شيخ اياز
عالمي امن ۽ روشن خياليءَ جو شاعر
فياض لطيف
مهذب سماج، ملڪ ۽ قومون، پنهنجي
قلمڪارن، عالمن ۽ دانشورن وسيلي سڃاتيون وينديون آهن. جيئن ڪنهن به ملڪ جي سرحدن
جا محافظ ان ملڪ جا جوڌا جوان ۽ جرنيل هوندا آهن، ائين ئي قومن جي وقار، تهذيب،
تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو
هوندو آهي.
ڪنهن به سماج، قوم ۽ ملڪ ۾ هڪ
عظيم ۽ آدرشي قلمڪار جو ڪردار ۽ موجودگي ڪنهن وڏي وٿ جيان ٿي هُجي. سماجن ۾ عام
فردن جو جنم افرادي قوت ۽ تعداد ۾ اضافي کان سواءِ وڌ ۾ وڌ اهو ئي ڪارج ۽ ڪردار
ادا ڪري سگهندو آهي، جو سماج جي روايتي ڌارا جو حصو بڻجي، پنهنجي حصي جو ڪم
سرانجام ڏئي سگهندو آهي، پر هڪ سرجڻهار ۽ آدرشي انسان پوري ملڪ، قوم، سماج ۽
ماڻهپي جو طرفدار ۽ داعي هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وجود ۾ عملي ۽ انقلابي به هوندو
آهي، انهيءَ ڪري عظيم ۽ آدرشي سرجڻهار نه صرف ڪنهن هڪ ملڪ، ڪنهن هڪ قوم ۽ ڪنهن
هڪڙي سماج جو سرمايو هوندا آهن، پر اهي عالمِ انسانيت جو املهه اثاثو هجن ٿا.
انهيءَ ڪري ئي سولزي نٽسن چيو آهي ته: ”هڪ سچو اديب هڪ حڪومت جي طاقت برابر هوندو
آهي.“
ڪنهن به ملڪ ۽ قوم ۾ عظيم ۽
آدرشي انسان روز بروز پيدا نه ٿيندا آهن. انهن جي جنم لاءِ ڌرتيءَ کي سالن ۽ صدين
جا اوسيئڙا ۽ اوجاڳا ڪرڻا پوندا آهن. تاريخ ۽ تهذيب، امن ۽ آشتي، سندرتا ۽ سچ،
محبتون ۽ آجپو انهن جي آمد لاءِ عرصي تائين منتظر رهندا آهن ۽ جڏهن انهن جو جنم
ٿيندو آهي، تڏهن اهي نه فقط پنهنجي دؤر جا ساکي ۽ سرواڻ بڻجي پيدا ٿيندا آهن، پر
هو پنهنجيءَ ذات ۽ حيات ۾ ماضيءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جو تسلسل، نئين ۽ روشن خيال فڪر
جا ترجمان ۽ ايندڙ وقت جي حالتن جو ادراڪ ۽ احساس رکندڙ، اهڙا پُر دماغ ۽ پُر
بصيرت پُرش ٿي اُڀرندا آهن، جن جو عمل ۽ ويچار نه فقط پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ
رهنمائيءَ ۽ راهه جو مثال بڻجي پوندو آهي، پر انهن جي تخليقي صدا سمورين مظلوم
قومن ۽ عالم انسانيت جي آواز ۽ احساس جي ترجمانيءَ جو حق به ادا ڪندڙ هوندو آهي.
قومن ۽ سماجن جا اهي مُحسن فرد،
پنهنجي وجودن ۾ سراپا سمونڊ ۽ فڪري سرڪشي جو نمونو هوندا آهن. هو پنهنجي دؤر جي
رواجن، روايتن ۽ طئي ٿيل تربيتي سرشتي جي پيداوار ڪونه هوندا آهن، پر هو پنهنجي
ذات ۽ زندگيءَ ۾ خود ئي راهه به هوندا آهن ته روشني به، سُرت به هوندا آهن ته سگهه
به، جاڳ به هوندا آهن ته جولان به، جيت به هوندا آهن ته جرئت به، مطلب ته هو
پنهنجي وجود جي قطري ۾ بحرِ بي ڪران جو محبوب مثال ٿيندا آهن.
چالو ۽ روايتي نظام ۽ سرشتا ته
اڪثر گهُمنڊي، کوکلا ۽ تنگ نگاهه ماڻهو پيدا ڪندا آهن، جن جي ذهن ۽ ضمير جون دريون
پوريل هونديون آهن. هو پوري زندگي پاڻ پڻي جي خول ۾ گذاري مٽيءَ ۾ مٽي ٿي ويندا
آهن، پر عظيم ۽ آدرشي ماڻهو روايتي راهن ۽ مروج مرده نظامن کي ٺُڪرائي، زندگيءَ جي
روشن راهن کي اپنائڻ سان گڏوگڏ ٻين لاءِ سُکُ، امن، آزادي ۽ آجپي جا خوبصورت خواب
کڻي جيئندڙ هوندا آهن. هو پنهنجي ذاتي مفادن بدران قومي ۽ انساني قدرن کي اوليت
ڏيندڙ ۽ اجتماعي آجپي جا پاسدار ٿيندا آهن. اتهاس جي اهڙن اڏول ۽ امر انسانن ۾ ڪي
ماڻهو ته بنهه ئي بي مثال هوندا آهن، ڇو ته جيڪا حاصلات هو پنهنجي ملڪ، قوم ۽ ان
سان گڏوگڏ پوري انسان ذات کي ڏئي ويندا آهن، اها حاصلات ايتري ته نرالي ۽ اَملهه
هوندي آهي، جيڪا ڪنهن ٻئي انسان هٿان ناممڪن هوندي آهي. اها املهه ۽ لاڀائتي
حاصلات ڪا جسماني ۽ ڌن دولت جي نه هوندي آهي، پر اها انساني شعور ۽ دانشمنديءَ جي
دنيا سان لاڳاپيل ۽ خالص تخليقي ۽ ادبي نوع جي هوندي آهي.
