; سنڌي شخصيتون: ڪامريڊ شانته بخاري - لياقت راڄپر

31 August, 2014

ڪامريڊ شانته بخاري - لياقت راڄپر

ڪامريڊ شانته بخاري
عورتن جي حقن لاءِ ويڙهه ڪندڙ
لياقت راڄپر
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ هندستان ۽ پاڪستان جي علائقن ۾ عورتن جي حالت سٺي نه هئي، ڇو ته انهن جي حقن کي ڪو به تسليم نه ڪندو هو ۽ عورتن کي ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهيو ويندو هو، جنهن کي ٻار پالڻ، گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ ٻنيءَ تي مردن جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ وارو ڪم ڪرڻو پوندو هو. ان زماني ۾ ڇوڪرين جي شادي ننڍپڻ ۾ ئي طئي ڪئي ويندي هئي ۽ بلوغت تي پهچڻ شرط شينهن جي ڪلهي چاڙهيو ويندو هو ۽ پوءِ ٻار مٿان ٻار پيدا ڪري انهن جي ريل گاڏي ٺاهي ڇڏبي هئي، جنهن ڪري ڇوڪريون نه ته ٻاراڻي زندگيءَ جو مزو وٺي سگهنديون هيون ۽ نه وري عورت ٿي جواني ڏسنديون هيون.


اهڙي دور ۾ هندستان جي هڪ ڳوٺ ڪوٽا بونديءَ ۾ جيڪو راجستان جي شهر جهالا واڙ ۾ هو هڪ ترقي پسند گهراڻو هو جيڪو انقلابي خيال رکندو هو جنهن ڪميونسٽ پارٽيءَ سان واسطو جوڙيو ۽ مزدورن، هارين ۽ عورتن جي حقن لاءِ سرمائيدارن سان جنگ جوٽي. هن خاندان جي بهادر عورت سندرا (Sundra) ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ سرگرم ٿي ڪم شروع ڪيو. جنهن سان هن جو مڙس جگن خان به هن جو ٻانهن ٻيلي هو. هن جوڙي کي ڪو به اولاد نه هو. سندرا جي ڀيڻ ڪستوري هڪ اسڪول ٽيچر هئي، جنهن جو مڙس پيراجي پنهنجي وقت جو سٺو ۽ ڪامياب ٽيلر ماسٽر هو.
ڪستوري پنهنجي ڌيءُ شانته کي اپريل ۱۹۲۴ع ۾ جنم ڏئي هن جهان کي ڇڏي وئي ۽ سندس مڙس به ۲۸ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. هاڻي شانته جي پالنا سندس ناني شروع ڪئي ۽ ان جي مرڻ کانپوءِ هن جي ماسي سندرا هن يتيم ڇوڪريءَ جي پالڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو ۽ انهن لاءِ شانته هڪ وندر ٿي وئي، ڇو جو هنن کي ڪو به اولاد نه هو. ڪميونسٽ پارٽيءَ جي سرگرم ميمبر هئڻ جي ڪري سندرا وٽ وقت تمام گهٽ هوندو هو، ان لاءِ هن شانته کي ٿوري وڏي ٿيڻ تي صبح جو اسڪول موڪليندي هئي ۽ شام جو ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم سکڻ ۽ مزدوري ڪرڻ لاءِ موڪليندي هئي جنهن جو خاص مقصد اهو هو ته هوءَ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جي معاشي مسئلن کان آگاهه ٿئي ۽ ڪارخانيدارن طرفان حق ڦٻائڻ واري چالن کي سڃاڻي ۽ ان جي خلاف جدوجهد هلائي حق ورتا وڃن.
شانته جي ماسي سندرا شاديءَ وقت اسلام قبوليو هو ۽ هن جو نالو آمنه رکيو ويو پر گهڻي قدر هن کي سڪينه جي نالي سان سڏيو ويندو هو. شانته جڏهن ۱۲ سالن جي ٿي ته هن پنهنجي پڙهائي ڇڏي ڏني ۽ مڪمل طور پنهنجو ڌيان مل جي مزدور ۽ عورتن جي فلاح ۽ بهبود ڏانهن ڏيڻ شروع ڪيو. هن کي ان زماني ۾ ۱۲ ڪلاڪن جي ڪم جا ڏهه آنا ملندا هيا. جيڪڏهن ڪا عورت بيماري يا مجبوري ۾ ڪپڙي جي مل ۾ ڪم لاءِ نه اچي سگهندي هئي ته ڪامريڊ شانته ان جي بدلي جو ڪم به پاڻ پورو ڪندي هئي ۽ ان جي اجرت ان مائي کي ڏني ويندي هئي.
مل ۾ ڪم ڪرڻ سان ڪامريڊ شانته ۾ هڪ طاقت، اعتماد ۽ شعور پيدا ٿيو جنهن وري مزدور عورتن جي ڀلائي ۽ حق وٺي ڏيڻ جي جذبي کي جنم ڏنو. هاڻي هن پنهنجو ڏينهن ۽ رات هن ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن جي هيءَ جدوجهد ڏسي ڪميونسٽ پارٽي هن کي عورتن جي ونگ ۾ ميمبر طور ڪم ڪرڻ لاءِ موقعو ڏنو. هاڻي هوءَ صبح جو مل ۾ ڪم ڪرڻ، شام جو پارٽيءَ کي ٽائيم ڏيڻ ۽ رات جو گهر وڃي گهر جي ڪمن ڪارين کي منهن ڏيڻ، پنهنجي عادت ۽ عبادت ٺاهي ڇڏيو.
ڏينهنو ڏينهن ڪامريڊ شانته جي جدوجهد جي واکاڻ ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ ڪيترين عورتن جي ڀلائي جي يونين ۽ تنظيمن ٺهڻ شروع ڪيو جنهن لاءِ هو پڻ وقت ڪڍي انهن کي تنظيمي جوڙجڪ، ڀلائيءِ جي ڪمن لاءِ صلاح ۽ مشورن سان گڏ مدد ڪندي رهي، ڪميونسٽ پارٽيءِ ۾ ڪم ڪرڻ دوران هن جي ملاقات ان وقت جي سرگرم ۽ اهم اڳواڻ ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ سان ٿي ۽ ٻنهي جي گڏجي ڪم ڪرڻ دوران هنن ۾ ذهني هم آهنگي پيدا ٿي، جنهن شاديءَ جو روپ اختيار ڪيو، جيڪا هندستان جي شهر احمد آباد ۾ ۱۹۴۲ع جي مارچ مهيني ۾ عمل ۾ آئي. شاديءَ کان اڳ، جيئن ته ڪامريڊ شانته اسلام کان گهڻو متاثر ٿي چڪي هئي ۽ پنهنجي ماسيءَ وانگر هوءَ به مسلمان ٿي ۽ سندس نالو زيب النساءِ رکيو ويو.
شاديءَ کانپوءِ، ڪامريڊ زيب النساءِ، پنهنجي ور جمال الدين بخاريءَ سان گڏجي، سياسي ڪمن ۾ به بهرو وٺڻ لڳي. عورتن جي ليبر ليڊر هئڻ ڪري هن گهر کي به آفيس ٺاهي ڇڏيو هو. اڳي ئي هوءَ ذميوارين ۾ وڪوڙيل هئي ۽ وري ٻارن جي پيدا ٿيڻ کان پوءِ هن کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو، ڇو جو ٻارن جي پرورش پڙهائي ۽ گهر جو ڪم ڪار ٿڪائڻ وارو عمل هو پر هڪ عورت ٿي ڪري سڀني ڪمن کي منهن ڏنو ۽ ڪامياب ليڊر، زال ۽ ماءُ ٿي ڏيکاريو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪامريڊ جمال الدين بخاري هندستان ڇڏي پاڪستان جي شهر ڪراچيءَ ۾ قيام پذير ٿيو ۽ بندر روڊ لائٽ هائوس ڀرسان رهڻ لڳو، جتي هن جو گهر اوطاق هئي. جتي پارٽيءَ جا ماڻهو گڏ ٿيندا هيا، جيڪي مشن تي وڃڻ کان اڳ ۽ بعد ۾، هن جي گهران چانهه پي ۽ ماني کائيندا هئا. جنهن جو انتظام هوءَ اڪيلي سر ڪندي هئي. ان کان علاوه هن پنهنجي گهر ۾ هڪ تربيتي مرڪز ڪم ڪرڻ وارين عورتن لاءِ کوليو هو، جتي هوءَ عورتن کي ليڪچر پڻ ڏيندي هئي.
پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ، ڪميونسٽ پارٽي وارن لاءِ وڏا ڏکيا ڏينهن هئا، جنهن ۾ جمال الدين بخاريءَ کي به جي جيل وڃڻو پيو هو پر ڪامريڊ شانته بخاري همٿ نه هاري ۽ اڪيلي سر گهر ۽ ٻارن کي منهن ڏنو. مڙس جي پارٽيءَ وارن جي خدمت ڪئي. ان سان گڏ هن جيڪي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ تنظيمون ٺاهيون هيون جن ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن، ڪپڙي جي ملن ۽ ٻين فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ يونين ۽ آرگنائيزيشنز جو بنياد وڌو. ان کان علاوه ويم ڪرائڻ وارين داين، صفائي وارو ڪم ڪندڙ، Sweepers ۽ چوڙين جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن لاءِ خدمتگار جي نالي سان تنظيمون جوڙيون.
ڪامريڊ شانته بخاريءَ کي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو ته هن مالي مشڪلاتن جي باوجود همٿ نه هاري ۽ نه وري ڪو اک مان ڳوڙهو ڳاڙيو پر محنت ۽ جدوجهد سان ڏکي وقت کي منهن ڏيندي رهي. شروع کان وٺي هن جو کاڌو سادو ۽ ٿورو هو ۽ هوءَ اڇي سادي ساڙهي سان گڏ چاکڙي پائيندي هئي ۽ رات جو ننڊ ڪرڻ کان اڳ غريب عورتن جي ڏکن ۽ سورن کي ياد ڪري انهن جي حل لاءِ سوچيندي رهندي هئي. هن جي اها جاکوڙ ۽ تمنا هئي ته ڪم ڪندڙ عورتن کي پوري ۽ صحيح اجرت ملي، عورتون پنهنجي حقن جي باري ۾ ڄاڻ رکن، انهن کي غلاميءَ جي زنجيرن مان آزاد ڪيو وڃي ۽ هو تعليم جي زيور سان پاڻ کي سينگارين.
جڏهن هو لاڙڪاڻي شهر لڏي آيا ته هنن کي وڏي محبت، عزت ۽ مان مليو. جنهن جي موٽ هنن اتان جي ماڻهن ۽ ڌرتي سان پيار سان ڏني. لاڙڪاڻي پهچي ڪامريڊ شانته عورتن جي چڱائيءَ لاءِ سوشل ورڪ شروع ڪري ڏنو، جنهن سان هن جي گهر ۾ وري هڪ ميلو لڳي ويو ۽ شهر جون اٻوجهه ۽ غريب عورتون هن وٽ اچي پنهنجا مالي مسئلا حل ڪرائينديون هيون. لاڙڪاڻي جي سٺن خاندانن جون عورتون به هاڻي هن سان گڏجي عورتن جي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ لڳيون. لاڙڪاڻي ۾ ان وقت جيڪا ليڊيز ڪلب هئي، ان تي صرف وڏن سرڪاري آفيسرن جون بيگمات ۽ سياسي گهراڻن جون عورتون قابض هيون ۽ باقي عورتن لاءِ اهو ڪلب هڪ پري کان ڏسڻ وارو خواب هو، جنهن کي بدلڻ لاءِ هن وڏي جدوجهد ڪئي، جنهن ۾ هن ڪافي ڪاميابي حاصل ڪئي.
بهرحال ليبر عورتن جي جدوجهد لاءِ ڪم ڪندڙ هيءَ واحد عورت هئي جنهن اونداهيءَ واري زماني کان آواز بلند ڪيو، جيڪو مرندڙ گهڙيءَ تائين جاري رهيو. هوءَ ۲۵ جولاءِ ۲۰۱۴ع تي ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ۾ دم ڏنو، جنهن جي مڙهه کي لاڙڪاڻي هن جي اولاد کڻائي وئي ۽ پنهنجي ور جمال الدين بخاريءَ جي ڀرسان قائم شاهه بخاريءَ جي قبرستان ۾ آخري آرام گاهه ۾ رکيو ويو.

اسان جي عورتن کي هن ترقي پسند، بلند خيال ۽ بهادر عورت کان سکڻ گهرجي ۽ معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري عورتن کي حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ کپي.

No comments:

راءِ ڏيندا