ڪامريڊ
شانته بخاري
عورتن
جي حقن لاءِ ويڙهه ڪندڙ
لياقت
راڄپر
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ هندستان ۽ پاڪستان جي
علائقن ۾ عورتن جي حالت سٺي نه هئي، ڇو ته انهن جي حقن کي ڪو به تسليم نه ڪندو هو
۽ عورتن کي ٻار پيدا ڪرڻ جي مشين سمجهيو ويندو هو، جنهن کي ٻار پالڻ، گهر جو ڪم ڪار
ڪرڻ ۽ ٻنيءَ تي مردن جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ وارو ڪم ڪرڻو پوندو هو. ان زماني ۾ ڇوڪرين
جي شادي ننڍپڻ ۾ ئي طئي ڪئي ويندي هئي ۽ بلوغت تي پهچڻ شرط شينهن جي ڪلهي چاڙهيو ويندو
هو ۽ پوءِ ٻار مٿان ٻار پيدا ڪري انهن جي ريل گاڏي ٺاهي ڇڏبي هئي، جنهن ڪري ڇوڪريون
نه ته ٻاراڻي زندگيءَ جو مزو وٺي سگهنديون هيون ۽ نه وري عورت ٿي جواني ڏسنديون هيون.
