ميان اظهر مولائي
سنڌ جو جاکوڙي صحافي
وفا رضا
هيءَ
دنيا هڪ ميلو آهي، جتي هڪڙا اچن پيا، ٻيا وڃن پيا. پاڻ واري شيڪسپيئر ته دنيا کي
اسٽيج به سڏيو آهي، جنهن تي هر ماڻهو پنهنجو ڪردار نڀائي منظر تان هليو ٿو وڃي. پر
ڪي ڪردار اهڙا به هوندا آهن، جيڪي منظر تان هٽي وڃڻ کان پوءِ به لوڪ جي حواسن تي
گهڻي وقت تائين طاري رهندا آهن. اُنهن کي جيترو به وسارڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، اوترو
ئي اُهي ياد پوندا آهن، جيئن مرشد لطيف چيو آهي،
چيتاريان
چُڻڪن، وِساريان نه وسري،
ويروتار
ڏُکَن، سَڄَڻَ ڀڳي هَڏَ جئن.
