; سنڌي شخصيتون: استاد محمد حنيف لاشاري، ناصر مقصود گل، آغا سعيد، جميل چانڊيو،
Showing posts with label استاد محمد حنيف لاشاري، ناصر مقصود گل، آغا سعيد، جميل چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label استاد محمد حنيف لاشاري، ناصر مقصود گل، آغا سعيد، جميل چانڊيو،. Show all posts

27 June, 2017

استاد محمد حنيف لاشاري


استاد محمد حنيف لاشاري
ناصر مقصود گل
ميرپورخاص لاڙ جي پڇاڙيءَ جو اهو خوبصورت خطو آهي، جتي واهوندا پنهنجا پساهه ڇڏيندا آهن. سموري سال ۾ مند ڀلي ڪهڙي به هجي، ميرپورخاص سدائين سائو ستابو پيو نظر ايندو آهي. ٿر، ريگستان، وچولي ۽ لاڙ جي گڏيل رچيل اثرن واري هيءَ مٽي بنهه زرخيز آهي، جتي ساوڪ ۽ سرسبزي يقيني طور تي فردوس جي عڪاسي پئي ڪندي آهي. جتي ميرپورخاص هوائن ۽ فضائن جي ڪري ناماچار آهي، اتي هي سرسبز ۽ شاداب علائقو باغبانيءَ ۾ به پنهنجو مثال پاڻ آهي ۽ ميرپورخاص جي باغبانيءَ جو جڏهن به حوالو ڏجي ٿو ته خاص طور تي هتان جا انب ڪا اڻ وسرندر سوغات بڻجيو وڃن ٿا. هتان جي انبن جي جنس ڀلي ڪهڙي به هجي، پر سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين به سانوڻ جي مند ۾ هتان جي انبن لاءِ دسترخوان ضرور پٿيربا آهن.