عبدالھادي سمون
راجسٿان جو گانڌي
مختيار احمد ملاح
هندستان جي رياست راجسٿان ۽ سنڌ، صدين جا پاڙيسري آهن. جن جو نه رڳو خطو
هڪ آهي پر منجهن، ثقافت ۽ ٻولي سميت تمام گهڻيون هڪ جهڙايون آهن. ٻنهي حصن کي ۱۹۴۷ع ۾ سرحد جي لڪير ٺاهي ڌار ڪيو ويو پر اڄ به هزارين
خاندان اهڙا آهن جن جا ٻنهي پاسي مائٽ آباد آهن. راجسٿان اڄ ترقي ڪري ويو آهي. ان ترقي
۾ سنڌي به برابر جا ڀاڱي ڀائيوار آهن. ڪيترا ئي اهڙا سنڌي آهن جيڪي نه رڳو پنهنجي علائقي
پر سڄي راجسٿان جي هندستان ۾ سڃاڻپ بڻيل آهن. ٻاڙمير جي علائقي سان واسطو رکندڙ الحاج
عبدالهادي به اهڙو ئي هڪ راجسٿاني سنڌي هو جنهن سياست ۾ تمام گهڻي ناماچاري حاصل ڪئي
۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪري، ماڻهن جي دلين ۾ کيس لاءِ هميشه محبت جي جهوپڙي اڏيل هئي.
اها هاڻ پختو ۽ مضبوط محل بڻجي وئي آهي ۽ هاڻ اها محبت ختم ڪرڻ، ڪنهن جي به وس جي ڳالهه
نه آهي.
عبدالهادي ۵ مئي ۱۹۲۶ع
۾ ٻاڙمير جي مشهور عالم مولوي الحاج محمد حسن جي گهر ۾ اک کولي، هو نج سنڌي يعني سماٽ
هو ۽ سندس ذات سمون هئي، عبدالهاديءَ جو والد سنڌي، اردو، فارسي ۽ عربي ٻولين جو وڏو
عالم هو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪندو هو. هادي ۱۹۹۹ع ۾ پنهنجي والد جي سنڌي شاعري جو ڪتاب ”بياض ڪوثري“ به شايع ڪرايو، ورهاڱي
کان اڳ سنڌ ۽ راجسٿان هڪ ٻئي کي تمام ويجها هئا ۽ علم سان چاهه رکندڙ راجسٿاني علم
جي اڃ اجهائڻ لاءِ سنڌ ايندا هئا، هاديءَ جي والد پڻ تعليم سنڌ مان ئي پرائي، هادي
پنهنجي والد جي تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڪندو هو ۽ سنڌي روايتن موجب والد جي آخري دم
تائين تمام گهڻي عزت ۽ خدمت ڪيائين.
هادي پاڻ به علم ۽ ادب جي دنيا جو ماڻهو هو، کيس سنڌي، هندي، انگريزي
۽ اردو ٻولين جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. هو سنڌ جي شاعرن جي سر تاج ۽ عظيم صوفي شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي جو ديوانو هو ۽ روز پابنديءَ سان قرآن پاڪ جي تلاوف ڪرڻ سان گڏ ”شاهه
جو رسالو“ پڻ پڙهندو هو.
