; سنڌي شخصيتون: انيتا غلام علي

31 August, 2014

انيتا غلام علي

انيتا غلام علي

ذڪيه مختيار



هي دنيا فاني آ، هميشه رهڻ واري ناهي. ڪيئي عظيم هستيون آيون ۽ پنهنجا پنهنجا فرض پورا ڪري پنهنجي وقت پڄاڻي هن دنيا مان رخصت ٿي پاڻ کي هميشه جي لاءِ اَمر ڪري ويون. پر اسان انهن سڀني هزارين عظيم هستين سان رهيا ناهيون، تنهن ڪري انهن جو وڇوڙو ايترو تڪليف ڏيندڙ ناهي رهيو. انسان جنهن سان گڏ رهندو آهي، ان جي ئي جدائي نهوڙي نيندي آ. مان جنهن عظيم ۽ معتبر هستي جي لاءِ لکي رهي آهيان ته ٽائپنگ وقت هٿ ساٿ نه ڏئي رهيا آهن، انهن جي ڏڪڻي منهنجي لاءِ دشواري پيدا ڪري رهي آهي ته مان پنهنجي محبوب هستي جي لاءِ ڪيئن لکان ۽ ڇا لکي ڇا لکان؟؟؟؟


آپا انيتا غلام علي، جيڪا تعليم جو هڪ روشن ستارو هئي. خاص ڪري سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ ان جي ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. سندس ٽارگيٽ سنڌ جي ٻهراڙي وارا اهي علائقا هئا، جيڪي قبيلائي رسمن جي ور چڙهيل هيا ۽ اتي نياڻين جي تعليم هڪ گار برابر هئي. جڏهن ايس اي ايف جي ٽيم انهن علائقن ۾ پهچندي هئي ته انهن کي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو هيو ته توهان اسان جي ڇوڪرين کي بگاڙڻ چاهيو ٿا، اسان اسڪول کولڻ ڪو نه ڏينداسين. پر اها آپا ئي هئي، جنهن جي هدايتن ۽ نصيحتن جي پوئواري ڪندي اسين ڪامياب ٿياسين. جتي جا ماڻهو پهريان راضي نه پئي ٿيا پوءِ انهن ئي ڳوٺن جا اسڪول ايليمينٽري سطح تي پهتا.

آپا هميشه عورتن کي سپورٽ ڪيو، انهن کي اڳيان اچڻ لاءِ همٿايو. آپا ايس اي ايف ۾ هڪ ”عورتن جي پاڻ ڀرائپ وارو پروگرام“ شروع ڪيو، جيڪو اڃا تائين ڪاميابي سان جاري آهي. آپا عورتن جي لاءِ وڏي آس هئي، هوءَ عورتن جي ٻانهن ٻيلي هئي. ايس اي ايف ۾ ڪم ڪندڙ سڀني عورتن کي آپا ڏاڍو سپورٽ ڪيو، هوءَ اداري ۾ موجود سڀني عورتن جي لاءِ ڏَڍ هئي. آپا هڪ مدبر، دور انديش ليڊر، هڪ مخلص دوست ۽ نهايت ئي شفيق ماءُ هئي. ان جي وڇوڙي کان پوءِ اسان سڀ پاڻ کي يتيم محسوس ڪري رهيا آهيون، اسان هڪ ٿڌي ڇانوري کان محروم ٿي ويا آهيون. آپا جي وڃڻ سان هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن کان به نٿو ڀرجي سگهجي.

انيتا غلام علي اها واحد سربراهه هئي، جنهن جي آفيس جا دروازا هيشه کليل هوندا هئا. هر عام خاص ان سان ملي سگهندو هو، ڪنهن کي به ڪا جهل پل نه هئي. ڪيترائي غريب مسڪين پڙهيل ماڻهو وٽس آيا، جن کي آپا روزگار سان لاتو ، الائي ته ڪيترا گهر آهن، جن جا چلها آپا جي امداد سان ٻرندا هئا، اڻ ڳڻيا شاگرد آهن، جن کي آپا مالي مدد ڪندي هئي. منڇر ڍنڍ جي مهاڻن جي لاءِ هر سال سياري جي ڏينهن ۾ انهن لاءِ گرم ڪپڙا، سوئيٽر، جوراب ۽ اوني ٽوپيون وٺي موڪليندي هئي.

هوءَ پاڪستان ۾ ”اسڪولن کي هنج وٺڻ“ (adopt a school program) جي باني هئي. هن تعليم جي ميدان ۾ ڪيئي مثبت تبديليون آنديون. سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۹۸ع ۾ ڪميونٽي اسڪولس جو بنياد آپا وڌو. ”ڪميونٽي سپورٽيڊ اسڪولس پروگرام“، ”فيلو شپ اسڪولس پروگرام“ ۽ ”آر بي سي ايس پروگرام“ ان ڏس ۾ ايس اي ايف جا ڪامياب ترين پروگرام رهيا آهن، جن کي اڳتي هلي هڪ نئين پروگرام ”آئي اِي ايل پي“ ۾ ضم ڪيو ويو. ان کان علاوه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت اسڪولن جو قيام به پهريون ڀيرو آپا ئي ايس اي ايف جي پليٽ فارم تان ڪيو. سنڌ جا بلڪل ڪچي ۽ ڪاڇي کان وٺي ٿر وارا علائقا تعليم جي روشني سان منور ٿيا. پسمانده علائقا جتي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جا ڪتاب پڙهائڻ لاءِ به ڪو استاد وڃڻ لاءِ راضي ڪو نه، هو اتي جا ٻارڙا آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جا انگلش ميڊيم وارا ڪتاب پڙهي رهيا آهن، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. آپا سنڌ جي ڳوٺن سان پنهنجي ٽيم وسيلي ويجهڙائپ رکي. هن کي جڏهن به موقعو ملندو هو ته مختلف ورڪشاپس ۾ ڪميونٽي جي ماڻهن کي گهرائيندي هئي ۽ انهن سان ملندي هئي. ڳوٺن ۾ تعليم جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ آپا ڪيترائي ميڙاڪا ۽ مچ ڪچهريون ڪرايون، جن ۾ مختلف تعليمي شخصيتن کي دعوت ڏئي گهرايو ويندو هو. مون کي ياد آهي ته ۲۰۰۱ع ڀٽ شاهه ريسٽورنٽ هالا ۾ ڪميونٽي ميمبرز لاءِ هڪ هفتي جو ميڙاڪو رکيو ويو هو، جنهن ۾ نياڻين جي تعليم جي اهميت، ڪارو ڪاري واري ڪڌي رسم ۽ ننڍي عمر وارين شادين متعلق ڊراما ڪرايا ويا هئا ۽ ليڪچرز پڻ رکيل هئا، جن ۾ سنڌ جي تاريخ تي شمشيرالحيدري، نياڻين جي تعليم تي آپا تنوير جوڻيجو، جانورن جي بيمارين تي ڊاڪٽر حفيظ الرحمان ڪلهوڙو، زرعي مسئلن تي حفيظ سمون جا ليڪچرز رکيل هيا ۽ حفيظ ڪنڀر مختلف موضوعن تي ڊراما ترتيب ڏنا هيا. ڪميونٽي ميمبرز کان پوءِ آپا استادن جي سکيا تي وڏو ڌيان ڏنو آپا استادن کي هڪ اهم ٿنڀو تصور ڪندي هئي. آپا جو چوڻ هو ته اسان جو استاد مضبوط ۽ تربيت يافته هوندو ته اسان جو معاشرو به شعور وارو ٿيندو. سندس نظريو هو ته اسڪول جو ماحول اهڙو هجي جو والدين ٻار کي اسڪول وڃڻ لاءِ زور نه ڀرين، پر صبح ٿيڻ سان ئي پهريون آواز ٻار جو ٻڌڻ ۾ اچي ته مون کي تيار ڪيو، اسڪول وڃڻو آهي. پنهنجي ٽيم جي لاءِ آپا هر مهيني ڊسڪورس ڪرائيندي هئي، جنهن ۾ پڻ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي شرڪت لاءِ گهرايو ويندو هو. ٽيم جي capacity building لاءِ مختلف تربيت ڏيندڙ قومي ۽ بين الاقوامي ادارن سان لهه وچڙ ۾ رهندي هئي. ايس اي ايف جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي ساٿين آمريڪا مان ڪورس ڪيا. آغا خان يونيورسٽي، اداره تعليم و آگهي، اين جي آر سي، اسپيلٽ، آءِ او اِي – يونيورسٽي آف لنڊن ۽ ٻيا به کوڙ سارا ادارا آهن جتان ايس اي ايف جي ٽيم جا ورڪشاپس ٿيندا هئا. هوءَ ايس اي ايف جي life time مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي رهي، پنهنجي زندگي جا ۲۲ سال هن اداري کي ڏنا ۽ اهو هڪ وڏو اعزاز آهي.

مان پنهنجي ڪاليج واري زماني کان ئي اخبارن ۾ لکندي هيس پر اهو موڊ تي هوندو هيو، مونکي باقاعده لکڻ لاءِ آپا اتساهيو. جڏهن به آپا جي آفيس ۾ ويندي هيس ته سندس پهريون سوال هوندو هو، ”ها ته توهان جو اخبار ۾ ڪو ئي آرٽيڪل آيو؟“، يا ” ذڪيه ڪوئي آرٽيڪل لکو ٿا؟“ منهنجو جواب هوندو هيو، جي آپا هڪ آرٽيڪل ڇپيو آهي، يا جي آپا لکي رهي آهيان. ”چڱو، موڪلڻ کان پهرين مون کي ڏيکارجان“. جي آپا ضرور. هر آرٽيڪل لکي پهرين آپا کان review ڪرائيندي هيس پوءِ موڪليندي هيس. جڏهن آرٽيڪل اخبار ۾ ڇپجي ايندو هو ته سڄو آرٽيڪل آپا کي پڙهي ٻڌائيندي هئس.

آپا جون صلاحون، نظريا، رايا ۽ هدايتون حيران ڪندڙ هيا. سندس ڊگهي نگاهه ۽ اوچي سوچ هئي. اها آپا جي ڏور رس سوچ ۽ فڪر ئي هو، جنهن جي ڪري اڄ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، هر واهڻ ۽ وستيءَ ۾ اسڪول هلي رهيو آهي ۽ ٻارڙا تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿي رهيا آهن. ماڻهن ۾ تعليم جو شعور پيدا ٿيو، انهن پراڻين موذي مرض جهڙين رسمن کي ختم ڪيو. اهو سڀ آپا جي محنتن جو ئي ثمر آهي.

انيتا غلام علي اها سورمي هئي جنهن کي پوري سنڌ سان محبت، چاهه ۽ اُنسيت هئي. هن سنڌ ۾ موجود هر مارئي هر مومل، هر سسئي، هر سورٺ هر سهڻي، هر نوري ۽ هر ليلان جي درد کي محسوس ڪيو انهن جي لاءِ جاکوڙيو. هن عورتن کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۽ انهن کي شان ۽ مان سان هلڻ سيکاريو ۽ جيئڻ جو هڪ نئون ڍنگ ڏنو. هن سنڌ جي نياڻي کي اهو زيور ڏنو، جنهن کان ان کي محروم رکيو ٿي ويو ۽ اهو زيور تعليم آهي، جنهن سان سنڌ جي نياڻي سينگارجي ٿي رهي آهي ۽ پنهنجون قابليتيون ظاهر ڪري رهي آهي.

اڄڪلهه هر ڪو چئي رهيو آهي ته سنڌ جي تعليم جي حالت خراب آهي، اهي ماڻهو غلط آهن. انهن ايس اي ايف جا اسڪول ڏٺا ئي ناهن، سنڌ ۾ معياري تعليم جو گراف وڌيو آهي گهٽيو ڪونهي ۽ اهو سڀ تعليمي ماهرن جي ڪري آهي. تاريخ ۾ جڏهن به سنڌ کي تعليم جي زيور سان سنواريندڙن جو ذڪر ايندو ته ان فهرست ۾ آپا انيتا غلام علي جو نالو سڀن کان سَرِ فهرست هوندو. هن استادي وارو پيشو اپنائڻ وقت اهو پختو ارادو ڪيو هو ته هوءَ پنهنجي سڄي زندگي تعليم جي واڌاري لاءِ صَرف ڪندي، جنهن کي آپا پنهنجي حياتي جي آخري گهڙين تائين پاڙيو. اهڙا عظيم ڪردار هن دنيا ۾ گهٽ هوندا آهن ۽ اها منهنجي خوش نصيبي آهي ته مون کي ان عظيم هستي سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو قدرت موقعو ڏنو. آپا انيتا غلام علي جهڙا ڪردار اَمر هوندا آهن، تاريخ هوندا آهن. جيئن سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪمراني واري دؤر کي سونهري دؤر سڏيو ويندو آهي تيئن مان چوان ٿي ته سنڌ ۾ تعليم جي حوالي سان آپا انيتا غلام علي هڪ عظيم ۽ نه وسرندڙ ”سونهري ڪردار“ جي حوالي سان هميشه تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ رهندي ۽ اسان جي دلين ۾ هميشه زندهه رهندي.


