; سنڌي شخصيتون: زاهد قلباڻي - نصير مرزا

02 August, 2014

زاهد قلباڻي - نصير مرزا

زاهد قلباڻي
جيئن مون ڏٺو
نصير مرزا
پهرئين اپريل 1984ع تي بطور پروڊيوسر مون پروگرام مئنيجر خواجه امداد عليءَ کي جوائننگ اچي ڏني هئي، بعد ۾ اُن وقت جي اسٽيشن ڊائريڪٽر شريف النفس انسان بدر عالم صاحب جي خدمت ۾ سلام ڪرڻ لاءِ پهتس ته اُٿندي ئي اردوءَ ۾ چيائين، هن اسٽيشن جي هڪڙي نوجوان ۽ ذهين ترين پروڊيوسر جو نالو آهي، زاهد حسين قلباڻي! سندس انگريزي عاليشان... سينس آف براڊڪاسٽنگ بهترين، مٿان زندهه دل الڳ، سو سکڻ لاءِ هن سان گهڻو ويجهو رهجانءِ... پوءِ چيائين اڄوڪي ڏينهن آفيس چيئر تي ويهي نه... اسٽوڊيوز جي در و ديوار جو مشاهدو ڪندي وقت گذارجانءِ... هاڻي اسٽوڊيو ۾ بوٿ ڏانهن وڌيس ۽ دروازي واري ”گول شيشي“ مان اندر جهاتي پاتم... ته مائيڪ تي، ٽي صداڪار گڏيا بيٺا هئا، نواب مهدي، عذرا ڪنول جوڻيجو ۽ قمر ميمڻ.... شايد متان هي ڪنهن ڊرامي جي رڪارڊنگ مون سوچيو.....پوءِ بُوٿ واري ڳڙکيءَ مان اندر ڏٺم... ڪنسول آڏو فوم واري اسٽول تي ڪو سنهڙو...سمارٽ... خوش لباس پر جذباتي نموني وارو نوجوان پروڊيوسر جيڪو ڊائلاگ ڊائلاگ جي درست يا بهتر ادائيگي نه ڪري ڏيکارڻ تي صداڪارن مٿان اهڙو ته بِر پئي نظر آيو، جو بس ڀلي ۽ توبهه استغفار... هي نوجوان پروڊيوسر زاهد قلباڻي هو، گهڻو فرئينڪ ۽ آزاد ٻولي ڳالهائيندڙ... ضدي... بي انتها ذهين، اُڦٽ عاشق سڀاءُ ۽ سمجهان ٿو، عمر ۾ مون کان ڪي بس چار...پنج سال ئي وڏو هوندو، ان ڪري جهٽ پاڻ ۾ حجائتا دوست بڻجي وياسين. هونئن ريڊيو حيدرآباد تي مون کان اڳ، غلام حسين شيخ صاحب هن جو گهاٽو، گهرو دوست نظر آيم ۽ ان ڪري هو ادي عابده پروين سان به گهڻو ئي گِهرگهلو هو... شيخ صاحب ۽ ادي عابده ريڊيو حيدرآباد جي ڇاڪاڻ ته بنهه ويجهو رهندا هئا، ان ڪري رمضان شريف جي ههڙن ڏينهن ۾، اسان بي روزائتن جي سڄو ڏينهن، سندن گهر ڏانهن ڊوڙ، رهندي ئي رهندي هئي، جو ادي عابده کي هئو، سٺو سٺو رڌڻ پچائڻ جو شوق ۽ منهنجن هنن، ڪُليگس کي وري کائڻ ۽ سٺا سٺا ڪپڙا پائڻ جو ذوق. سو هي شيخ صاحب هجي يا زاهد... مون انهن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ زبردست پئنٽ شرٽ ڳاڙهين، نِيرين ٽائيُن، بيل باٽمن ۽ وڏن ڪالرن واريون بوشرٽون به ويندي پهراڻ ۽ تنگ پاجاما به پائيندي ڏٺو... اڇا! زاهد قلباڻيءَ جي هڪڙي ٻي به ته خصوصيت مون نوٽ ڪئي هئي ۽ اُها هيءَ ته ڪنهن به بالا آفيسر کي هو ”ڪُڙ“ ئي ڪو نه ڪندو هو...