عبدالهادي ڦوهه نوجوانيءَ ۾ ئي سياست ۾ پير پاتو، هن سياست عوام جي خدمت
لاءِ ڪئي، هو آزاديءَ جي جدوجهد جو عظيم اڳواڻ
۽ آزادي پسند اڳواڻ ۽ جديد راجسٿان جي باني جئه نارائڻ وياس جو سرگرم ساٿي هو. جيڪو
ان وقت راجسٿان جو وڏو وزير هو، جڏهن رياست ترقي جو سفر اڃا شروع ئي مس ڪيو هو، هن
زمينداري نظام ختم ڪيو جنهن سان جاگير دار ڪاوڙجي پيا ۽ هنن زميني ٽيڪس لاءِ غريب آبادگارن
کي هيسائڻ شروع ڪيو پر هندستان جي آزادي کانپوءِ زمينداري نظام ختم ڪيو ويو، پنچائتي
راڄ جي ابتدا ۾ عبدالهادي ٻاڙ مير جي تعلقي چوهٽان ۽ برهان ڪا تلاءُ جو سرپنچ بڻيو،
هُو مڪاني سطح کان سياسي سفر شروع ڪري پهرين رياست جو نمائندو بڻيو ۽ پوءِ قومي سطح
تي نروار ٿيو، هو ۱۹۵۹۾ پنهنجي تعلقي چوهٽان جي پنچائت سيمي جوپرڌان، ۱۹۷۲ع کان ۱۹۸۰ع تائين سينٽرل ڪو آپريٽو بئنڊ جواڌيڪش (صدر) ڪانگريس ضلعي ٻاڙ مير جو
۲ ڀيرا
صدر، ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۶ع تائين ۱۱ سال آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جو ميمبر ڪيترائي سال ڪانگريس
رياستي ڪميٽي جو ميمبر ۱۹۵۳ع، ۱۹۶۷ع، ۱۹۷۱، ۱۹۷۵،
۱۹۸۵، ۱۹۹۰
۽ ۱۹۹۹ کان
۲۰۰۴ع تائين چوهٽان تڪ تان رياستي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو
ويو هو، هندستان جي پهرين نسل جي سياستدانن نهرو، مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ رفيع احمد
قدوائيءَ جو ساٿي هو، هو اندرا گانڌي کي به تمام گهڻو ويجهو هو، جيڪا سندس تمام گهڻي
عزت ڪندي هئي، اندرا گانڌي جي نظر ۾ ٻاڙ مير ۽ جيسلمير جي گهڻي اهميت هئي ۽ جڏهن به
علائقي جو دورو ڪندي هئي ته عبدالهاديءَ وٽ به ضرور ويندي هئي، عبدالهادي ايماندار،
مهمان نواز ۽ صابرين انسان هو، هو ذات پات ۽ مذهب جي فرق کانسواءِ سڀني غريبن لاءِ
ڇپر ڇانو هو، هن جابر آڏو ڪڏهن به آڻ نه مڃي، ۱۹۵۶ع ۾ بدنام ڌاڙيل بلونت سنگهه هاديءَ جي مائٽ محمد حيات خان کي قتل ڪيو.
ان دور ۾ سرحدي ضلعي ٻاڙ مير ۾ ڌاڙيلن جو راڄ هو جيڪي وارداتون ڪري پاڪستان اچي ويندا
هئا، عبدالهادي ڌاڙيلن خلاف هارين جي احتجاج جي قيادت ڪئي، جنهن تي مڇرجي بلونت سنگهه
سندس گهر تي حملو ڪيو، هادي گهر ۾ نه هجڻ ڪري بچي ويو پر ڌاڙيلن سندس ڀاءُ کي ماري
ڇڏيو، ۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ هادي هاءِ ڪورٽ سب ڊويزنل مئجسٽريٽ خلاف
جدوجهد ڪري کيس رشوت وٺندي گرفتار ڪرايو ۽ سپريم ڪورٽ ان کي سزا ڏني.
عبدالهادي هندستان جي ۱۰۰۰
ڪلو ميٽرن جي سرحدي علائقي
جي رهواسين جو رکوالو هو جنهن ۾ راجسٿان کان پنجاب، گجرات جا علائقا گنگا نگر، بيڪا
نير، جيسلمير، ٻاڙ مير ، جلود، جوڌپور، سروهي ۽ پالي شامل آهن، هن نه رڳو ٻاڙ مير ضلعي
پر سڄي راجسٿان رياست ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا خاص طور تعليم پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،
هن سڄي حياتي عوام جي خدمت ڪئي. قدرتي آفتن ۾ ماڻهن جوڀر جهلو ٿي بيهندو هو. ڏڪار دوران
حڪومت کان عوام لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرائيندو هو ۽ قبائلي جهيڙا نبرائيندو هو،
بيمارن جو علاج ڪرائيندو هو آفيم ۽ ٻي منشيات ۽ بي جوڙ شادين جو مخالف هو، جاهلاڻين
رسمن جو به مخالف هو.
هادي ايمانداريءَ سبب ڪانگريس ۾ به مقبول هو، عوام ۽ انتظاميا وچ ۾ پل
جو ڪردار ادا ڪندو هو، ڪانگريس سربراهه سونيا گانڌيءَ کيس ”اڌيڪش جي“ ڪري سڏيندي هئي.
ايم ايل اي طور سرڪاري جاءِ ۾ رهندي به عوام جي مدد ڪندو هو، سندس گهر ۾ تڪ جي ماڻهن
جو ميلو متل رهندو هو، ماڻهن کي وزيرن وٽ وٺي وڃي مسئلا حل ڪرائيندو هو، هو ۶ نومبر ۲۰۱۰ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
No comments:
راءِ ڏيندا