شيخ اياز جو نالو به اهڙن آدرشي
۽ اَملهه سرجڻهارن ۾ شامل آهي، جن پنهنجي تخليقي اظهار ۽ آواز سان پنهنجي ملڪ ۽
قوم جي لاچار، بيوس ۽ اٻوجهه ماڻهن جي تقديرن کي تبديل ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ ۾ ”شاهه،
سچل ۽ سامي“ جي ٽه مورتي وڏي وقعت ۽ عظمت جي حامل آهي. انهن ٽنهي آدرشي سرجڻهارن
پنهنجي قلم ۽ ڪردار سان پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ماڻهن جي مَن ۾ جيڪو شعور، سجاڳي،
سُرت، امن، آجپي ۽ اخوت جو ٻج پوکيو، اهو بي مثل ۽ بي بدل آهي. ڀٽائي پنهنجي
نماڻي، فڪري، نفاست ڀرئي ۽ تصوف جي گيڙوءَ رتي رنگن ۾ رتل محبتن، عبادتن، عشق،
جدوجهد، قرباني ۽ پنهنجن ماڻهن ۽ عالمِ انسانيت سان اُنس جو درس ڏنو آهي ته درازن
جي تاج ڌڻي سچل سرمست، منصوري مستي ۽ عارفانه عشاقيءَ سان ”خود شناسي“ ۽ ”خدا
شناسيءَ“ جو فلسفو ۽ فڪر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سامي پنهنجي سلوڪن ۾ ويدانت جي
ويچارن کي پنهنجي شبدن جي شاعراڻن آڱرين سان اُٿلائي پٿلائي ”مايا“ جي مُنجهيل سُٽ
کي عام اڳيان سُلجهائي عيان ڪرڻ جي جستجو ڪئي آهي. توڙي جو اندازِ بيان ۽ اظهار جي
حوالي سان لطيف سائين جو ”آواز“ سرمست کان ۽ سرمست جي ”صدا“ ساميءَ جي ”سلوڪن“ کان
مختلف ۽ نرالي آهي، پر انهن ٽنهي جي ”سڏ، پڙاڏي ۽ پڪار“ جو فڪري ۽ احساساتي تاثر ۽
مجموعي مفهوم ”امنِ عالم، انساني اخوت، سنڌ سڪار ۽ عالم سڀ آباد“ هجڻ آهي.
”شاهه، سچل ۽ سامي“ جنهن فڪر ۽ نظريي جي نفيس
ڌاڳن سان پنهنجي عشق ۽ اُنس جي آڏاڻي تي سنڌي سماج ۽ عالمِ انسان لاءِ محبتن، امن
۽ آجپي جو لباس اُڻيو آهي، شيخ اياز جديد دؤر ۾ ان فڪر ۽ نظريي جو وڏو شارح، مدبر
۽ مفسر آهي. اياز پنهنجي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو ويدانيت ۽ وحدت الوجود جي رنگن سان
گڏوگڏ جديد دؤر جي زندگيءَ جي مسئلن ۽ مامرن جي اهڙي احساساتي ۽ فڪري سنگم سان
جوڙيو آهي، جو هو نه فقط هِن صديءَ جو تمام سگهارو، سُچيت ۽ عظيم شاعر ٿي اُڀريو
آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ جيڪا فڪري سگهه، سرلتا، سماجي سُرت، اندازِ بيان جي نُدرت،
ٻولي ۽ خيال جي بي ساخته اُڇل، فني حسناڪي ۽ عالمِ انسانيت جو احساساتي درد ۽
اُلڪو موجود آهي، ان کي پسڻ ۽ پُرجهڻ کان پوءِ وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته ”اياز صرف
موجوده صديءَ جو وڏو شاعر نه، پر صدين جو سرجڻهار آهي.“ نامياري ليکڪ تاج جويي
چواڻي ”جيئن اڍائي صديون گذرڻ کان پوءِ به ڀٽائيءَ جي عظمت ۽ اهميت برقرار آهي،
تيئن اياز ايندڙ صدين ۾ به زنده رهندو، ڇو ته اياز ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان
۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي.“
هي سپنا
منهنجي جهوليءَ ۾
هي آڌيءَ
رات اُڻت لوڪو!
ڪجهه شاهه
ڏني، ڪجهه شيخ ڏني
هِن
سنڌڙيءَ کي صورت لوڪو!
شيخ اياز پنهنجي ڪوتائن ۾ ڪنهن
حد تائين توڙي جو فڪري ۽ موضوعاتي طور ڀٽائيءَ جي صوفياڻي رنگ ۽ لوڪ داستانن کي
اپنايو آهي، پر ان جي باوجود هُن پنهنجي شاعريءَ جي بدن ۾ نون احساسن، نرالين
تشبيهن، انوکن استعارن، نج سنڌي ترڪيبن، تُز ٻوليءَ، حواسن کي ڇهي ويندڙ عڪسن ۽
جمالياتي منظرن کان علاوه داخلي توڙي خارجي دنيا جي هر ان ڪيفيت ۽ احساس جو روح
اوتيو آهي، جنهن جو تعلق زندگيءَ سان هجي ٿو ۽ اهو عمل سچ ته اياز کي، سنڌي زبان ۾
”شاهه، سچل ۽ سامي“ جهڙن ديو قامت ۽ عظيم شاعرن جي موجودگيءَ جي باوجود هڪ الڳ،
انفرادي ۽ تمام وڏي شاعر هجڻ واري شناخت عطا ڪري ٿو.
شيخ اياز پنهنجي ڪوتا ڪتاب ”ڪپر
ٿو ڪُن ڪري“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي: ”مون سنڌ جي ڪهاڻين (لوڪ داستانن) وارا سڀئي سُر
ٻيهر لکيا آهن ۽ هر سُر ۾ ڪنهن خيال کي ان جي توڙ تائين رَسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
مون کان اڳ هر سنڌي شاعر هر سُر ۾ وحدت الوجود جي فلسفي کي پيش ڪيو آهي، پر مون هر
سُر ۾ هڪ نئون خيال پيش ڪيو آهي ۽ ان جو سلسلو قائم رکي ان کي گهربل نتيجي تي
پهچايو آهي. مان ڀانيان ٿو ته ماضيءَ جي ادبي روايتن کان ناتو ٽوڙڻ هڪ جذباتي غلطي
ٿيندي... اهو غلط آهي ته ماضيءَ سان رشتو قائم ڪري، شاعر حال کان ڪٽجي ويندو آهي.
جي هُن ۾ ڏات آهي، سچائي آهي ۽ جي هو پنهنجي ڀرپور جذبي، تجربي ۽ خيال جي گهرائي
سان لکي سگهي ٿو ته هو ماضيءَ سان رشتو جوڙي به حال جو ترجمان ٿي سگهي ٿو.“
بيشڪ اياز ماضيءَ جو حال ۽ حال
جو مستقبل سان رشتو جوڙي سنڌي شاعريءَ کي فڪر ۽ فن جو نئون ۽ انوکو اُفق عطا ڪيو
آهي.
هيءَ جا
منهنجي شاعري، ڪانڪَهه وارو لَڪُ
جنهن ۾
ڪوئي ٿڪ، مور نه ڏسندؤ ماروئو!
اديب ۽ قلمڪار پنهنجي عوام ۽
انسانيت جو ضمير ٿيندا آهن. جيڪڏهن سياستدان ۽ سماج جو ڪوئي ٻيو عام فرد وقتي
حالتن سان سمجهوتو ڪري خاموشي اختيار ڪري ٿو ته اها ان جي سياسي ۽ سماجي حرفت ۽
حڪمت عملي جو حصو ٿي سگهي ٿي، پر اديب ۽ سرجڻهار لاءِ سچ جي حوالي سان خاموشي ۽
ماٺ ڪوڙ جي برابر هوندي آهي، ڇو ته هڪ ذميوار ۽ سماج وادي اديب ۽ قلمڪار جي احساس
۽ آواز سان قومي ۽ انساني آجپي جي صداقت سلهاڙيل هوندي آهي.
”ڏات
وڏي شيءِ ناهي
پر سچ وڏي
شيءِ آهي
۽
جو سچ مچائي،
سو مچ وڏي
شيءِ آهي.
فرانس جي قلمڪار ڪاڪشو کان ڪنهن
پڇيو هو ته ”جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ باهه لڳي پئي ۽ ان ڪمري ۾ اندر هڪ معصوم ٻار ۽ هڪ
مورتي هجي ۽ توکي رڳو ايتري فرصت ملي جو ٻنهي مان هڪ کڻي سگهين ته ڇا کڻندين؟“
ڪاڪشو بنا هٻڪ ۽ سوچ ويچار جي وراڻيو هو ته: ”مان اها باهه کڻندس، جنهن سان معصوم
ٻار ۽ خوبصورت مورتيءَ سان گڏ ٻيو گهڻو ڪجهه سڙي رک ٿي وڃڻ جو خطرو آهي.“
شيخ اياز پنهنجي ڌرتيءَ ۽
پنهنجن ماڻهن جي اهنجن ۽ عذابن جو پورو احساس ۽ ادراڪ ٿي رکيو. انهيءَ ڪري هن
پنهنجي گيتن کي اها صدا ۽ گونج عطا ڪئي، جنهن نه صرف مظلوم ۽ ويساهه وڃايل ماڻهن ۾
جرئت ۽ جوان مردي پيدا ڪئي، پر انهن ۾ جئاپي جو نئون جذبو ۽ جوش به جاڳايو آهي.
نتيجي ۾ ڌرم جي نالي ۾ نفرتن جو پرچار ۽ وقت جي اورنگزيبن سان ٻِٽ ٿي سنڌ جي سرمدن
۽ دارائن خلاف فتوائون جاري ڪندڙ ٽولو، هميشه اياز ۽ سندس شاعريءَ جو ويري ۽ دشمن
بڻيو آهي. اياز جي شاعري فقط اياز جي داخلي وارتائن ۽ شخصي ڪيفيتن جو عڪس نه آهي،
پر اها ڌرتي ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي دلين جو سُڏڪو ۽ صدين جي اتهاس جي سچائيءَ جو آواز
آهي. جنهن تعصب ۽ اوچ نيچ جي ڪٺورتا سان ڀٽائي اڌ صديءَ تائين جهيڙيو، اياز به
انهن محبت، امن، انساني سڪون ۽ شانتيءَ جي ويرين ۽ استحصالين خلاف هميشه ويڙهه ۾
رهيو آهي. پنهنجي فڪري ۽ روحاني مرشد لطيف سائين سان مخاطب ٿي پنهنجي هڪ نظم ۾ چوي
ٿو:
”منهنجا
گيت ڀٽائي تنهنجي
جنگ پيا
جوٽن
تو وٽ جو
دنبورو هيو
تو ڪالهه
تعصب جي سر تي ڦهڪايو هو
تو جا
وائي ڳائي هئي، بيت به جيڪو ڳايو هو
سنڌ ديس
جي ڌرتيءَ تي ڦهلايو هو
ان ۾ ڪائي
جنگ هئي، ڌرتي ڪيڏو تنگ هئي
ڪالهه
تعصب وارن کان
تن ککيءَ
جي کارن کان
ماڻهو
ماڻهوءَ جي من ۾
جن ڪا
بدبو ڦهلائي هئي
هوءَ جا
تنهنجي جنگ هئي
سا اڄ
تائين جاري آ........!“
هڪ شاعر، زندگيءَ جي روح ۽
رفتار جو احساساتي ۽ جذباتي سونهون ٿيندو آهي. هو پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي اندروني
اک سان تاريخ جون اهي سچائيون ۽ سندرتائون پَسي ۽ پُرجهي ويندو آهي، جيڪي سياستدان
جي بساط ۽ بصيرت کان اوجهل هونديون آهن. انهيءَ ڪري ئي چيو ويندو آهي ته هڪ سياستدان
مرندو آهي ته ٻيو پيدا ٿيندو آهي، پر جي ڪوئي سرجڻهار ويندو آهي ته عرصي تائين
ڌرتي صدائون ڏيندي ۽ سُڏڪا ڀريندي رهندي آهي.
