مختيار سمون
لڪا ڀُڻن لوڪ ۾! ذڪر هڪ اتساهيندڙ شخصيت جو!
لياقت راڄپر
دنيا ۾
گهڻي قدر جيڪي به وڏا ماڻهو پيدا ٿيا آهن، انهن جو تعلق غريب گهراڻن سان رهيو آهي.
وڏي ماڻهوءَ جو مطلب دولت وارو نه پر علم ۽ ادب وارو آهي. پئسي وارن کي حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪجهه به نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو پيدا ٿيڻ کان مرڻ تائين هر آسائش حاصل ڪندا
آهن. غريب کي اهو سڀ ڪجهه نه هوندو آهي، ان لاءِ هن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽارگيٽ رکڻو
پوندو آهي ۽ پوءِ جدوجهد ۽ محنت کي پنهنجو ٽولTool ٺاهي نڪري پوندو آهي. زماني جون زيادتيون، بک، ڏک، ناانصافي، ظلم ۽ زيادين
کان گذرندو نيٺ هڪ ڏينهن هو علم ۽ محنت ذريعي اهو ٽارگيٽ پورو ڪري وٺي ٿو.
