; سنڌي شخصيتون: ميوو ڀيل - راجا رشيد ڪنڀر/کپرو

16 November, 2012

ميوو ڀيل - راجا رشيد ڪنڀر/کپرو

ميوو ڀيل
هٿ جو ناياب هُنر اُڻندڙ
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
کپري شهر کان ۳۰ ڪلوميٽر اولهه ۽ اتر طرف، ٽنڊو مٺا خان شهر کان ۷ ڪلوميٽر اتر طرف، ڳوٺ جوهارَڙو ۾ رهندڙ ميوو ڀيل، پَشم جي ڌاڳَن مان فَراسيون، قالين، مُصلا، صِفون، دَستر خوان، درين ۽ دروازن جا پَردا خوبصورت نموني اُڻي ٺاهڻ ۾ سنڌ اندر پهرئين جوڙَ جو ڪاريگر آهي. ريگستاني جهاز يعني اُٺ لاءِ اُڻيل تنگ، مورن جو ناچ، هَرڻن جا ڇالَ، پَکين جون اُڏارون چِٽيندڙ هن ڪاريگرَ، برش ۽ رنگن سان کيڏندڙ مصورن کي به ماتِ ڏئي ڇڏي آهي.

ڏهاڪو سال اڳ راهه واٽ ويندي هڪ عرب شهزادي، جيڪو سياري جي موسم ۾ شڪار لاءِ آيل ھيو، سندس ڪلهي تي کنيل، ڇَهه باءِ چار جي فراسِي ڏسي، سندس فن کان دَنگ رهجي ويو. کيس ڏهه هزار رپيا ڏئي، اها فَراسي خريد ڪيائين ۽ کيس دُبئي هلڻ جي آڇ پڻ ڪيائين. دُور انديشيءَ ۽ تعليم نه هجڻ سبب، هن هلڻ کان انڪار ڪيو.
پنهنجي ڪٽنب سان گڏ، ٻن ڪکائين لانڍين ۾ رهندڙ، کاٻي ٽنگ کان معذور، هن ڪاريگر جي فن جو هيستائين ڪنهن به لاڳاپيل اداري قدر ناهي ڪيو. سندس ڪاريگريءَ جو ڪمال، اَڇڙي ٿر جي ڳوٺن کان وٺي وڏيرن جي اوطاقن تائين محدود آهي.
ملڪي ليول تي ٿيندڙ هنرن جي نمائش، توڙي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ثقافتي دورن ۾ کيس پنهنجي نرالي فن کي پيش ڪرڻ جو موقعو نه ملي سگهيو آهي. سندس خواهش آهي ته؛ سنڌ جو هي اصلوڪو هَٿ جو هُنر بچائڻ لاءِ، حڪومت ڪو قدم کڻي. جيڪڏهن ان ڪم جي سکيا لاءِ سينٽر کوليو وڃي ته هو مفت ۾ ڪوچنگ ڪرائڻ لاءِ به تيار رهي ٿو. هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هن قديم شاهڪار، هَٿ جي هُنر جي بچاءُ ۽ واڌاري لاءِ، تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءُ ورتا وڃن، جيئن اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جو اهم حصو ختم ٿيڻ کان بچي سگهي.


No comments:

راءِ ڏيندا