”اي
چنڊ ستارا ساکي ٿيو
اڄ رات
لهوءَ جي ڇوليءَ ۾.
ڪجهه آهن
منهنجون رت ڦڙيون
جي گيت
لڳن ٿيون ٻوليءَ ۾.
شيخ اياز فقط هڪ شاعر، اديب ۽
سرجڻهار جو نالو نه آهي، پر اياز اُن احساس، اُن آدرش، اُن جذبي ۽ اُن عشق جو
نانءُ آهي، جنهن پنهنجي آواز ۽ آلاپ جي تند سان طاقتورن جي تلوارن جا تاب جهُڪايا
آهن ۽ جنهن پنهنجي انفرادي غرض بدران ادب، آرٽ ۽ انساني آجپي جي بقا لاءِ جهيڙڻ کي
هميشه اهم ۽ اُتم ڀانيو آهي. ”ساهيوال جيل جي ڊائري“ ۾ پنهنجي جيون جي جدوجهد ۽
جاکوڙ جو مقصد ۽ تت ٻڌائيندي اياز لکي ٿو: ”ٻيا اقتدار لاءِ وڙهي رهيا آهن، پر مان
آرٽ لاءِ وڙهي رهيو آهيان. منهنجي شاعري اڳڪٿي آهي، جا اڄ نه سڀان، ڪڏهن نه ڪڏهن
پوري ٿيڻي آهي. منهنجا خواب موجوده حقيقت (دقيانوسيت) جا وڏا دشمن آهن. ممڪن آهي
ته جڏهن اهي حقيقت جو روپ وٺندا، تڏهن مان نه هجان، پر جي مان ان جدوجهد ۾ ماريو
وڃان يا مري وڃان ته منهنجي زندگي سجائي ٿيندي.“
جهڙيءَ ريت سنڌي ڪلاسيڪل
شاعريءَ جا عظيم شاعر ”شاهه، سچل ۽ سامي“ سنڌ جي تاريخ جي هڪ انتهائي اوکي ۽
بحراني دؤر جي پيداوار آهن، تهڙيءَ ريت جديد سنڌي شاعريءَ جي فڪري، فني ۽ احساساتي
حوالي سان امامت ڪندڙ سرجڻهار شيخ اياز به پنهنجي دؤر جي نهايت مشڪل، انقلابي ۽
اڻانگن حالتن جي پيداوار آهي. اياز جي روشن خيالي، ڌرتيءَ سان والهانه عشق ۽ انسان
دوستيءَ جي قدرن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ لاءِ اياز جي ان سياسي، سماجي، ادبي ۽ تاريخي
حالتن جو مطالعو ۽ پس منظر جاچڻ ضروري آهي، ڇو ته اياز جي ان دؤر تي طائرانه نگاهه
وجهڻ کان سواءِ نه فقط اياز جي شاعريءَ جي فڪري قدرن، جمالياتي احساسن، فلسفياڻن
خيالن ۽ شاعراڻي ادراڪ کي سمجهڻ ۽ ساڃاهڻ ۾ دقت پيش ايندي، پر اياز جي شاعري جو
سفر، جيڪو لڳ ڀڳ مني صديءَ تي محيط آهي، تنهن کي پڻ پوريءَ طور سمجهي نه سگهبو.
شيخ اياز جنهن دؤر ۾ اُسريو ۽
اُڀريو، اهو دؤر ادبي توڙي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حوالي سان انتشار، انتها پسندي،
تضادن ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو دؤر هو. هڪ طرف مذهبي طور اوچ نيچ جا ويڇا پنهنجي انتهائن تي
پهتل هئا ته ٻئي طرف نسل ۽ ڌرم جي بنياد تي ورهاڱي جي تحريڪ جو ولولو جنون جون
حدون اورانگهي رهيو هو. ماڻهو ماڻهوءَ جو ويري ۽ خون جو پياسو هو. رشتا، تعلق ۽
دوستيون سڀ خود غرضي، خود مطلبي ۽ جنوني انائن جو بک بڻجي ويا هئا. هر طرف نفسا
نفسي ۽ خود فريبيءَ جي موسم ڇانيل هئي. سياستدان پنهنجي ذاتي مفادن ۽ اقتداري حوس
خاطر سچ جو خون ڪري رهيا هئا، ته مذهبي بنياد پرست ماڻهن ۾ اشتعال انگيز جذبا
اُڀاري، انهن جي روحاني معصوميت سان کيڏي رهيا هئا. جڏهن اياز پنهنجي دؤر جي ان بي
رحمي، انساني درندگي ۽ سفاڪيءَ کي پَسي ٿو، تڏهن سندس حساس ۽ شاعراڻو روح تڙپي ٿو
پوي ۽ بي اختيار سندس من مان هيءَ دانهن ٿي نڪري:
او انسان!
او انسان!
ڪنهن کي
ٿو مارين!
هي
ماڻهوءَ جو ٻچڙو آهي
هن جو
توسان وير به ڪهڙو
هن جو ديس
به ساڳي ڌرتي
هي به ته
ماڻهو آ تو جهڙو
او حيوان!
او نادان!
ڪنهن کي
ٿو مارين....!!
