ٻه استاد
پير علي محمد راشدي
مولانا محمد سومر مرحوم
پٿر جون سليٽون رواج ۾ اچي چڪيون هيون، پر مولوي صاحب انهن جي
استعمال جي به اجازت نه ڏيندو هو. سندس خيال هو ته سليٽ تي لکڻ سان شاگرد جو خط
خراب ٿيندو ۽ هو ڪڏهن به خوشخط نه ٿي سگهندو. سندس پنهنجو خط تمام سهڻو هوندو هو،
۽ پڙهائڻ کان جو به وقت بچندو هوس سو ڪتابن نقل ڪرڻ ۾ صرف ڪندو هو.
اسان جي حوالي وڏيون ڦرهيون هونديون هيون. انهن جي مهڙ تي پاڻ وڏن
اکرن ۾ ڪو نه ڪو شعر يا قرآني عبارت لکي ڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته ان کي ڏسي پنهنجا
اکر پڪا ڪريو. ڪن فارسي شعرن سان خاص دلچسپي هوندي هيس، مثلًا:
روز محشر ڪه جان گداز بود،
اولين پرسش نماز بود،
اگر خواهي ڪه خطت خوب گردد،
نويس و مينويس و مينويس.
قلم گويد ڪه من شاهِ جهانم،
قلم ڪش را بدولت مي رسانم.
مولوي صاحب جي تنخواهه فقط پنج رپيا مهينو هوندي هئي. ان سان گڏ ٽِه-وقتي
ماني ۽ ڇهين مهيني لٽن جو هڪ وڳو ملندو هوس. ماني به سادي ڳوٺاڻي قسم جي هوندي
هئي: صبح جو ڪڻڪ جي مکيل ٿلهي ماني ڏڌ جي وٽي ساڻ، منجهند جو ماني ۽ دال يا ساڳ،
رات جو چانور ۽ کير. ان نعمت ميسر ٿيڻ تي مولوي صاحب بار بار پيو شڪرانا ادا ڪندو
هو. ناس سان ڏاڍو شوق هوندو هوس. دٻلي هيٺ مٿي ٿي ويندي هيس ته هڪدم ڦرهيءَ تي هي
شعر لکي ڇڏيندو هو، جو غالبن سندس پنهنجو ٺاهيل هو:
ڪجا شد درجڪ نسوار من،
بيائيد يابيد پسران من.
ٻارن جي تعليم ۽ هشياريءَ متعلق وٽس ٽي درجا هوندا هئا:
(۱) ”اڃا پر نه ڄاوا اٿس“،
(۲) ”هاڻي پر ڄاوا اٿس ۽ کنڀڙاٽيون پيو هڻي“، ۽
(۳) ”هاڻي آسمان ۾ پيو پرواز ڪري“.
ڪو شاگرد خاص طرح هشيار نظر ايندو هوس ته ان جي پڙهائيءَ تي گهڻو زور
ڏيندو هو، غير هشيار شاگرد سان بنهه ڪانه پوندي هيس.
ملان ٽلو جيهو اسان سان گڏ وٽس پڙهندو هو. ذهن جو غير معمولي طرح
مُڏو هوندو هو. اڄ سبق ورتائين ته ڪالهوڪو سبق دل تان ميسارجي ويندو هوس. اکر به
بلڪل ڪَچا هئس. مولوي صاحب جيتري به محنت ٿي ڪئي، سا رائگان هئي. آخر تنگ ٿي فرمايائين؛
”ٽلوءَ کي هنيانءَ تي وار آهن، ڪيتري به محنت ڪندؤ، دل تي اثر ڪونه ٿيندس“. ملان
ٽلو ورهين جا ورهيه پڙهندو رهيو، ايستائين جو ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار به اڇا ٿيڻ لڳس،
پر علم ۾ ڪو سوجهرو ڪو نه ڪيائين. پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي متعلق پاڻ فيصلو ڪيائين ته
هاڻي هو ”ملان ٽلو“ نه، پر ”مولوي محمد رمضان“ ٿي چڪو آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو
ماڻهو ”ملان ٽلو“ سڏيندو هوس ته هڪدم لٺ کڻي پٺيانس ڪاهي پوندو هو: ”عقل جا انڌا،
ناماقول (نامعقول)، اها به خبر ڪا نه ٿي پويئي ته مان هينئر جندي-ديره مان تاسيل
(تحصيل علم) ڪري پڳ ٻڌي آيو آهيان! منهنجو سڄو نالو آهي مولانا مولوي محمد رمضان
صاحب جيهو ابڙو، تون اڃا پيو بڪين - ٽلو، ٽلو، ٽلو! ڪاٿي آهي هاڻي ٽلو؟ هڪڙي تحرير
ڪڍان ته ماڻهين پڻهين جو نڪاح سندن قبرن ۾ به ٽُٽي پوي!“
ملان ٽلوءَ جي علم جا اهي جلوا مولانا محمد سومر جي انتقال بعد ظاهر
ٿيا. تنهنڪري ڪڏهن ڪڏهن مون کي اچي چوندو هو: ”سائين علڻ شاهه! ڪر خبر، اڄ اسان جو
علم ڇا ٿو ڀانئين؟ جيڪڏهن اڄ پنهنجو استاد مولوي محمد سومر جيئرو هجي ها، ته جيڪر
ڇا چوي ها؟“
انهن ڏينهن ۾ علمي ڪمال جي هڪ ڪسوٽي اها به ليکي ويندي هئي ته ماڻهو
فارسي زبان ۾ شعر، خاص طرح سان سجع چئي، ۽ ڄمڻ مرڻ جي تاريخ ابجد جي حساب سان ڪڍي.
اهڙين سجعن چوڻ ۽ تاريخن ڪڍڻ تي وڏا ماڻهو شاعرن کي پهرائيندا هئا ۽ کين انعام
ڏيندا هئا.
مولانا محمد سومر، منهنجي ۽ حسام الدين جي ڄمڻ جي تاريخ ڪڍي، هڪ ڊگهي
نظم تيار ڪري، ڏاڏي مرحوم اڳيان پيش ڪئي. آسرو هوس ته پهراڻيءَ ۾ مينهن نه، ته گهٽ
۾ گهٽ ململ جي پڳ ضرور ملنديس. پر بدقسمتيءَ سان ڏاڏي مرحوم جي راءِ ٻيءَ طرح هئي.
نظم ڏانهن ڏسي، مولوي صاحب ڏانهن پيغام موڪليائين ته:
”مولوي صاحب کي چئو ته شعر گوئيءَ تي وقت ضايع ڪرڻ بدران، اهو وقت به
جيڪڏهن ڇوڪرن جي تعليم تي ڏيو ها ته وڌيڪ فائديمند ثابت ٿئي ها“.
ان ڏينهن بعد مولوي صاحب وري ڪڏهن شعر جي ميدان ۾ طبع آزمائي نه
فرمائي. شاگردن کي استاد انهن ڏينهن ۾ خوب ماريندا هئا. مار جا ڪيئي نمونا هوندا
هئا: چماٽ، چهبڪ، ڪن گوشي، اٿ ويهه، سج ڏانهن منهن ڪرائي بيهارڻ، آڱرين جي وچ ۾
پينسل ڏيئي مٿان زور ڏيڻ.
