي عزيز مولانا غلام رسول چشتيءَ وٽان حاصل ڪيائين. عربي ۽ فارسيءَ جي وڌيڪ تعليم شڪارپور جي ”وڪٽوريه جوبلي انسٽيٽيوٽ“ ۾ مولانا عبدالرحمان ميمڻ وٽ حاصل ڪري، ۱۹۱۷ع ۾ فارغ التحصيل ٿيو.


فارغ ٿيڻ کان پوءِ ۱۹۱۷ع ۾ انڊين ھوم رول ليگ ۾ شامل ٿيو. سن ۱۹۱۸ع ۾ ڪانگريس ۾ آيو. ھن شڪارپور ۾ ”انجمن مجاھدين اسلام“ تنظيم قائم ڪئي. ۱۹۱۹ع ۾ خلافت ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ۱۹۲۰ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو.
ھن ۱۹۱۲ع ۾ شڪارپور ۾ ”محموديه عربيه“ مدرسو نالي قائم ڪيو. ۱۹۲۴ع ۾ ”انجمن اشاعت الاسلام شڪارپور“ جو بنياد رکيائين. ان کان پوءِ تبليغ ۽ تنظيم جو ڪم ڪندو رھيو. سال ۱۹۲۷ع کان ۱۹۲۹ع تائين صحافت سان واسطو رھيس.
سال ۱۹۵۰ع ۾ يارھين ”سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ ”محبانِ سنڌ“ جو خطاب حاصل ڪيائين.
ساڳئي سال ۾ شڪارپور ميونسپل جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ ٿي رھيو. ان کان علاوه نيو ايرا ھاءِ اسڪول، موجوده قاضي حبيب الله ھاءِ اسڪول، شڪارپور جو چونڊيل صدر، ”مدرسه عربيه محموديه“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن اھل سنت“ شڪارپور جو صدر، ”انجمن طلباءِ شڪارپور“ جو صدر، جمعيت العلماءِ اسلام شڪارپور جو نائب صدر ۽ جامع دينيه دارالھديٰ ٺيڙھي جو نائب صدر ٿي رھيو.
مولانا صاحب ۵۵ ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان ۷ فارسيءَ ۾ ۽ باقي سنڌي زبان ۾ آھن. مولانا صاحب حياتيءَ ۾ ۳ حج ڪيا. ھن ۱۹۶۴ع ۾ وفات ڪئي.

No comments:

راءِ ڏيندا