امير علي چانڊيو، شيخ اياز جي
شاعريءَ تي لکيل پنهنجي پُر مغز ۽ گهڻ رخي مطالعاتي مقالي ”اياز جي شاعري، هڪ
مطالعو“ ۾ لکي ٿو: ”اياز جنهن دؤر ۾ پنهنجي شاعريءَ جي ابتدا ڪئي ته ان وقت ٻي
مهاڀاري لڙائي پنهنجي حشر سامانين سميت ختم ٿي چڪي هئي. غير منقسم هندستان ۾
آزاديءَ جي تحريڪ پنهنجي جوڀن تي هئي ۽ سنڌ بمبئي کان آزاد هڪ عليحده پرڳڻي جي
حيثيت ۾ موجود هئي. اشتمالي انقلاب پنهنجا پير پختا ڪري چڪو هو ۽ ان جي لهر پوري
دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو. اڃا جديد سنڌي شاعريءَ جو تاڃي پيٽو جڙي رهيو
هو ته مٿان هندستان جو ورهاڱو ٿي ويو. هندو سنڌي شاعر پنهنجو ديس ڇڏي هندستان هليا
ويا، جنهن ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو. سنڌي شاعرن کي هندستان ۾ نئين
ماحول ۾ اجنبيت جو شڪار ٿيڻو پيو، پر اياز کي آزاديءَ کان پوءِ وارين حالتن جو ڀرپور Vision هو، ان ڪري هن آزادي
کان پوءِ واري ماحول سان ڪمپرومائيز نه ڪيو، پر ان جي خلاف ڀرپور ردعمل جو اظهار
ڪيو. ان لاءِ هُن ترقي پسنديءَ جي راهه اختيار ڪئي. هو ان جي ڦهلاءَ ۽ واڌاري لاءِ
سچي مقصد ۽ سچي لگن سان ڪم ڪندو رهيو يا ائين کڻي چئجي ته واچوڙن ۾ لاٽ ٻاريندو
رهيو.
”آ
سچ سنواٽن لاڙن جو
پرکيندڙ
پنڌ پهاڙن جو
جي
گهوريندين، گهٻرائيندين
پر تنهنجي
منزل هڪڙي آ
جيئن
ماڻهوءَ ۾ دل هڪڙي آ
تون پُٺِ
ڏئي پڇتائيندين
جي ڪوتا
تنهنجي ڪاج اچي
مان تولئه
ٻيهر ڳائيندي
مان ٻيهر
ٻيڙيون پائيندس.“
اياز جي شاعريءَ جو آواز ڌرتي ۽
ڌرتيءَ وارن جي پيڙائن ۽ پڪارن جو پڙاڏو بڻجي نه صرف سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين رَسيو،
پر ان جي گونج اقتداري ايوانن تائين وڃي پهتي ۽ نتيجي ۾ اياز کي ٻه مُنهين عتاب ۽
عذاب سان منهن مقابل ٿيڻو پيو. هڪ طرف رياستي طاقت جون اُرهه زورايون، جبر ۽ ڏاڍ
هو ته ٻئي طرف ادب ۾ رُدالين جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ اهي رجعت پرست اديب هئا، جن لاءِ
ترقي ۽ تبديليءَ جو نانءُ ڪنهن وڏي گار جيان هو ۽ جڏهن انهن جي سماعتن تائين اياز
جي انقلابي ۽ ترقي پسند شاعريءَ جو پڙاڏو ٿي پهتو، تڏهن هُنن جون وايون بتال ٿي ٿي
ويون ۽ هٽلر جي سفاڪ آرمي نازي گسٽاپو جي سرواڻ هَرمن گوئرنگ جيان ڇِتا ٿي ٿي پيا،
جيڪو چوندو هو ته ”مان جڏهن به ادب ۽ آرٽ جو نالو ٿو ٻُڌان، تڏهن منهنجو هٿ پستول
ڏانهن کڄي وڃي ٿو.“
شيخ اياز تي ملحد، باغي ۽ ڪافر
جون فتوائون مڙهيون ويون. کيس ڪال ڪوٺڙين ۾ باندي بڻايو ويو ۽ شهر بدر ڪيو ويو.
سندس ڪتابن تي بندشون هنيون ويون، پر اياز جو آواز آمرن، جابرن ۽ ”انڌي اونڌي ويڄ“
نما اديبن اڳيان جهڪڻ ۽ جهڪو ٿيڻ بدران عوام جي زبان ۽ احساسن جو ترجمان بڻجي سنڌ
جي شهرن، ٿرن برن ۽ ڀٽن ۾ گونجندو ۽ گجندو رهيو.