 

انيتا غلام علي

نامياري تعليمي ماهر انيتا غلام علي ڪراچي ۾ ڄائي. سندس والد جو نالو فيروز نانا هو ۽ هو وڪالت واري شعبي سان لاڳاپيل هو. سندس والده جو نالو شيرين فيروز هو، جيڪا سنڌي ٻولي جي نامياري اديب مرزا قليج بيگ جي فرزند ۽ نامياري ڪهاڻيڪار مرزا نادر بيگ جي ڌيءُ هئي.

هن هندستان جي صوبي مهاراشٽرا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪراچي واپس اچي 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان مئٽرڪ ڪئي. هن 1954ع ۾ انٽر جي تعليم، ڪراچي جي وومين ڪاليج مان پاس ڪئي. هن انٽر جو ٻن سالن وارو امتحان، چئن سالن ۾ پاس ڪيو. هن B. Sc ڊي جي ڪاليج ۾ ٻن سالن بدران چئن سالن ۾ ڪئي. هوءَ پڙهائيءَ ۾ ڪمزور هئي، جنهن ڪري ٿرڊ ڪلاس ايندي هئي.

هوءَ شاگردي واري دور کان وٺي ٽيبل ٽينس ۽ بيد منٽن راند جي شوقين رهي آهي ۽ ڪيترا ئي ڀيرا انهن جي چيمپيئن پڻ رهي آهي. سندس خواهش ڊاڪٽر ٿيڻ جي هئي پر ڊاڪٽر نه ٿيڻ ڪري استادي وارو پيشو اختيار ڪيو.

هن ۱۹۷۸ع ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ملازمت اختيار ڪئي ۽ انهي عرصي دوران پاڪستان ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻ بڻي ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪيترن ئي احتجاجي مظاهرن جي اڳواڻي ڪئي. جنهن ڪري سندس والد تي انتظاميا پاران دٻاءُ وڌو ويو ته هو پنهنجي ڌيءُ کي اهڙين سرگرمين کان روڪي. پر هن اهو چئي کين جواب ڏنو ته؛ ”هوءَ بالغ ۽ شعور يافته آهي، جنهن ڪري پنهنجو برو ۽ ڀلو پاڻ سمجهي سگهي ٿي. مان سندس زندگي جي مقصد ۾ رنڊڪ نه ٿو بڻجڻ چاهيان!“

هوءَ ۲۸ سالن تائين ايم ايس ڪاليج ۾ پروفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهي. هن ۲۰ سالن تائين ريڊيو پاڪستان تي نيوز ڪاسٽر طور ڪم ڪيو. هوءَ ۱۹۸۹ع ۾ سنڌ گورنمينٽ جي ٽيچرس فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مقرر ٿي ۽ اڄڪلهه سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هوءَ سماجي تنظيمن جي سهڪاري ٿي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ تعليمي شعور لاءِ ڪوششون پڻ وٺندي رهي آهي. هن پنهنجي نوڪريءَ واري عرصي ۾ تعليم جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو.

هن ۲۵۰ جي لڳ ڀڳ تعليم ۽ عورتن بابت انگريزي اخبارن ۾ مضمون لکيا آهن ۽ هن سنڌي ڀرت جي اصليت ۽ حويلي جي رازن بابت پڻ انگريزي ۾ ڪتاب لکيا آهن. 

No comments:

راءِ ڏيندا