; سنڌي شخصيتون: پروين موسيٰ ميمڻ، آصف جمال سومرو، رياض ڪلهوڙو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، دستگير ڀٽي،
Showing posts with label پروين موسيٰ ميمڻ، آصف جمال سومرو، رياض ڪلهوڙو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، دستگير ڀٽي،. Show all posts
Showing posts with label پروين موسيٰ ميمڻ، آصف جمال سومرو، رياض ڪلهوڙو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، دستگير ڀٽي،. Show all posts

14 June, 2017

محمد عثمان ڏيپلائي - ۱

محمد عثمان ڏيپلائي

 [ ولادت ۱۳۲۶هه = ۱۹۰۸ع ]

ميمڻ عبدالغفور سنڌي



ٿر جي ٿڌي ٿانئري مٽيءَ ۾ پيدا ٿيل سنڌي علم ادب جو خدمتگار ۽ گهڻن ڪتابن جو مصنف، محمد عثمان ”شائق“ ولد حبيب الله ميمڻ، ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلي (۱) ۾ ۱۳۲۶هه مطابق ۱۹۰۸ع ۾ ڄائو آهي. ننڍپڻ کان ذهانت سندس ساٿ ڏنو؛ جنهن ڪري ٻاراڻي درجي ۾ ئي پنجين درجي جا ڪتاب نس پڙهي ويندو هو. وقت جا استاد به کانئس متاثر هئا. سندس والد ننڍڙو واپاري هو. کيس ستن نياڻين تي هي پٽڙو پيدا ٿيو هو؛ جنهن کي پيار وچان پاڻ کان پل به پري ڪري نه سگهندو هو. اُن وقت ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم ڪانه پڙهي ويندي هئي؛ جنهن ڪري چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي ”مٺيءَ“ پڙهڻ جي سگهه نه ساري، مجبوراً ڳوٺ ۾ ست درجا سنڌي پاس ڪري، وڻج واپار ۾ پيءُ جو ٻانهن ٻيلي بڻيو.