”اڃا
رُڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي
متان ايئن
سمجهين مُئا مور سارا“
اياز جي پنهنجي شاعراڻن آدرشن ۽
سنڌ ڌرتيءَ سان اها فڪري، نظرياتي ۽ روحاني وابستگي ئي هئي، جيڪا هر اوکي ۽
آزمائشي گهڙيءَ ۾ سندس ڏڍ بڻي ۽ هُن وقت جي فرعونن کي به مُنهن تي سچ چئي ڏنو:
”منهنجو
اگهه پُڇين ٿو آمر
منهنجا
گيت ڳنهي سگهندين تون؟“
”سنڌ“ اياز جو عشق هئي ۽ ”اياز“ سنڌ جي
عاشقي. اهو ئي سبب آهي جو بار بار هو پنهنجي تحريرن ۾ چوندو رهيو آهي ته ”هيءَ سنڌ
سدائين رهندي. ان تي سج اُڀرندو ۽ لهندو، رڳو مون جيئن ان کي ڏٺو آهي، مون سان مري
وڃڻو آهي. مان ان مشاهدي کي پنهنجي ”آءٌ“ مان آجو ڪرڻ ٿو چاهيان ۽ ان کي لکيل لفظن
۾ امر ڪري پنهنجي جندڙيءَ کان وڌيڪ جٽاءُ ڏيڻ ٿو چاهيان. مون ان ۾ اُتر جون اوتون
به ڏٺيون آهن ته پن - جهڙ ۾ ڦيراٽيون کائيندڙ پن به ڏٺا آهن ۽ ان جي لڱ ڪانڊاريندڙ
سيءَ جا سياٽا به ڏٺا آهن. منهنجي اکين اڳيان ڪِرڙ ڪڪوريا ۽ ڪنڊا موريا آهن ۽ ٽوهه
وليون ٽهڪيون آهن. مون ڏٺو آهي ته جڏهن وِڄون ورن ٿيون ته ڪيئن ڌمامين، ڌڌڪار ٿئي
ٿو. ٿر جا ٿوهر ڦلي پون ٿا ۽ پنهنجون ٻانهون آڪاس ڏانهن اُڀيون ڪري اُن جي آجيان
ڪن ٿا. مون سنڌ جون لال لوئين واريون پاڻياريون به ڏٺيون آهن ۽ ان جا ڪونڌر به ڏٺا
آهن. مون ڏٺيون آهن گهُرج جي گهاڻي ۾ پيڙيل ۽ ڏمر ۽ ڏاڍ سان ڏهڪايل نپوڙيل نستيون
جندڙيون ۽ انهن جا سارا پيڙيندڙ ۽ ڏهڪائيندڙ ۽ اهو سارو ناسور، جو سنڌ جي رڳ رڳ
مان چِڪي رهيو آهي. مون سنڌ جي ماضيءَ ۾ ٽُٻيون هنيون آهن ۽ ان جي مستقبل ڏانهن
اُڏاڻو آهيان ۽ ڪنهن اڻ ٿڪ ڪاتار وانگر مون اُڻيا آهن سپنا، سنڌوءَ تي اڀرندڙ سج
جا سُنهرا سپنا......“ (ڪپر ٿو ڪُن ڪري، ص۲۱)
”اُها
سنڌ ڪعبو به، ڪاشي به آ
چوي ڇا به
ڪو شيخ يا برهمن
جڏهن
”ڪُن“ چيائون، اسان کي ملي
اُها ئي
ته ڌرتي، اُهو ئي ته ڌن!“
شيخ اياز جي ”سنڌ“ سان ڪميٽمنٽ
وقتي، جذباتي ۽ وائڙائپ واري نه آهي، جيڪا دريائي لهر جيان گهڙيءَ پل لاءِ اُڀامي
۽ پوءِ اُجهامي ويندي آهي. پر هن جي وابستگيءَ ۾ فڪري، تاريخي ۽ تهذيبي سچائيءَ
سان گڏ ”جڙ“ جي ”مٽيءَ“ سان مضبوط ۽ اڻ ٽٽ رشتي واري صداقت به شامل آهي، تنهن ڪري
هُن جي شاعري انيڪ سياسي، سماجي ۽ فڪري تحريڪن ۽ تبديلين مان گذرڻ کان پوءِ به
پنهنجي ”مٽيءَ“ جي سڳنڌ سان واسيل ۽ ماڻهوءَ جي موهه ۽ انساني آجپي جي قدرن سان
سلهاڙيل رهي آهي.
هر عظيم ۽ آدرشي شاعر جيان اياز
به سڀ کان پهريان پنهنجي ڌرتي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماضيءَ جي شاندار، فڪري ۽
تهذيب روايتن جو امين شاعر آهي، ڇو ته هُن ڄاتو ٿي ته جنهن وڻ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾
اونهائيءَ تان پيهي ويل نه هونديون آهن، اهو وڻ وقت جي طوفانن سان سينو ساهي نه
سگهندو آهي. ان کي وقت جا واچوڙا ئي پاڙئون پَٽي کڻي پَٽَ تي اڇلائيندا آهن. اياز
پنهنجي دؤر جو گهڻ پڙهيو، پُرجهيو ۽ اهو يگانو ڪوي هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ نه
فقط مشرق ۽ مغرب جي فڪر کي سنڌ جي لوڪ ورثي، حب الوطنيءَ جي تاريخ ۽ تهذيبي شعور،
قديم ديو مالائي تصورن، تصوف جي سرمدي ۽ سرمستي رمزن، جديد سياسي، سماجي، نظرياتي،
ادبي ۽ سائنسي شعور ۽ ان کان علاوه ٻوليءَ جي خوبصورت ندرتن ۽ نزاڪتن ۽ عالمي، انساني
قدرن جي اهڙين نين روشنين سان آراسته ڪيو آهي، جو انهن جي جوت عرصي تائين ”ٻاٽ“ ۾
”لاٽ“ جيان جرڪندي رهندي. اياز پنهنجي دؤر جي هر دقيانوسي روش ۽ رسم جي خلاف هو.
هُن پنهنجي ڪوتائن ۾ موهه ۽ ماڻهپي جي فڪر جي مٽي ٻيهر ڳوهي آهي. هُن نه صرف سنڌي
شاعري جي گيڙوءَ رتن رنگن ۾ وڌيڪ رونقن ۽ راحتن جا رنگ ڀريا آهن، پر ان کي سرخ ۽
انقلابي رنگن سان به آشنا ڪيو آهي. اياز جي شاعري فن ۽ فڪر جو انوکو شاهڪار آهي.
هو سنڌ جي تاريخي ۽ تهذيبي شعور جو شاعر هو. سندس لائق فرزند مونس اياز جي لفظن ۾:
”اياز سچ جو پارکو، سچو پچو ديشي ڀڳت، اڌو گابرو ساميوادي، وجودي ۽ وحدت الوجود جي
فڪر جو طالب ۽ انهن کان مٿانهون ”موهن جي دڙي“ جو ماڻهو ۽ سنڌ جو عاشق هو. اياز
باغي، انقلابي، انسان پرست ۽ صوفي هو ۽ اول آخر هڪ سنڌي هو. سندس ڪلام ۽ فڪر کي
ملائي ڏسجي ته تضادن جي ايڪائيءَ تي مشتمل هڪ جدلياتي ايڪائي ملندي ۽ هڪ ’خيال ڪل‘
ٺهندو.“
۽ اياز جو اهو ”خيال ڪل“ ۽ ڌرتيءَ سان انتها
درجي جو اُنس ۽ عشق ئي آهي، جيڪو انسان دوستي، عالمي ۽ آفاقي قدرن سان اياز جي
تعلق ۽ رشتي کي نه فقط ڳنڍي ۽ مضبوط ڪري ٿو، پر منجهس اها سگهه ۽ سُرت به اُتپن
ڪري ٿو، جو هو بنا ڪنهن جهجڪ جي چوي ٿو:
اڄ ته چئي
ڏي، اڄ ته چئي ڏي، اڄ ته علي الاعلان
منهنجو
ڪوئي ديس نه آهي، منهنجو ديس جهان،
منهنجو
ڪوئي نانءُ نه آهي، مان آهيان انسان.