مار-ڪٽ جي جواز ۾ مولوي صاحب دليل پيش ڪندو هو:
”جور استاد بہ ز مهر پدر.“
آءٌ هرو ڀرو ڪاهل شاگرد ڪو نه هوندو هوس جو مولوي صاحب کي منهنجي
مرمت ڪرڻي پوي، پر ڪڏهن ڪڏهن غلطيءَ جو ٿي وڃڻ لازمي هو. هڪ دفعي مولوي صاحب چماٽ
هنئي يا دڙڪو ڏنو، سو ياد ڪو نه اٿم، پر ايترو يقين اٿم ته مولوي صاحب ناراضگيءَ
جو اظهار فرمايو. ۽ هڪدم تڏو مٿان پائي، سنئون نئون ٿي سمهي پيس، ۽ مولوي صاحب کي
چيم: ”ڪيترو به ماريندا، پر آءٌ هرگز ڪو نه اٿندس. نڪي پڙهندس ئي!“ هنگامو برپا ٿي
ويو، گهر تائين وڃي خبر پهتي. منهنجو اصرار هو ته مولوي صاحب مون کي ماريو يا مون
سان سختي ڪئي، ته آءٌ ڪڏهن به وٽس نه پڙهندس. آخر فيصلو منهنجي حق ۾ ٿيو ۽ مولوي
صاحب وري ڪڏهن به درشتي کان ڪم ڪونه ورتو- گهڻو ڪري کيس سبب آءٌ به ڪو نه ڏيندو
هوس. پر مون تان بلا لٿي، ته حسام الدين مٿان وڃي پئي. هڪ ڏينهن مولوي صاحب کيس
چماٽ هڻي ڪڍي. حسام الدين ٽپ ڏيئي کڻي ڏاڙهيءَ کان جهليس. مولوي صاحب ٻي چماٽ هڻي
ڏاڙهي ته ڇڏائي، پر ان کان پوءِ حسام الدين سان به ڪڏهن سوڙهو ڪو نه پيو.
مولوي صاحب مرحوم ڪيترا سال مون کي پڙهايو. دنيا جو سفر ڪهڙيءَ ريت
طئه ڪجي، سو ڪو کانئس سکي ها. زندگيءَ جون ضرورتون گهٽائي وڃي هڪ وڳي ڪپڙن، هڪ لٺ
۽ هڪ دٻليءَ تائين پهچايون هئائين. رلهي نه مليس ته مسجد يا اوطاق جي نک تي سمهي
آرام سان ننڊ ڪري اٿندو. سواريءَ جو نانءُ نه ڳنهندو، جيڏانهن ڪم پوندس، پيدل هليو
ويندو. سوال بنهه نه ڪندو. سارو ڏينهن درس تدريس، ڪتابن نقل ڪرڻ، ۽ عبادتگذاريءَ ۾
گذاري ڇڏيندو. اوائل ۾ شادي ڪئي هئائين. ٻه پٽ ٿيا هئس، جي جوانيءَ کي رسي ڪاٽڪو
بڻجي پيا هئا- گهٽ ۾ گهٽ مٿن الزام ته اهڙا هئا. مولوي صاحب کي ساڻن ڏاڍو پيار
هوندو هو، پر ساڳئي وقت ڪڏهن ڪڏهن هيءُ به زبان مان نڪري ويندو هوس:
”شاديءَ جي غلطي ٿي ويئي، اهي سڀ ان هڪ جرم جون سزائون آهن، الله
تعاليٰ اولاد ڏئي ته صالح، ور نه
پسر نوح با بدان بنشت،
خاندان نبوتش گم شد!“
آءٌ نٿو سمجهان ته مولوي صاحب ساريءَ عمر اندر ڪڏهن ڪو ڪوڙ ڳالهايو
هوندو، يا ڪنهن انسان کي رنجايو هوندو. جنم جو جنتي هو، اتفاقًا اچي هن دنيا
منجهان گذر ٿيو هوس. الله تعاليٰ جون مٿس رحمتون هجن!
مولوي محمد سومر جي رخصت وٺي وڃڻ بعد، ڏاڏي مرحوم، مولوي محمد صديق
نالي هڪ ٿاريلي استاد کي منهنجي وڌيڪ تعليم لاءِ گهرايو. محمد صديق مرحوم اصل
ٻاڙمير طرف سروپي جي تڙ تي رهندڙ هو، ۽ مولوي عبدالرزاق مرحوم جو شاگرد هو. مولوي
عبدالرزاق، وڏيري بلاول هاليپوٽي جي ڳوٺ ۾، ڍوري ناري (ضلعي ٿرپارڪر) جي نزديڪ،
پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هو، ۽ پنهنجي دؤر اندر وڏو عالم ليکيو ويندو هو.