آغا سليم صاحب هجي، عنايت بلوچ صاحب، پير اسحاق جان سرهندي... يا مراد علي مرزا، هي سڀ ٿورا ڏکيا ۽ ڪرڙا ريڊيو آفيسر هئا، پر هيڏانهن زاهد به زاهد... ڪندو هو اهو ئي ڪجهه هو، جيڪو هن جي من ۾ ايندو هو... جرئت سان ڳالهائڻ، همٿ سان اسٽينڊ وٺڻ ۽ ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي موقف تان نه هٽڻ ته هُن جو سدا جو شيوو رهيو. هڪڙي ڀيري پنهنجي والد صاحب منظور حسين قلباڻي صاحب وٽان آمريڪا مان موڪليل سينٽ آفيس ۾ هڻي آيو، ته هڪ بالا آفيسر چيس...هي...هي قبرستان وارو....”عطر“ ڇو هنيو اَٿئي!؟...تڏهن مون کي مخاطب ٿي ۽ هن ڏانهن اشارو ڪندي ڪاوڙ ۾ چيائين....ڪه....ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان!؟ ۽ پوءِ ٻانهن کان ڇڪيندو پاڻ سان گڏ مون کي به اُتان وٺيو هليو ويو... هاڻي ان ڳالهه کان پوءِ ڇا ٿيو جو، چند ڏينهن جي اندر اندر زاهد جي ريڊيو ڪوئيٽا تي بدلي ٿي وئي. اها خبر ٻڌڻ سان ڊوڙندو فرسٽ فلور تي هن جي ڪُنڊ واري آفيس ۾ پهتس، ته ڇا ڏسان، ڪنهن پنهنجي من پسند ٽئلنٽ... جنهن سان هن کي ڏاڍو پيار هو، ڪرسيءَ تي اوڪڙو ويٺو، سافٽ ڊرنڪ نوش ڪري انهيءَ بدليءَ واري ڏک يا اُتي ويٺل يار کان ڌار ٿيڻ جي غم ۾ زارو قطار رُنو ويٺي.... تڏهن زاهد تي مون کي بي پناهه پيار آيو هو. خير بِلا آخر ڪوئيٽا مان سال کن جو بن واس ڪاڏي هو موٽيو، ته هن وٽ نئين ٽهي ٽائپ پروگرام آيو... جنهن ۾ مون امر سنڌو... رخسانه پريت...پرهه سنڌو...اياز لطيف، حسن امام قادري ۽ ٻين به اهڙن بي پناهه ذهين نوجوانن کي هن سان گڏ ڪم ڪندي ڏٺو. ان کان اڳي هُن بطور ڊراما پروڊيوسر عبدالقادر جوڻيجي کي ريڊيو حيدرآباد تان متعارف ڪرايو هو ۽ کائنس يڪا چوڏهن ڊراما لکرايا، جيڪي سڀ جا سڀ Hit ۽ زبرست!! ۽ انهن مان هڪ ڊرامي ۾ ته، هن پاڻ به ”هيرو“ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ جنهن ۾ پنهنجي هيروئن بڻايو هئائين آپا مهتاب چنا، يعني آواز جي چنڊ کي... هاڻي زاهد ڪليگ مان ڦِري جڏهن منهنجو بالا آفيسر يعني پروگرام مئنيجر مقرر ٿيو... ته سمجهه... مون کي هاڻي پاڻ هڪڙي فاصلي تي رکندو... پر نه... ڦرڻي ڪرسي تي ويهي به، مون لاءِ هو اهو ئي زاهد هو، جيڪو ماضيءَ ۾ جيئن مخاطب ٿيڻ وقت آڱرين ۽ آزاد لفظن جو وافر استعمال پيو مون تي ڪندو هو... پوءِ به هو ائين ئي ڪندو رهيو... ۽ گڏوگڏ سال به سال اي. سي. آر ۾ منهنجا وڏا ڀاڳ جو... مون کي سڀني ڪليگس تي سبقت به ڏيندو رهيو. ۽ نه فقط ايترو، پر اي. سي. آر تي منهنجي ”پين پڪچر“ لکي پوءِ اها مون کي ڏيکاريندو به هو، تڏهن چوندو هو سانس، سر! ٿورو رحم رحم...ايتري منهنجي تعريف پڙهي هيڊڪوارٽر وارا مون کي مرڳو اُڪو ئي اسلام آباد ئي گهرائي نه وٺن ته ايڏو سٺو پروڊيوسر حيدرآباد ڇا پيو ڪري، سو هٿ ٿورو هلڪو رکو بلڪه ڦلڪو...


اجهو پنهنجي ٽئلنٽ ۽ بي پناهه صلاحيتن سان، زاهد برابر ته پوءِ ريڊيو حيدرآباد، خيرپور، لاڪاڻي ۽ زوب ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر جو منصب به ماڻيو، پر ريڊيو ۾ هن جي ڪريڊٽ تي هن جو وڏي ۾ وڏو ڪم...ريڊيو ڊرامي جي تجديد آهي... ۽ هو ڇاڪاڻ ته فريش ذهن جو مالڪ گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ آمريڪا لنڊن رٽرن هو، ان ڪري ريڊيو جي اڳوڻن پروڊيوسرن ۽ دقيانوسي اسٽائيل جي سندن براڊ ڪاسٽنگ تان سدائين کلندو ئي رهندو هو.... خاص ڪري... ”جهر مر جهر مر ڪهڪشان“....”جهڪڻو ئي پيو چرخ ستمگار جي آڏو“ .... ”تمنا سير گلشن جي...وغيره“ ٽائپ گيتن، غزلن ۽ ليلى مجنون يا الف ليلى اسٽائيل  ريڊيو ڊراما، هن کي ڪڏهن به نه وڻيا .... چوندو هو.... اچو ته ڪا نئين ڳالهه رڪارڊ ڪريون،  شاهه لطيف... سنڌ جا لوڪ داستان.... لوڪ موسيقي ۽ ائين .... هن سنڌي ادب مان جديد دماغ ڊراما رائيٽر عبدالقادر جوڻيجي کي ڳولي هٿ ڪيو ۽ ان سان گڏجي ريڊيو ڊراما کي هڪ نئون موڙ Turn) ( ڏيڻ ۾ نهايت ئي سوڀارو به ٿيو... پر تمام تر اهڙين بهترين صلاحيتن ۽ ذهانت جي زاهد... مون کي سدائين هڪڙي بي چئن روح وانگر به لڳو، يعني ”صفا صفا پاره صفت انسان“ جنهن کي يڪسانيت، يڪدم ئي بور ڪري ڇڏيندي هئي، ان ڪري هن کي هر وقت نت نون ماڻهن ۽ چهرن جي تلاش رهندي ئي رهندي هئي ۽ هو انهن ۾ هوائن مثل اڏامندو رهندو  هو. ائين ڪنهن هڪڙي هنڌ تي ڄمي ٽِڪي ويهڻ به هن کي بلڪل ئي ناپسند هوندو هو... ڪٿي به ڪا دير جي هو ويٺو ته، جهٽ کان پوءِ چوندو... اُٿو يار اُٿو، ٻئي هنڌ ٿا هلي ويهون ۽ اُتي به ڪا دير ويٺو ته پوءِ اتي به بيزار... چوندو اُٿو، يار اُٿو هلو هتان.....منهنجن تازين شديد مصروفيتن سبب هاڻي ريڊيو ۾ هو عزيزم عرفان علي انصاريءَ کي ئي گهڻو تَڻو ويجهو هوندو هو ۽ ريٽائرمينٽ بعد هن وٽ ئي گهڻو اچي ويهندو ڪندو هو، پر جيستائين اسين ڪُليگ رهياسين، ٽئبل آڏو رکيل ڪرسي تي ويهي، گوڏا ٽئبل جي سهاري سيٽ ڪري هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون سان ئي ويٺو رهاڻ ڪندو هو. ڀانئيان ٿو ته هي ڪي ڏهه کن ڏهاڙا ٿيا هوندا، جو پاڻ ريڊيو تي آيو، ته عرفان .... جنهن تازو پرڏيهه منجهان گهرايل ڊيجيٽل ڪئميرا سان ڌڙا ڌڙ سندس ڦوٽو ڇِڪڻ شروع ڪري ڏنا ته پنهنجي من پسند هجائتن لقبن القابن سان نوازي کيس چوڻ لڳو... اڙي لوفر!! آئون مرڻ وارو آهيان ڇا...!؟ جو منهنجا ايڏا فوٽا پيو ڪڍين ۽ ايترو ئي نه پوءِ اُٿڻ وقت نهايت ملول لهجي ۽ ڏڪندڙ هٿن سان هٿ ملائي چوڻ لڳو، منهنجي دل، هاڻي صرف ڏهه سيڪڙو ئي پئي ڌڙڪي نصير .... سو پنهنجي هاڻي ايندڙ ملاقات ٿيندي، ”قبرستان ۾“... ۽ زاهد جي اها اڳڪٿي هن ڀيري سمجهو ته سورهن آنا سچ ئي ته ثابت ٿي. ۽ هي، هن سان (12 هين جولاءَ تي) شام ڌاري جڏهن بابن شاهه واري مقام ۾ ملڻ لاءِ پهتس، ته اچتو ياد پئم، زاهد... گذريل ڪيترن ئي سالن کان مئگرين (اڌ مٿي جي سور) ۽ دل تي اٽيڪن مٿان اٽيڪن سبب، ڪيڏو نه ڊپريسڊ پيو نظر ايندو هو.... ۽ هي اجهو، انهيءَ ڪري کيس لحد ۾ لاهڻ کان اڳ سندس معصوم چهري ۽ مُرڪندڙ چپن کان مٿي ... کُليل کُليل پيشانيءَ جي سليٽ تي جڏهن نظر پئم ته يقين ڪريو اتي مون کي صاف صاف هي ئي پئي لکيل نظر آيو ... ڊيئر نصير!
My Soul is now in complete rest and fully relaxed
For this grace.. thanks God thanks


No comments:

راءِ ڏيندا