شيخ اياز لاءِ ساري ڌرتي هڪ
’وطن‘ جيان آهي ۽ ان جو چپو چپو هُن جي دل ۾ ڪنهن ’ساهه‘ جيان ڌڙڪندڙ ٿو هجي. هو
ظلم، ناانصافي، بربريت ۽ استحصال خلاف هو. پوءِ اهو ظلم ۽ زيادتي ڀل ”لينن گراڊ“
تي حملي جي صورت ۾ هجي يا جابر هٽلر جي وحشي نازي فوجين جو ننڍڙي ”ايني فرانڪ“ تي
ذهني ۽ جسماني تشدد جي صورت ۾، پر اياز جو شاعراڻو مَن ڪنهن ڪونج جيان انهن جي دک
۽ درد تي ڪوڪي ۽ ڪُرلائي ٿو. ايترو ئي نه پر جڏهن ڌرتيءَ تي موجود ڪنهن وڻ ۾ به جي
ڪوئي واڍو ڪرٽ وجهي ٿو يا ڪنهن ڪنڌيءَ تان ڪو ڪانهن ٿو ڪپجي، تڏهن به اياز جي دل
مان دانهن نڪري ٿي وڃي:
”جنهن
تي به ٿيو، جنهن وقت ٿيو، جنهن جاءِ ٿيو،
سو مون تي
ظلم ٿيو آهي.
ڪا ٻانهن
وڍي، مون دانهن ڪئي، جو ڪانهن ڪپيو،
سو منهنجي
ڪنڌيءَ جو آهي.
ڪوئي به
ڪُٺو، جيڪو به ڇُرو، جنهن تي به هليو،
سو منهنجي
رت رتو آهي.“
شيخ اياز جي انسان دوستي، ترقي
پسندي، عالمي امن ۽ روشن خيالي، جنهن جو ذڪر ۽ فڪر اياز جي شاعريءَ جي جان آهي،
توڙي جو انهن سڀني قدرن جو محور ۽ مرڪز، اياز جي وطن پرستي يعني ’پهريان خويش پوءِ
درويش‘ واري ڪول ۽ متي مان ڦٽي نڪري ٿو، پر اياز جنهن ”آدرشي انسان“ جو پنهنجي
شاعري ۾ احساساتي خاڪو ۽ تصور پيش ڪيو آهي، اهو نٽشي جي ”فوق البشر“ (superman)
۽ اقبال جي ”مردِ مؤمن“ کان بنهه ئي مختلف ۽ نرالو آهي. اياز جي
شاعريءَ جو ”انسان“ مٽي جي ضمير مان ڳوهيل ۽ تهذيبي ۽ تاريخي شعور جي ضمير سان
زنده هڪ متحرڪ ۽ معروضي حقيقت رکندڙ سچائي آهي. اياز جي اظهار ۽ ابلاغ ۾ عصري شعور
۽ معروضي حالتن جي حقائق جو روح اوتيل آهي. انهيءَ ڪري اياز جي شاعري پروپيگنڊه ۽
نعري بازيءَ کان پري ۽ مصنوعي خيال آرائيءَ کان مٿانهين ٿي هجي. ان حوالي سان اياز
جي شارح امير علي چانڊيي، اياز تي لکيل پنهنجي مقالي ۾ چيو آهي ته: ”اياز جي انسان
دوستي ڪا خلا ۾ لڙڪيل شيءِ نه آهي ۽ نه ئي اها ڪا غير مرئي شيءِ آهي، جنهن جو ٺوس
بنياد نه هجي. اياز جي انسان دوستيءَ جو تصور، متحرڪ تصور آهي. اياز جو فڪر ڌرتي ۽
ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن مان جلا حاصل ڪري ٿو ۽ گرد و پيش جي مادي حقيقتن کي داخلي
ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري ٿو. هو غمِ زندگي بجاءِ غمِ دوران کي ترجيح ڏئي ٿو. اياز
ذاتي غمن ۽ سورن جو روئڻو نه ٿو روئي، پر اجتماعي مسئلن کي کڻي ٿو.“
شيخ اياز جي شاعري مذهبي ڇوت
ڇات کان اتم ۽ مٿانهين آهي. هو ڌرم ۽ ڌن جي بنيادن تي هر وڙهي ويندڙ ويڙهه ۽ جنگ
جو مخالف آهي، پر ان سان سخت نفرت به ڪري ٿو، جنهن جي جهلڪ سندس هن شاهڪار نظم ۾
پَسي سگهجي ٿي:
”هي
سنگرام!
سامهون
آ
نارائڻ
شيام!
هِن
جا، منهنجا
قول
به ساڳيا
ٻول
به ساڳيا،
هو
ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منهنجا
رنگ – رتول به ساڳيا
ڍٽ به
ساڳيو
ڍول
به ساڳيو
هانءُ
به ساڳيو
هول
به ساڳيو
هن تي
ڪيئن بندوق کڻان مان!
هن کي
گولي ڪيئن هڻان مان!
ڪيئن
هڻان مان
ڪيئن
هڻان مان
ڪيئن
هڻان مان!“
جنگ کان ڪراهت ۽ امن سان محبت
جي موضوع تي سرجيل اياز جو هيءُ علامتي نظم پنهنجي فڪري وجود ۾ نه صرف عالمي امن ۽
ڀائيچاري جو Symbol
آهي،
پر ان ۾ مذهبي مت ڀيد کي وسارڻ ۽ انساني انس ۽ آجپي کي اپنائڻ جو انوکو درس پڻ
موجود آهي. هن نظم ۾ هڪ طرف انساني اخوت جي ڳالهه آهي ته ٻئي طرف معاشري ۾ امن ۽
ڀائيچاري لاءِ هڪ شاعر ۽ سرجڻهار جي ادا ڪيل ڪردار جو سوال آهي، ڇو ته اهو اديب ۽
شاعر ئي هوندو آهي، جيڪو قومن ۽ انسانيت جو حقيقي سفير ٿئي ٿو.
هن نظم ۾ ”نارائڻ شيام“ هڪ اهڙي
امن پسند ۽ بي قصور فرد جي علامت آهي، جيڪو جنگ و جدل جي زد ۾ اچي، هڪ گوليءَ جي
نشاني تي آيل آهي. ٻئي طرف هڪ ”شاعر“ جنگي جوان جي علامت آهي، جنهن جي هٿ ۾ بندوق
ته آهي، پر ان جو سينو، محبتن جي روح سان ڌڙڪي رهيو آهي. هن جي هٿ ۾ جهليل بندوق
ڪنهن بي گناهه جو خون ڪرڻ نه ٿي چاهي، پر جڏهن هڪ پنهنجو ئي هم وطن، هم زبان ۽
معصوم انسان ”نارائڻ شيام“ اچانڪ سندس تاڻيل بندوق جي اڳيان اچي ٿو وڃي، تڏهن جنگي
سپاهي (شاعر) جون بندوق جي ٽرائيگر تي رکيل آڱريون ڪنبڻ ٿيون لڳن ۽ هو سوچڻ ٿو
لڳي: ”هِن ڪبوترن جهڙو جيءُ رکندڙ ڪوتاڪار ”نارائڻ شيام“ جو آخر قصور ڪهڙو آهي؟ هن
ته سدائين ڪوتائن جي ڌرتيءَ ۾ محبتن ۽ امن جا گلاب پوکيا آهن. هو ته سدائين سرحدن
جي پابندين کان بي پرواهه ٿي، آزاد پنڇين جيان ڪوتائن جي آڪاش ۾ اُڏاميو آهي. هن
ته ابابيلن جهڙي ڪومل نيڻن ۾ سدائين سک ۽ سندرتائن جا سپنا ڏٺا آهن. هو نفرتن ۽
جنگين جو حامي نه آهي، پر پيار ۽ آجپي جو سرجڻهار آهي. پر پوءِ به هن جو قصور ڪهڙو
آهي؟ هُن جو قصور...... قصور..... ق.... ص.... و.... ر.... ڪهڙو........؟“ ۽ ائين
نظم جا آخري لفظ ”گولي ڪيئن هڻان مان.....؟ ڪيئن هڻان مان......؟“ جي ورجاءَ سان
جنگي سپاهيءَ (شاعر) جي ذهن ۾ گونجڻ ٿا لڳن ۽ ان جي زورائتي پڙاڏي جي نتيجي ۾ ڄڻ
ته هُن (شاعر) جي هٿ ۾ جهليل بندوق به هيٺ ڪِري ٿي پوي. ائين اهو نظم ڪلائيميڪس تي
پهچي ٿو. نظم جو ڪلائيميڪس نه فقط پڙهندڙن جي جيءَ کي جهنجهوڙي ٿو، پر جنگ جي
حامين ۽ امن جي ويرين لاءِ دل ۾ دٻيل نفرت ۽ غصي کي پڻ تيلي ڏئي ڀڙڪائي ڇڏي ٿو.
اهڙيءَ ريت اياز جي شاعريءَ ۾
اهڙا ٻيا انيڪ گيت، غزل، بيت، وايون ۽ نظم موجود آهن، جيڪي سنڌ جي دردن ۽ دانهن
سان گڏوگڏ عالم انسان جي آواز جو دلسوز عڪس ۽ اولڙو پيش ڪن ٿا، جن مان آزاديءَ جي
راهه ۾، مان ڏوهي هان، قرطبه، ويٽنام آزاديءَ جي راهه تي، ڪاڇي جو هاري، مزدور جي
ٻار جو گيت، فاشيءَ جو موت، او ڊاير، پوڙهو باغي، ٿري ٻار جو گيت، بودليئر،
ويڙهاند کان پوءِ، چي گويرا جو موت ۽ فلسطين جو گيت وغيره نمايان آهن.
اياز جي ڌرتيءَ سان اُنس ۽
عالمي احساسات جي فڪري حوالي ۾ جيڪو گهرو سُٻنڌ آهي، اهو رڳو اُٻهري جذبات، ذهني
تجسس ۽ فڪري تلاش ۽ تشنگيءَ جو نتيجو نه آهن، پر اهو اياز جي پنهنجي دؤر جي سياسي،
سماجي، اقتصادي، ادبي، تاريخي ۽ تهذيبي حالتن جي صداقتن ۽ بين الاقوامي حالتن جي
اُٿل پُٿل ۽ تبديلين جي باريڪ تجزيي تي مبني آهي. توڙي جو شيخ اياز سياستدان نه هو
۽ نه ئي سياست سان سڌيءَ ريت سندس ڪائي وابستگي هئي، پر ان جي باوجود هو سياسي
بصيرت ۽ سياسي شعور جو مالڪ هو. هو تاريخ جي جدلياتي عمل، سائنسي ۽ سماجياتي شعور
سان گڏ قومن جي عروج ۽ زوال جي اتهاس کان پوريءَ طرح آشنا هو، انهيءَ ڪري اياز جي
شاعري نه فقط سنڌ جي معاشرتي فڪر ۽ تهذيبي اتهاس جو آئينو آهي، پر اها عالمي امن،
ترقي پسند ۽ روشن خيال فڪر جو ڀرپور ادراڪ رکندڙ ۽ احساس پيش ڪندڙ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا