استاد رستم علي ٻُـرڙو
سازن ۾ ساهه اوتيندڙ ڏاهو ڏات ڌڻي
ناصر مقصود گل
قدامت
کان وٺي جدت تائين هن ڌرتيءَ جا ماڻهو، جيڪي پنهنجي جنم ڀوميءَ تي فخر ڪن ٿا ته
اهو بجا آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ڏيهه جي تهذيب ۽ ثقافت زمانن کان علم توڙي حلم ۾
تمام گھڻي شاهوڪار رهي آهي. ٻولي ڪنهن به قوم جي احساسن جي زبان هوندي آهي، ان ٻوليءَ
۾ نصابي تعليم انسان جي اندر ۾ شعور ۽ جاڳرتا جو روح ڦوڪي ٿي، ته وري ان ٻوليءَ ۽
تهذيب سان وابسته موسيقي وري اندر جي احساسن جو روح هجي ٿي. اسين اهو پڻ چوڻ ۾ حق
بجانب آهيون ته سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب ۾ سنڌي موسيقيءَ جو به هڪ عليحده ۽ هاڪارو
مقام رهيو آهي، ايتري قدر جو برصغير کان ويندي پوري دنيا ۾ سنڌي موسيقي ۽ سنڌي
سازن کي هڪ هاڪاري ۽ سگھاري حيثيت حاصل آهي. هندي سنگيت سان گڏوگڏ هتان جي اصلوڪي
سنڌي موسيقي سدائين هتان جي ماڻهن جي جذبن، رزميه توڙي رومانوي احساسن جي ترجمان
رهي آهي. هتي موسيقيءَ نه فقط وندر ۽ ورونهه جي سامان طور هڪ اهم جڳهه والاري آهي،
پر هڪ علم جي صورت ۾ انساني داخلي جذبن ۾ وسعت آندي آهي ۽ زماني کان روحن جي ڪلپنائن
کي پنهنجي هنج ۾آڻي مسرت بخشيندي رهي آهي.