مولانا محمد صديق مرحوم
مولانا محمد سومر مرحوم وانگر، مولانا محمد صديق مرحوم به سادگي پسند
انسان هو، جهڙا ٿر جا ماڻهو عام طرح ٿين ٿا. مار - ڪٽ کان وڌيڪ، پيار سان پيو
شاگردن کي پڙهائيندو هو. انگريزن جو سخت دشمن هوندو هو. ان زماني ۾ پهرين عالمگير
لڙائي هلي رهي هئي. مولوي صاحب مسجد جي ٻاهران ميدان ۾ ڀترن جون ٺُلهيون ٺهرائي،
شاگردن کي چوندو هو ته انهن کي ڀتر هڻي ڊاهيو. هر ٺلهيءَ تي ڪنهن نه ڪنهن انگريز
جرنيل جو نالو رکندو هو، ۽ جا ٺلهي ڊهي پوندي هئي ته چوندو هو ته اهو جرنيل مارجي
ويو. هڪ وڏو ڪئلينڊر انهن ڏينهن ۾ آيو هو، جنهن تي لارڊ ڪچز جي تصوير ڇاپيل هئي.
اهو ڪئلينڊر ڀت تي هڻائي، مون کي هوائي بندوق ڏيندو هو ته اُن سان ڪچز جي صورت کي
چُٽيان. هر روز اها ورزش ٿيندي رهندي هئي، تان جو ڪئلينڊر پرزا پرزا ٿي ويو.
سرءَ جي موسم ۾ مليريا جي تپ جا راڱهڙا هوندا هئا. انهن ڏينهن تائين
اڃا فقط ”ڪونين“ به ميسر ڪانه ٿيندي هئي. غريب ويچارا مرندي مري ويندا هئا، پر
علاج ڪرائي ڪونه سگهندا هئا. مولوي صاحب مرحوم پاڻ به مليريا جو مريض هوندو هو، پر
جڏهن بخار اچي حملو ڪندو هوس ته مسجد ۾ تڏي تي ليٽي ۽ انتهائي خوش الحانيءَ سان
ڪلام پاڪ جي سورت يوسف پڙهڻ شروع ڪري ڏيندو هو. سورت شروع ڪرڻ شرط کيس پگهر اچڻ
لڳندو هو. هوڏانهن قرئت پوري ٿيندي، ۽ هيڏانهن مولوي صاحب جو بخار ختم.
مرحوم کي ڳاڙهن گوگائي مرچن کائڻ جو سخت شوق هوندو هو. ڳنڌڻ نه ملندس
ته ڳاڙها مرچ، پاڻيءَ ۽ گيهه جي ذري ۾ وجهي، ٽانڊن جو تؤ ڏيئي، سموري ماني انهن
سان کائي پوري ڪري ڇڏيندو.
سندس ”هابي“ هوندي هئي خط لکڻ. هر هفتي هيڏانهن هوڏانهن پيو پنج -
چار خط لکندو هو، جا تمام وڏي ڳالهه هئي انهن ڏينهن جي لحاظ سان. مون کي ياد آهي
ته انهن ڏينهن ۾ پوسٽ ڪارڊ تي هڪ پئسو ۽ لفافي تي ٽڪو لڳندو هو. پر پئسي جو به ان
زماني ۾ مانُ هوندو هو، ٽڪو ته بنهه وڏي رقم هوندو هو. مولوي صاحب، سرڪاري دفترن
وانگر، پاڻ وٽ ٽپال جي آمدني - روانگيءَ جو رجسٽر ٺاهي رکيو هو: جو خط روانو ٿيندو
تنهن جي داخلا ٿيندي، ۽ جڏهن جواب ايندو ته داخلا جي سامهون ”جواب موصول شد“ جو
نوٽ ٿيندو.
پئسو ٿيندو هوس ته فارسي عربي جا ڪتاب گهرائيندو هو. ان باري ۾
دهليءَ جي هڪ ڪتبخاني سان مستقل لکپڙهه جاري رکيو ايندو هو. ڪتبخاني جو نالو هوندو
هو ”مطبع مجتبائي“، دهلي، جنهن جو مالڪ هوندو هو مولانا عبدالاحد صاحب.
No comments:
راءِ ڏيندا