; سنڌي شخصيتون: محمد عرس شيخ- ناصر قاضي

31 August, 2014

محمد عرس شيخ- ناصر قاضي

محمد عرس شيخ
صوفياڻين رمزن وارو ڪلاسيڪل ڪلاڪار
ناصر قاضي
چوندا آهن ته زندگي تجربن جو مرڪب آهي ۽ اها ڳالهه واقعي به سچ آهي ته انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين زندگيءَ ۾ڪيترائي تجربا پسي ٿو ۽ زندگي گذارڻ جو ڍنگ سِکي ٿو. تجربا ئي آهن جن جي آڌار تي انسان زندگي ۾ بهتر نتيجن کي رسي ٿو. جڏهن تـ تحقيق اُها پروڙ آهي، جيڪا ڪنهن مخصوص انداز ۾ ڪنهن مخصوص جاءِ تي ويهي ڪجي ٿي. پر ڏٺو ۽ سمجھيو اهو ويو آهي ته تحقيق صرف چند ماڻهن جو  ئي مشغلو آهي، جيڪي وڏن وڏن ريسرچ سينٽرس توڙي ليبارٽيز ۾ ويهي، مختلف ڪتابن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري، مختلف ڪيميائي مرڪبن جي ردو بدل ڪري يا وري شمسي نظام ۾ ٿيندڙ تحرڪ کي مسلسل پنهنجين اکين ۾ اوتي ڪا مدلل راءِ قائم ڪري وٺندا آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪنهن حد تائين درست به آهي ته تحقيق وارو عمل وڏن وڏن ريسرچ سينٽرس توڙي ليبارٽيز ۾ وڏن وڏن سائنسدانن يا وري پي ايڇ ڊي ڊاڪٽرن جي ئي ڪرت رهي آهي، پر ڪٿي ڪٿي ڪنهن ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ جي ڪنهن غريباڻي جھڳيءَ ۾ لالٽين جي هلڪي روشنيءَ تي ڪو ويراڳي فقير پيس واري تڏي تي ويهي، پنهنجي جرمن سرن واري پراڻي پيتي (هارمونيم) تي پنهنجون آڱريون ڌري، مسلسل رياض ۽ محنت سان اهڙي نوعيت جي به تحقيق ڪري وٺندو آهي، جو نتيجي ۾ سندس گائيڪيءَ واري انداز مان يقيني طور تي ڌرتيءَ جي ڪيترن ئي خطن جي موسيقيءَ جي سرهاڻ ايندي رهندي آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تـ فن منفرد ڪرت يا کڻي ايئن چئجي ته ڏات اهو وکر آهي، جيڪو نصيب وارن جي ورثي ۾ ايندو آهي.


