; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، محمد حسن، ڪهاڻي، ستار، پيرزادو،
Showing posts with label ڊاڪٽر، محمد حسن، ڪهاڻي، ستار، پيرزادو،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، محمد حسن، ڪهاڻي، ستار، پيرزادو،. Show all posts

27 June, 2017

ڊاڪٽر محمد حسن - ستار پيرزادو

ڊاڪٽر محمد حسن
سندس شخصي ڪهاڻي
ستار پيرزادو
اسان جي خاندان جو اهو فرد جيڪو اڄ ڪلهه ڊاڪٽر محمد حسن ٿو چوائي ۽ ڪراچيءَ ۾ پهرين خانگي جانورن جي اسپتال 1969ع کان اڄ ڏينهن  تائين هلائي رهيو آهي. سندس والد جو نالو شفيع محمد عرف عام ۾ ملان جمن آهي، ان جو هي ٽيون نمبر پٽ ۽ منهنجو ماسڙ آهي. پاڻ 8 جولاءِ 1936ع ۾ ڄائو. (آتم ڪٿا، ڊاڪٽر محمد حسن) پر کيس سال کان سواءِ مهيني جي پڪ ڪانهي. مان سمجھان ٿو ته هو مارچ يا اپريل ۾ ڄائو هوندو جو اسان جو اڳلو ڳوٺ فيدر جيڪو درياهه جي کاٻي پاسي هوندو هو، اهو 1936ع جي وڏي ٻوڏ ۾ لڙهي ويو هو ۽ اسان جي خاندان جا ماڻهو پنهنجو الهه تلهه لوڙهائي، ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي لڳ اچي جھڳا اڏي ويٺا ۽ ڳوٺ جو نالو حاجي لعل بخش شيخ رکيائون. جيئن ته ٻوڏ جا اڪثر مهينا جون کان آگسٽ تائين يا ڪڏهن سيپٽمبر تائين ٿيندا آهن، انهن ڏينهن ۾ درياهه به ريل ڇيل وهندو هو. اڃا درياهه تي بيراج به نه جڙيا هئا، تنهنڪري مرضيءَ سان پيو وهندو ۽ پائيندو هو، واهوندڙيون پيو جوڙيندو هو ۽ رخ پيو بدلائيندو هو. سو ڊاڪٽر محمد حسن مارچ يا اپريل ۾ ئي جنم ورتو هوندو. هو ڄائي ڄم کان بيحد ڪمزور ڄائو هو ۽ ڪمزور رهڻ لڳو هو تنهن  ڪري کيس گھر ۾’ پلپلو‘ ڪري سڌيندا هئا. ويتر ٻوڏ جي ڪري ۽ آبهوا تبديل ٿيڻ جي ڪري هن جي صحت تي به ڪافي برو اثر پيو ۽ هو اڪثرڪمزو رهڻ لڳو. جڏهن دوا ستيءَ  ۽ دعا سڳي کان پوءِ تندرست ٿيو ته کيس ’بچو‘ ڪري ڪوٺيو وڃڻ لڳو.