فقير
ممتاز علي وڌو
مٺڙي
۽ درويشاڻي آواز جو مالڪ
جنهن
ڏينهن لاتئي نينهن اهو وار ياد ڪر.!!!
ناصر
قاضي
سنڌ جو سهڻو شهر شڪارپور ماضيءَ کان هڪ شاهڪار شهر
رهيو آهي، جيڪو شانائتي تهذيب سان گڏوگڏ شاهوڪار تمدن جو گهوارو پڻ آهي. نه صرف ايترو،
پر ضلعو شڪارپور به پنهنجي انفراديت ۽ ايڪتا جو حامل رهيو آهي، جيڪو ضلعو مهان ڪوي
شيخ اياز جي جنم ڀومي پڻ آهي، ساڳئي ضلعي ۾ اٽڪل ان ئي جڳهه تي، جتي لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور
ضلعن جون حدون ٽڪرائجن ٿيون، چار وڏا ۽ پراڻا مقبرا هڪ ٻئي کان چند قدمن جي مفاصلي
تي زبون ۽ خسته حالت ۾ نظر ايندا آهن، جيڪي ’بوهي قبا‘ يا ’ٿهيمن جا قبا‘ جي نالن سان
سڃاتا وڃن ٿا. هنن مقبرن مان هڪ ته سيد جعفر شاهه نالي هڪ بزرگ جي درگاهه آهي، باقي
ٽن مقبرن لاءِ اها روايت مشهور آهي ته اهي ٿهيم قبيلي جا ٽي فرد هئا، جن تي مصلح سامراجن
حملو ڪيو ۽ هو ڌرتيءَ جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويا. سندن شهادت بعد هر هڪ شهيد جي بيواهه
کين اتي ئي دفن ڪرايو، جتي کين شهيد ڪيو ويو هو ۽ مٿان مقبرا پڻ تعمير ڪرايا. ثابت
ٿيو ته ان سرزمين ۾ اهڙا مرد مهان مدفون آهن، جن پنهنجي ديس لاءِ پنهنجي سر جو سانگو به نه ڪيو.
