; سنڌي شخصيتون: ادا قاضي - احسان دانش

10 November, 2012

ادا قاضي - احسان دانش


ادا قاضي
احسان دانش
ادا قاضي جو اصل نالو فضل ڪريم قاضي آهي. هن لکڻ جي شروعات ڪالمن ۽ ڪهاڻين سان ڪئي، شاعري جي ميدان ۾ آزاد نظم ۽ نثري نظم ۾ پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس ڪهاڻين ۽ ڪالمن جو تعداد چڱو خاصو آهي. هن جون تخليقون سنڌي ٻولي جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيون رهيون آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي. ادا قاضي جا ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب
1.                  ڪاري.
2.                  سام.
شايع ٿي چڪا آهن.


جڏهن ته اڃا به وٽس ڳچ ڪهاڻيون موجود آهن، ان کان سواءِ سندس شاھ سائين جي ڪلام تي لکيل مقالن جو ڪتاب زيرِ اشاعت آهي.
ادا قاضي هڪ اهڙو ڪهاڻيڪار آهي، جنهن سنڌي معاشري جي مختلف براين تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سرجيون آهن. خاص طور هڪ ئي موضوع جي مختلف رخن تي لکيل سندس ڪهاڻيون پنهنجي الڳ حيثيت رکن ٿيون. ادا جي ڪهاڻين جي ٻولي به ماحول پٽ-اندر آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا