; سنڌي شخصيتون: حسن درس، لڇمڻ ڪومل، نٺل جسڪاڻي، امر لغاري، اظھار سومرو، عمر قاضي، امر سنڌو، زاھده تاج ابڙو،
Showing posts with label حسن درس، لڇمڻ ڪومل، نٺل جسڪاڻي، امر لغاري، اظھار سومرو، عمر قاضي، امر سنڌو، زاھده تاج ابڙو،. Show all posts
Showing posts with label حسن درس، لڇمڻ ڪومل، نٺل جسڪاڻي، امر لغاري، اظھار سومرو، عمر قاضي، امر سنڌو، زاھده تاج ابڙو،. Show all posts

16 June, 2017

حسن درس - ۱

آئون تو ساڻ، تون ڪٿي جانان!
بخش مهراڻوي

ڪارن گلابن مثل ٽڙي پوندڙ هي ڪٿا ڪٿان شروع ڪريان! زندگيءَ جون لڳاتار ٻٽيهه بهارون ۽ خزائون مون مڇيءَ ۽ پاڻي جهڙي رشتي سمان ساڻس گڏ گذاريون. منهنجو ساڻس پهريون مکا ميلو سندس غزل جي انهن سٽن پڙهڻ کانپوءِ ٿيو، ياد نه اٿم ته ڪٿي ۽ ڪڏهن.. پر درد جي هڪجهڙائي مونکي ڇڪي وڃي هن جي ويجهو ڪيو.
خواب شهرت نه ماڻي سگهيا،
تو کي مون وٽ نه آڻي سگهيا،
ڇو رُنس مان رڙيس چوڪ تي،
شهر وارا نه ڄاڻي سگهيا.
۽ پوءِ اڻ ڳڻيون راتيون ۽ ڏينهن ڪئين رولاڪيون، سفر، جهيڙا، محبتون، رساما ۽ پرچاءَ، هڪ اهڙو تعلق، هڪ اهڙو پيار، جو.. ”پڙاڏو سو ئي سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين، هئا اڳيئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.“ منهنجيون اکيون گواهه آهن ته سنڌ ۾ ڪنهن شاعر کي دوستن ايترو بيپناهه پيار ۽ لاڏ ڪوڏ،  ڏنو  ته اهو صرف حسن هو، حسن جا انگل آرا، حسن جون حجتون، حسن جي هوڏي طبيعت جون ارڏايون، حسن لاءِ محبتون ۽ مهمانيون، جنهن فراخدليءَ سان هنڌين ماڳين قبوليون وينديون هيون، جو لڳندو هو ته هو مڙني سڄڻن جي دلين جي سلطنت جو بي تاج بادشاهه هجي. هن جي حياتي جي ڪتاب ۾ هار کائڻ يا آڻ مڃڻ جهڙا لفظ ته شجِر ممنوع هئا.