محمد عرس شيخ به سنڌ ڌرتيءَ جو اهو سريلو ڪلاڪار آهي، جيڪو ڄائو، نپنو ته سنڌ ۾، سندس مادري زبان به سنڌي آهي، پر هن سنڌ ۾ رهي سنڌي راڳن توڙي پنجابي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ موسيقيءَ کي گڏ گڏ سموهڻ جون اهڙيون ڪيتريون ئي ڪامياب ڪوششون ڪيون آهن، جو اڄ به سندس گائيڪيءَ واري انداز مان سنڌي رنگ سميت پنجاب جي ڪلاسيڪل توڙي لوڪ موسيقيءَ جي خوشبوءِ ضرور ايندي آهي. هن هڪ طرف پنهنجي مسلسل محنت ۽ رسيلي آواز سان سنڌي موسيقي، هندي سنگيت شاستر توڙي پنجابي لوڪ موسيقيءَ جي حسين امتزاج کي تمام سهڻي سٽاءَ سان سموهيو آهي ته ٻئي پاسي وري سندس انداز مان صوفي توڙي فقيراڻي رمزن سان گڏ ڪلاسيڪل رنگ کي يڪ جا محسوس ڪري سگھجي ٿو.
سٻاجھي سنڌ جي سريلي ۽ مٺڙي آواز واري صوفي ڪلاڪار محمد عرس شيخ اتر سنڌ جي مردم خيز، ساڀائتي ۽ ذرخيز خطي جي تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور جي هڪ ڳوٺ جان محمد مرکياڻيءَ ۾ 1957ع ڌاري محترم رانجھن فقير جي جھوليءَ ۾ اکيون کوليون. پاڻ پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول مان پنج درجا ڪتابي تعليم حاصل ڪيائين. سندس جنم هڪ اهڙي خاندان ۾ ٿيو، جتي محمد عرس کان اول ڪوئي راڳي وغيره ته پيدا ڪونه ٿيو هو، البته ’صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو‘ واري آفاقي آلاپ جي مصداق سندس خاندان فقيراڻي ونڊ سان سرشار ضرور هو، ڇاڪاڻ ته محمد عرس شيخ جو والد صاحب رانجھن فقير جو صوفي رتل فقير، ڪوٽ مير محمد ضلعي خيرپور ميرس واري سان عقيدت جو ناتو هو ۽ سندس طالب هو، جڏهن ته ساڳئي وقت پاڻ طريقت جي نقطه نگاهه کان حضرت سيد قلندر شاهه جيلاني، در شهر نبي شاهه وڳڻ، ضلعي شڪارپور جو مريد پڻ هو، ان حوالي سان رانجھن فقير ٻنهي طرفن کان صوفيت جي سبقن جو پاڙهو فقير هو، جنهنڪري پنهنجي اوتاري يا اوطاق تي فقيراڻيون ڪچهريون ڪرائڻ سندس مشغلو هوندو هو. انهن ڪچهرين ۾ فقراهي راڳ ويراڳ به ڪثرت سان ٿيندو رهندو هو. رانجھن فقير شيخ جي اوتاري تي ٿيندڙ انهن صوفياڻين ڪچهرين ۾ پنهنجي وقت جا سريلا راڳي محبوب فقير ۽ استاد فقير دريا خان شيخ ڪثرت سان شرڪت ڪندا رهندا هئا، انهن محفلن ۾ آلاپجندڙ راڳ ويراڳ جا الستي آواز ٻڌندي سڀ کان اول محمد عرس جو وڏو ڀاءُ قلندر بخش شيخ ان حد تائين متاثر ٿيو، جو هن نعتون توڙي مولود چوڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجي منهن مولود آلاپڻ کان ويندي آهستي آهستي ار تر جي مسجدن ۾ منعقد ٿيندڙ مولودن جي محفلن ۾ حصو وٺڻ تائين نعت خوانيءَ سان نينهن نڀائيندو رهيو. اڳتي هلي هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ محمد عرس شيخ کي پڻ نعت خواني توڙي مولودن طرف راغب ڪيو ۽ اهو وقت به آيو، جو هي ٻئي ڀائر جوڙيءَ جي انداز ۾ گڏجي مولود چوڻ لڳا، مولودن پڙهڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڀائرن جي ڀيٽ ۾ محمد عرس کي وڌيڪ موٽ ملڻ لڳي، ڇاڪاڻ ته سندس آواز ننڍپڻ ۾ ئي بيحد سريلو هوندو هو، ايتريقدر جو مولودن جي موٽ ۾ کيس خصوصي طور تي انعام ۽ اڪرام پڻ ملڻ لڳا.
محمد عرس ننڍپڻ ۾ مولودن جي محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ ساڳئي ئي وقت جڏهن پنهنجي اوطاق ۾ ٿيندڙ صوفياڻين محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو ته اهڙي گڏيل ماحول ۾ رهڻ ڪري سندس من موسيقيءَ طرف مائل ٿيڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس اهو لاڙو عشق ۾ تبديل ٿي ويو، ايتريقدر جو ان وقت پنهنجي والد صاحب وٽ ايندڙ پنهنجي وقت جي صوفي توڙي ڪلاسيڪل راڳي استاد دريا خان شيخ کي ڪيترو ئي وقت مڪمل توجهه سان راڳ آلاپيندي ٻڌندو رهندو هو، اڳتي هلي محمد عرس ساڳئي ئي استاد کي راڳ ۾ رهنمائيءَ لاءِ عرض ڪيو ۽ سندس ئي نگرانيءَ ۾ موسيقيءِ جي تعليم وٺڻ شروع ڪيائين. محمد عرس پنهنجي استاد جي ڳوٺ ٻرڙا لڳ ڳاهيجا ضلعي شڪارپور وڃي، سندس سرپرستيءَ ۾ مڪمل سنجيدگيءَ سان رياض ۽ محنت ڪندو رهيو، جنهنڪري سندس آواز ۾ آهستي آهستي هڪ سهڻو رس، چس ۽ رچاءُ پيدا ٿيڻ لڳو. ڪلا جي ميدان ۾ هن نه صرف صوفياڻي صنف کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪلاسيڪل رنگ، ڍنگ توڙي انگ کي به پنهنجي دل ۽ دماغ ۾ دائمي حيثيت ڏني. اهو ئي سبب آهي، جو اڄ سندس گائيڪيءَ جي انداز ۾ فقيراڻي رنگ سان گڏ ڪلاسيڪل گائيڪيءَ وارو انداز نمايان نظر ايندو آهي.
اڳتي هلي محمد عرس جي اندر ۾ ملڪ جي نامياري ڪافي گو ڪلاسيڪل ڪلاڪار حسين بخش ڍانڍيءَ جي شاگرد بڻجڻ واري هڪ خواهش جنم ورتو ۽ پاڻ عملي طور تي به پنهنجي ان خواهش کي حقيقت جو جامو پارائڻ واسطي اتر سنڌ کان پنجاب وڃي پنهنجي روحاني استاد حسين بخش ڍانڍيءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ ۽ کائنس ڪجھه حاصل ڪرڻ جي تياري پڻ ڪرڻ لڳو، پر سندس اها خواهش، خواهش ئي رهجي وئي ۽ استاد حسين بخش ڍانڍيءَ سان زندگيءَ جي بيوفائيءَ سبب محمد عرس سندس زندگيءَ ۾ وٽس نه پهچي سگھيو. پر پنهنجي روحاني استاد سان محمد عرس اهڙو ته اڻ ڏٺو عشق ڪيو، جو سندس آواز توڙي انداز کي پنهنجي اندر جي مندر ۾ سموهيندو رهيو ۽ هن وقت سندس ان عشق اهڙو رنگ لاتو آهي، جو پاڻ ساڳئي انداز ۾ سندس ئي ڳايل ڪافيون ڳائڻ ۾ مهارت رکي ٿو، نه صرف ايترو، پر راڳ تلنگ، ملتاني ڀيرويءَ يا ٻين راڳن ۾ ڪمپوز ٿيل سرائيڪي ڪافين جي اصلوڪين ڌنين کي پنجاب واري گائيڪيءَ جي انداز، خاص ڪري حسين بخش ڍانڍيءَ واري لهجي ۽ انداز ۾ هوبهو پيش ڪرڻ ۾ محمد عرس شيخ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ان حوالي سان کيس حسين بخش ڍانڍيءَ واري مڪتبه فڪر جو پيروڪار چئجي ته اهو به حق بجانب ٿيندو.
جديد برقي ابلاغ (Electronic Media) جي ميدان تي محمد عرس شيخ کي سڀ کان پهريان 1997ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن ڪراچي مرڪز تي، نامياري پروڊيوسر ۽ ليکڪ بيدل مسرور جي هدايتڪاريءَ ۾ پيش ٿيندڙ جڳ مشهور سنڌي پروگرام ’سر جو سفر‘ ۾ نامياري شخصيت محمد قاسم ماڪا متعارف ڪرايو، جتي محمد عرس شيخ جي آواز ۾ جيڪو پهريون ڪلام ريڪارڊ ٿي نشر ٿيو، ان جا ٻول هئا: ’منهنجي مٺڙن مارن کي ڏٺي ڏينهن ٿيا... ..‘ جنهن کانپوءِ لڳ ڀڳ اٺن سالن جي ڊگھي عرصي پڄاڻان سندس آواز کي ريڊيو جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو فيبروري 2005ع ۾ نامياري پروڊيوسر خليل ڪاڪيپوٽي ريڊيو لاڙڪاڻي تان متعارف ڪرايو. اليڪٽرانڪ ميڊيا تي محمد عرس شيخ جي آواز کي ڪامياب ڪرائڻ ۾ سندس محنت ۽ رياض کان علاوه نامياري شاعر، ليکڪ ۽ پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي ۽ نامياري شاعر مشتاق بخاريءَ جن جو پڻ اهم ڪردار رهيو آهي.
محمد عرس شيخ موسيقيءَ جي ٻين ميڊيم سان گڏوگڏ سنڌي آڊيو ڪئسٽ جي دنيا ۾ به پنهنجون فني خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو آهي، ان ڏس ۾ هيل تائين سندس آواز ۾ ڏهن کان وڌيڪ آڊيو البم جاري ٿي چڪا آهن، جن مان چئن ڪئسٽن جي سٽاءَ ۽ ترتيب کان وٺي جاري ٿيڻ تائين سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري شاعر مشتاق بخاريءَ جون ڪوڙين ڪوششون شامل رهيون آهن. محمد عرس شيخ هن وقت تائين ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل شاعرن جهڙوڪ: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، خواجه غلام فريد، بابا بلهي شاهه، روحل فقير، وارث شاهه، عثمان فقير سانگي، ٻڍل فقير، سيد رکيل شاهه، سيد چيزل شاهه، سيد ولايت شاهه، صوفي وريل فقير، غمدل فقير، دولهه دريا خان، مخدوم طالب المولى، هدايت علي ’تارڪ‘ نجفي، شاهه نصير، سيد مهدي شاهه ۽ ٻين درويشن جو ڪلام ڳائي چڪو آهي، پر ٻين سڀني شاعرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ صوفي غمدل فقير ۽ خواجه غلام فريد جي ڪلام کي وڌ کان وڌ ڳايو اٿائين، جڏهن ته جديد شاعرن ۾ استاد بخاري، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، نثار بزمي، سيد مرتضى شاهه ڏاڏاهي، ڪوثر ٻرڙي، مشتاق بخاري، دلبر چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي چڪو آهي.

محمد عرس شيخ پنهنجي ڏات ۽ ڪلا جي فيض سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضياب ڪيو آهي، سندس شاگردن ۾ عرفان سولنگي، همت علي ڪنڀر، عبدالستار ڪنڀر، منصب علي ٿهيم، سانول ميرالي، رجب علي سومرو، مستڻ ڪوريجو، اياز علي دايو، سيد عبداللطيف شاهه، امداد علي چانڊيو، خالد حسين ڪنڀر ۽ ٻين ڪيترن جا نالا شامل آهن. محمد عرس شيخ ڪن اڻٽر مجبورين سبب هن وقت پنهنجي جنم ڀومي کي خير آباد چئي سنڌ جي پيرن فقيرن واري نگري روهڙيءَ ۾ قيام پذير آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا