; سنڌي شخصيتون: فقير ممتاز علي وڌو- ناصر قاضي

31 August, 2014

فقير ممتاز علي وڌو- ناصر قاضي

فقير ممتاز علي وڌو
مٺڙي ۽ درويشاڻي آواز جو مالڪ
جنهن ڏينهن لاتئي نينهن اهو وار ياد ڪر.!!!
ناصر قاضي
سنڌ جو سهڻو شهر شڪارپور ماضيءَ کان هڪ شاهڪار شهر رهيو آهي، جيڪو شانائتي تهذيب سان گڏوگڏ شاهوڪار تمدن جو گهوارو پڻ آهي. نه صرف ايترو، پر ضلعو شڪارپور به پنهنجي انفراديت ۽ ايڪتا جو حامل رهيو آهي، جيڪو ضلعو مهان ڪوي شيخ اياز جي جنم ڀومي پڻ آهي، ساڳئي ضلعي ۾ اٽڪل ان ئي جڳهه تي، جتي لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ضلعن جون حدون ٽڪرائجن ٿيون، چار وڏا ۽ پراڻا مقبرا هڪ ٻئي کان چند قدمن جي مفاصلي تي زبون ۽ خسته حالت ۾ نظر ايندا آهن، جيڪي ’بوهي قبا‘ يا ’ٿهيمن جا قبا‘ جي نالن سان سڃاتا وڃن ٿا. هنن مقبرن مان هڪ ته سيد جعفر شاهه نالي هڪ بزرگ جي درگاهه آهي، باقي ٽن مقبرن لاءِ اها روايت مشهور آهي ته اهي ٿهيم قبيلي جا ٽي فرد هئا، جن تي مصلح سامراجن حملو ڪيو ۽ هو ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويا. سندن شهادت بعد هر هڪ شهيد جي بيواهه کين اتي ئي دفن ڪرايو، جتي کين شهيد ڪيو ويو هو ۽ مٿان مقبرا پڻ تعمير ڪرايا. ثابت ٿيو ته ان سرزمين ۾ اهڙا مرد مهان مدفون آهن، جن پنهنجي ديس  لاءِ پنهنجي سر جو سانگو به نه ڪيو.


ان ئي ضلعي شڪارپور ۾ شايد ته قدرت پاران اهڙو ته روحاني رنگ سمايل هو، جو ڀلاري ڀٽائيءَ پوري سنڌ توڙي هنگلاج جي سير سفر ڪرڻ بعد ڀٽ تي پنهنجو آستانو ۽ ساڳين بوهي قبن کان ڪجھه ئي اڳڀرو ڳوٺ ترائيءَ ۾ پنهنجو تقيو آباد ڪيو. ضلعو شڪارپور، ان تاريخي حيثيت جو مالڪ آهي، جتي ساميءَ جا سلوڪ سلاٽيل آهن، جتان اڄ به اياز جو آواز گونجي رهيو آهي، جتان ٻڍل فقير جا ٻول ٻـُري رهيا آهن، ساڳئي سر زمين موسيقيءَ جي محاذ تان پڻ پاڻ موکيو آهي، سچ پچ ته استاد گامڻ خان جي گائيڪيءَ جي گونجار، استاد منظور علي خان جا مٺڙا سر ۽ سرڳواسي وريل داس جي ورلاپن سان گڏ ڳوٺ ڇتي منگيءَ مان استاد رسول بخش سمون پنهنجي شرناءِ جي سريلي آلاپ سان توڙي ڳوٺ نبي شاهه وڳڻ ۾ استاد علي محمد وڳڻ اڄ به پنهنجي آفاقي آواز سان زندهه و جاويد آهن، ته ڪي وري با صفا صوفي گيڙو ويس اوڍي ‘حق موجود سدا موجود‘ جا نعرا بلندي ڪري رهيا آهن. هن ئي سر زمين جو رهواسي، سنڌ جو سٻاجھو صوفي راڳي ممتاز علي وڌو به عشق کي امام بڻائي، راڳ جي راهه وٺي، پنهنجي مٺڙي ۽ درويشاڻي آواز سان تصوف جي تعليم ڏيڻ ۾ مگن آهي.
فقير ممتاز علي وڌي ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ قائم خان وڌي ۾ ٽين جولاءِ 1957ع تي محترم مينهل فقير وڌي جي آڳر ۾ عالم ارواح جا ننڊاکا نيڻ کولي، دنيا جو ديدار ڪيو. هي فقير دنياوي تعليم کان محروم رهيو، جنهنڪري پنهنجو ننڍپڻ اسڪولن جي اسيري ۽ ڪاليجن جي قيد کان آزاد گذاريائين. هي فقير جڏهن ننڍو هوندو هو، تڏهن کان سندن ڳوٺ ۾ پنهنجي وقت جي ڪلاسيڪل گائيڪ ۽ صوفي درويش سيد سڪندر علي شاهه جو آستانو هوندو هو، جنهن آستاني تي ڪلاسيڪل موسيقي توڙي فقراهي راڳ ويراڳ جون محفلون ڪثرت سان ٿينديون رهنديون هيون. فقير ممتاز عليءَ جو روح ته ننڍپڻ کان ئي صوفي راڳ طرف مائل هو، جنهنڪري  پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ ئي روح کي ريجھائڻ لاءِ ساڳئي آستاني تي ايندو ويندو هو ۽ فقراهي محفلن ۾ شرڪت سبب آهستي آهستي پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن اندر واري عشق سان آلاپَ اچاريندو هو. اڳتي هلي عملي طور تي به فقير ممتاز علي، سيد سڪندر علي شاهه صاحب کي ئي پنهنجو سنگيت جو سونهون تسليم ڪندي کانئس رسمي طور تي ڳانو ٻڌرايو.
فقير متاز عليءَ جو روح راڳ سان گڏوگڏ ساڳئي ئي وقت تصوف سان پڻ ريجھندو رهندو هو ۽ پنهنجي تصوف جي آفاقي اڃ اجھائڻ خاطر ان دؤر ۾ پنهنجي ڳوٺ جي، پنهنجي ئي خاندان جي هڪ بزرگَ صوفي سالڪ مور فقير وڌي جي صحبت سان سلهاڙيل پڻ رهيو، جيڪو فقير حضرت صوفي رکيل شاهه جي درگاهه جو طالب پڻ هو، صوفي مور فقير جي توسط سان سندس مرشد سائين سيد رکيل شاهه جي تڏهوڪي گادي ڌڻي صوفي سيد صادق علي شاهه جي ڪچهرين ۾ فقير ممتاز عليءَ کي به شرڪت ڪرڻ ۽ صوفي راڳ آلاپڻ جا ڀرپور موقعا ملندا رهيا، انهن محفلن ۾ شرڪت ڪرڻ سان صوفي سيد صادق علي شاهه جي شخصيت کان فقير ممتاز علي ايترو ته متاثر ٿيو، جو پاڻ ٿوري ئي وقت ۾ سيد صادق علي شاهه کي دل جي حضور سان پنهنجو مرشد مڃيندي سندس دست بعيت ٿيو ۽ هن وقت تائين هي فقير ساڳئي درگاهه فتحپور جي پابند پانڍيئڙي جي حيثيت سان پريت جا پنڌ ڪندو رهي ٿو.
فقير ممتاز علي، سيد سڪندر علي شاهه کان علاوه پنهنجي تر ٻن ٻين راڳين فقير محمد مائري ۽ استاد ڌڻي بخش مائريءَ جن کان به سنگيت جي سرن جي حوالي سان ڪافي ڪجھه پرايو ۽ کين استاد طور تسليم ڪري ٿو. فقير ممتاز علي وڌو 1986ع کان پنهنجي هڪ عزيز، هم مڪتب ۽ هم مرشد ويراڳي فقير معشوق علي مستاني سان جوڙيءَ واري انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ هنن ٻنهي فقيرن جي اها سنگت، صحبت، ساٿ  ۽ هم نوائي اٺاوينهن ورهين پڄاڻان اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ دائم آهي.
فقير ممتاز علي جي ميڊيائي سفر جي ڪهاڻي ڪجھه هن طرح آهي ته سندس ئي ڳوٺ جي هڪ پرائمري استاد سعيد احمد امروٽيءَ جي معرفت سان سندس ملاقات ريڊيو جي اڳوڻي ۽ پي. ٽي. وي جي هاڻوڪي پروڊيوسر، نوجوان ليکڪ غلام مصطفى سولنگيءَ سان ٿي، جنهن فقير ممتاز عليءَ جي آواز کي ريڊيو خيرپور تي متعارف ڪرايو. جنهن بعد پي. ٽي وي ڪراچي سينٽر تي کيس نامياري پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ متعار ڪرايو.   فقير ممتاز علي هيل تائين پنهنجي ساٿي ويراڳي فقير معشوق علي مستاني سان گڏجي ڪيترائي ڀيرا ريڊيو، پي. ٽي. وي توڙي خانگي چينلن تي ريڪارڊ ٿيندڙ صوفي راڳ جي محفلن سان گڏوگڏ سنڌ جي درگاهن تي ٿيندڙ ميلن ۽ مانڊاڻن ۾ ڪيترائي ڀيرا ويراڳ جو ورد ورجائي چڪو آهي، جڏهن ته سندس آواز ۾ ڪيتريون ئي آڊيو ڪئسٽون پڻ منظرِ عام تي اچي چڪيون آهن. فقير ممتاز علي پوري سنڌ کانسواءِ بلوچستان، پنجاب توڙي بين الصوبائي سطح تي منعقد ٿيندڙ وفاقي پروگرامن ۾ اسلام آباد تائين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي.
فقير ممتاز علي عام زندگيءَ ۾ عملي طور تي به  پنهنجي ذات ۾ ويراڳي وصفن ۽ صوفياڻين صفتن سان سرشار آهي. هي فقير نه صرف هڪ ويراڳي فقير آهي، پر پنهنجي عام زندگيءَ ۾ به هڪ زندهه دل شخصيت جو مالڪ، آئي وئي جو آڌر ڀاءُ ڪندڙ ۽ تڏي جو ڪشادو ميزبان پڻ آهي، ان حوالي سان پنهنجي مرشد صوفي رکيل شاهه جي ياد ۾ هر سال صفر مهيني جي ستين تاريخ تي پنهنجي ڳوٺ ۾ فقيراڻي راڳ جي محفل منعقد ڪرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ڳوٺ کان هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع سيد گل شاهه ۽ سيد صوفن شاهه جي درگاهه تي هر سال 22، 23 ۽ 24 اپريل تي ميلو منعقد ڪرائڻ سندس ورهين جي وندر رهندي آئي آهي.   فقير ممتاز علي هن وقت تائين ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن جهڙوڪ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بابا بلهي شاهه، روحل فقير، وارث شاهه، عثمان فقير سانگي، ٻڍل فقير، سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، سيد ولايت شاهه، صوفي وريل فقير، غمدل فقير، دولهه دريا خان، هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، شاهه نصير، سيد مهدي شاهه ۽ ٻين درويشن جي ڪلام ڳائڻ سان گڏوگڏ جديد شاعرن مان استاد بخاري، قاضي عبدالحئي قائل، نثار بزمي، وفا وڌو، سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي چڪو آهي.
فقير ممتاز علي وڌو سر جي سفر تي گامزن آهي، دعا آهي ته هي فقير سدائين سنڌ ڌرتيءَ جي سر لتا ۾ سر جا موتي پوئي سرخرو ٿيندو رهي.


No comments:

راءِ ڏيندا