امرديپ بڊلاڻي
سُريلو ڪلاڪار ۽ طبلي جو وڄتڪار
ناصر قاضي
موسيقيءَ جي سنسار ۾ ڪلاسيڪي گائيڪيءَ جو پنهنجو ميڊيم
آهي، جنهن جي پروڙ صرف اهلِ دل ۽ اهلِ قدر ماڻهن کي ئي هوندي آهي. ڇاڪاڻ جو ڪلاسيڪي
گائيڪيءَ کي موسيقيءَ جو اصل روح تسليم ڪيو وڃي ٿو. موسيقيءَ جي سنسار ۾ جتي سر ۽ آواز
اهميت جا حامل آهن، اتي ساز جو پڻ وڏو عمل دخل آهي. اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو
ٿي گذريا آهن، جن راڳ رنگ جي هن جهان ۾ فني اختيار سان سر ۽ آواز سان گڏ ساز کي سکڻ
۽ سمجھڻ به ضروري ڄاتو آهي.
نو عمر نوجوان ڪلاڪار توڙي وڄتڪار امر ديپ به انهن
مان هڪ آهي، جنهن طبلي جي سکيا سان گڏ سر کي به دل سان هنڊايو آهي. جيتوڻيڪ اسان وٽ
سر ۽ ساز جي اهميت باوجود اهڙن نو عمر، نونهالن ۽ نوجوانن جي پذيرائي کي محدود رکيو
ويو آهي، پوءِ به ڪي سچا عاشق چاهيندڙ ۽ طالب اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي سر محنت جدوجهد
۽ رياضت سان منزل کي رسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهيءَ سموري شمار يا قطار امر ديپ به اهڙو
پتنگڙو آهي، جيڪي موسيقيءَ جي شمع تي پچي راس ٿيڻ جا ارمان کنيو وتن....
اتر سنڌ جي سهڻي شهر رتيديري جي نوجوان طبلا نواز امرديپ
بڊلاڻي هڪ ئي وقت ۾ طبلي جي فن سان گڏوگڏ ڪلاسيڪل گائيڪي جي فيلڊ سان به وابسته آهي.
سندس ننڍڙي وهي ۾ سندس جوکم جهڙي پورهئي کي ڏسي يقيناً کيس جس ۽ داد جو مستحق ڀائنجي
ٿو، امر ديپ بڊلاڻيءَ رتيديري شهر جي تاريخي محلي فتحپور ڀرسان واقع هريجن جي پاڙي ۾ شري ڪشن لعل بڊلاڻيءَ
جي گھر ۾ پهرين فيبروري ۱۹۹۱ع تي جنم ورتو. امر ديپ کي
اکيون کولڻ سان ئي موسيقيءَ جو ماحول پنهنجي گھر ۾ ئي ميسر ٿي مليو، ڇاڪاڻ جو سندس
ڏاڏو چرنجي لعل توڙي سندس چاچو هرنام داس هارمونيم وڄائيندا هئا.
تدريسي اعتبار کان انٽر سائنس تائين تعليم حاصل ڪندڙ
امرديپ جا وڏڙا جيتوڻيڪ موسيقيءَ جي فن سان ته سلهاڙيل هئا، پر سندن فني خدمتن جو دائرو
مندرن، گردوارن ۽ ڌرمي تقريبن تائين محدود هوندو هو. امرديپ کي سندس ٻالجتيءَ ۾ پوڄا
پاٺ ڪرڻ توڙي ڌرمي ڪتابن کي پروڙڻ لاءِ جڏهن
سندس ماتا ۽ پتا پاڙي جي مندر ڏانهن اماڻيو، تڏهن هن مندر ۾ ڌرمي آدابن سکڻ سان گڏ
ساز توڙي آواز کي به ٻڌو ۽ ننڍپڻ ۾ ئي اهڙن سريلن آلاپن کي دل ۾ داخل ڪرڻ لڳو. اهڙي
ماحول ۾ پاڻ به ننڍا ننڍا سليس ڀڄن توڙي ڌرمي گيت اچاريندو ۽ ياد ڪندو رهندو هو.
هي ته سندس ننڍپڻ جي لا شعوري ڪرت هئي، پر اڳتي هلي
عملي طور تي فن جي حاصلات لاءِ هن پهريون قدم کڻندي پنهنجي ئي خاندان جي هڪ جھوني ڍولڪ
نواز استاد رامچند کان ڍولڪ جي فن جا بنيادي سبق سکڻ شروع ڪيا. انهن ئي ڏينهن ۾ امر
ديپ جي ملاقات پنهنجي ئي شهر رتيديري جي هڪ ڪلاڪار مهاراج وجيش ڪمار شرما سان ٿي، جنهن
کان هن ساڳئي وقت گائيڪيءَ جي فن جا اصول توڙي آداب سکڻ پڻ شروع ڪيا. امر ديپ پنهنجي
رياض، محنت، لگن توڙي ادب داري ۽ مراوندي واري عنصر سان پنهنجي استاد مهاراج وجيش ڪمار
جي دل ۾ اهڙي ته جڳهه جوڙي ورتي، جو مهاراج وجيش ڪمار پنهنجي گونان گون مصروفيتن سبب
پنهنجي قائم ڪيل سنگيت ڪلب جا سمورا اختيار امرديپ جي حوالي ڪري ڇڏيا، جنهن سنگيت ڪلب
جي اڳواڻيءَ جون ذميواريون امرديپ اڄ ڏينهن تائين احسن انداز سان نڀائي رهيو آهي. اڳتي
هلي امرديپ ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي ميدان ۾ غزل
جي گائيڪي ۽ ڪلاسيڪل تانن توڙي پلٽن جا ڪافي سبق رتيديري جي هڪ ڪلاسيڪل ڪلاڪار حاجي
نثار بزميءَ کان به سکيا.
امرديپ جي هردي ۾ حاصلات جي تمنا شروع کان ئي حرڪت
۾ رهندي آئي آهي، ان حوالي سان ملڪ جي نامور طبلا نواز استاد قادر بخش خان کي اڻ ڏٺي
ئي، پنهنجو روحاني استاد تسليم ڪري ورتائين ۽ استاد قادر بخش خان جي سرپرستيءَ ۾ رهي
ڪجھه حاصل ڪرڻ واري خواهش ماضيءَ ۾ سندس هيئين ۾ هـُرندي رهندي هئي ۽ ڪيتري وقت کان
سندس اها خواهش ته اڌوري رهندي ايندي هئي، پر هڪ ڀيري پرينءَ جي پار کي پروڙڻ جو پڪو
پهه ڪندي، امر ديپ اکڙيون پير ڪري پنهنجي روحاني استاد جي آستاني (خيرپور ميرس) طرف
راهي ٿيو، جتي پنهنجي استاد جو مسڪن ڳولي لڌائين ۽ سندس حضور ۾ حاضر ٿي استاديءَ لاءِ
عرض رکيائين. ٻئي طرف کان قدردان استاد به سندس ڪشالي جو قدر ڪندي کيس سيني سان لاتو
۽ مٿس شفقت جو هٿ ڌريو. اهڙيءَ طرح استاد قادر بخش خان سندس روحاني استاد هئڻ کانپوءِ
سندس عملي استاد پڻ ثابت ٿيو. امر ديپ ان موقعي
کي غنيمت سمجھندي پنهنجي استاد کي پنهنجن ڪکڙن تي قرب ڀريا قدم ڀري اچڻ جي گذارش پڻ
ڪئي، جنهن تي استاد قادر بخش سندس ان التجا کي به مانائتي موٽ ڏني ۽ امر ديپ جي ئي
قربائتي ڪانڍ تي استاد قادر بخش پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا رتيديري شهر ۾ قرب ڀريا
قدم ڀري ايندو رهيو.
استاد قادر بخش خان رتيديري شهر ۾ نه صرف هڪ مهمان
طور ايندو هو، پر هن هڪ معلم جي حيثيت سان به هن شهر ۾ پنهنجون نه وسرڻ جهڙيون خدمتون
سرانجام ڏنيون، نه صرف ايترو، پر استاد قادر بخش طبلي، گائيڪي توڙي موسيقيءَ جي فن
جي حوالي سان رتيديري ۾ هڪ يادگار روشن باب جو آغاز پڻ ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ امرديپ
سميت شهر جا ڪيترائي سيکڙاٽ توڙي تجربيڪار طبلا نواز ۽ ڪلاڪار سندس قربَ ڪچهرين مان
مستفيض ٿيندا رهيا. پر اڳتي هلي ستت ئي سيپٽمبر ۲۰۱۲ع تي استاد قادر بخش جي وڇوڙي سندس گھر وارن، شاگردن، ساڻس محبت ڪندڙن
سان گڏوگڏ رتيديري شهر ۾ سندس ٻاريل شمع جي پروانن کي به مايوس، ملول ۽ مغموم ڪري ڇڏيو.
اهڙيءَ طرح امير ديپ جڏهن پنهنجي اندر جي آس کي اکين سان نراس ٿيندي ۽ پنهنجي استاد
جي ٻاريل شمع کي گل ٿيندي ڏٺو ته ان عالم ۾ هن مايوس ٿي هٿن تي هٿ ڌري ويهڻ بدران تدبير
سان تقدير جوڙڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي مرحوم استاد جي ئي هڪ پراڻي شاگرد سکر
واسي استاد منوهر لعل سان رابطو ڪيائين، ساڻس اندر جو احوال اوريندي استاد قادر بخش
خان پاران رتيديري شهر ۾ قائم ڪيل موسيقيءَ جي مدرسي کي ميسارجڻ کان بچائڻ جو عرض ڪيائين.
اهڙي نموني امرديپ جي ڪوششن سان استاد قادر بخش خان جي ڇڏيل ڪم ۾ نئون دم پيو ۽ استاد
قادربخش جي مئي پڄاڻان ساڳئي شهر ۾ ساڳيو سلسلو وري شروع ٿي ويو، جيڪا ڪرت اڄ سوڌو
جاري آهي.
جيتوڻيڪ امرديپ ۽ منوهر لعل هڪ ئي استاد جا شاگرد هئا،
پر امرديپ ان برابري واري تصور کي پاسي رکيو ۽ پاڻ کي اڻپورو تسليم ڪندي استاد منوهر
لعل جي آڏو گوڏا ڀڃي سندس سرپرستيءَ ۾ ڪجھه حاصل ڪرڻ واري جستجوءَ کي ئي بهتر ڀانيون
۽ ان حوالي سان امرديپ اڄ به استاد مونهر لعل کي پنهنجو استاد تسليم ڪري ٿو،
امر ديپ پنهنجي استاد مهاراج وجيش ڪمار پاران قائم
ڪيل سکيا گھر واري سوپيل ذميواريءَ کي هن وقت ’استاد قادر بخش خان ميوزيڪل اڪيڊمي‘
جو نالو ڌري تمام عشق ۽ عقيدت سان هلائي رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي هڙان وڙان خرچ
ڪري ساز ۽ آواز سان ننڍڙن نونهالن جي ذهنن جي آبياريءَ ۾ پڻ مگن آهي. هن وقت امرديپ
ڀرپور محنت ۽ اڻ کٽ رياض سان شهري سطح تي ئي صحيح، پر هڪ الڳ مقام ضرور حاصل ڪري ورتو
آهي. هاڻي ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته موسيقيءَ سان لئون لائيندڙ هن پريت وند پتنگڙي
کي وقتائتي موٽ ملي ته پڪ سان هو پاڻ کي ضرور پچائي راس ڪندو. اسان جي دعا آهي ته امرديپ
هڪ ڏينهن پنهنجي منزل ضرور ماڻيندو، جنهن جي سر ۽ آواز مان پوري سنڌ کي سڳند ايندي.
No comments:
راءِ ڏيندا