پروفيسر احسان بدوي
غلام محمد گرامي
سنڌ جي نوجوان، اديب ۽ شاعر،
پروفيسر احسان بدويءَ هڪ ناگهاني حادثي جو شڪار ٿيندي، ڪراچيءَ ۾ ۲۲_ نومبر ۱۹۶۵ع تي وفات ڪئي.
مرحوم احسان، سنڌ جي مشهور اديب
۽ اهل قلم پروفيسر لطف الله بدويءَ جو فرزند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمت جو سلسلو،
پنهنجي والد ماجد جي سرپرستيءَ ۽ تربيت ۾ شروع ٿيو. افسوس جو هي نوشگفته گل، جواني
ديوانيءَ ۾ ئي ڪومائجي ويو.
احسان، مارچ ۱۹۲۶ع ۾ ڄائو، ۱۹۴۴ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ۽ ۱۹۴۵ع ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخل ٿيو.
۱۹۴۶ع ۾، جڏهن
اڃا انٽر آرٽس ۾ هو، تڏهن سنڌ يونيورسٽي وجود ۾ آئي. جيئن ته مٿئين ڪاليج جو بمبئي
يونيورسٽيءَ سان الحاق هو، ان ڪري سنڌ گورنمينٽ، پنهنجي اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن
شاگردن تي زور آندو ته هو ڪراچيءَ جي ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪن. ان ڪري احسان ڪراچيءَ
ويو، ۽ اتي ايس.ايم. ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، جتي وڏي محنت سان بي.اي. آنرس پرشن ۾
سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين.
تعليم جي دۇر ۾، شمس العلماء علامه دائود
پوٽو ۽ آغا محمد يعقوب سندس مدد ڪندا رهيا. بي.اي. پاس ڪرڻ کان پوءِ، برسر روزگار ٿيو
۽ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ ڪلارڪ ٿيو، ۽ اڳتي هلي سينئر ڪلارڪ بنيو. علم ۽ ادب سان
چاهه هئڻ جي ڪري روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ جلدي دل برداشته ٿي پيو.
هن درمياني عرصي ۾ اردوءَ ۾ ايم
اي پاس ڪئي. ان سلسلي ۾ هي پهريون سنڌي شاگرد هو، جنهن اردوءَ ۾ ايم اي پاس ڪئي.
ان کانپوءِ سنڌيءَ ۾ ايم اي پڻ ڪيائين.
آخرڪار، پنهنجي شفيق استاد،
پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه صاحب (اڳوڻي پرنسپال، ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ، هاڻي ڊائريڪٽر
آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن) جي مشوري سان روينيو ڊپارٽمينٽ کي خرباد چئي، ايس ايم
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد جي حيثيت سان داخل ٿيو. اتي هڪ صالح ۽ بااخلاق استاد جي
حيثيت سان پندرهن سال خدمت ڪيائين.
علمي ۽ ادبي خدمت جي سلسلي ۾،
مهراڻ رسالي، ۽ نئين زندگيءَ ۾ خاص طرح سان سندس مضمون شايع ٿي چڪا آهن. نثر سان گڏ
شعر جو پاڪيزه ورثو به کيس پنهنجي والد وٽان وديعت ٿيل هو. سندس ڪلام جو وڏو حصو،
رسالن ۾ شايع ٿيل آهي.
سنڌي ادب جي خدمت ڪندي، هو
هميشه “سنڌي ادبي سنگت” سان وابسته رهيو ۽ باقاعدي ادبي مجلسن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندو
آيو.
تاليف ۽ تصنيف جي سلسلي ۾ سندس
هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ۱_
تنقيد ۽ تنقيد نگاري ۲_ ڊان
ويسٽ ۳_ انقلاب جو فلسفو ۴_ منتخب ڪلام سانگي ۵_ ڪرامازوف
۽ سندس ڀائر.
سندس انداز بيان، سليس، سادو،
عمدو ۽ اثرائتو آهي. سندس ٻولي سلاست آميز ۽ لذيذ آهي.
سندس مقالات جو مجموعو سندس
والد جناب لطف الله بدوي جمع ڪري رهيو آهي. دعا
آهي ته رب ڪريم شال سندس مغفرت فرمائي ۽ سندس عزيزن بالخصوص والدين ۽ سندس
اولاد ۽ عيال کي صبر جي تويفق عطا فرمائي:
انا لله و انا اليہ راجعون.
احسان بدوي
وقت گرد ۾ ڌنڌلائجي ويل
سچل ڀٽي
برصغير جو ورهاڱو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن
لاءِ سياسي، سماجي، معاشي ۽ قومي عذابن جو سبب ته بڻيو ئي پر گڏوگڏ ترقي پسند
انقلاب ڌرين ۽ سنڌي ادب جو به خسارو ثابت ٿيو، پنهنجي وڏڙن کان ورهاڱي جي اڳ واري
سنڌ کي خبر ٿا وٺو ته اها سرسبز، شاداب ۽ خوشحال سنڌ پسجي ٿي. جتي اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر
ڪيئي فڪرن کان آجو ٿي وڌي ويجھي رهيو هو، پر اڄ جي سنڌ کي اسان پنهنجي امن، آشتي ۽
صوفياڻي مزاج سبب پنهنجي ڪلچر، ٻُولي، جاگرافي ۽ تهذيب کي واڳن جي وات ۾ ڏئي ڇڏيو
آهي.
ورهاڱي وقت سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽
وچين طبقي جي سنڌي هندن پاران سنڌ ڇڏي هند لڏپلاڻ ڪارڻ هڪ طرف سنڌ ۾ مدل ڪلاس جو
خال پيدا ٿيو، جنهن سبب سنڌ کي سياسي ۽ سماجي هلچل کي هاڃو رسيو ته ٻئي طرف گوبند
مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، موهن ڪلپنا، ڪرشن راهي سميت شعور ۽ ساڃاهه جي
اهڃاڻن جي سنڌ ڇڏڻ سبب سنڌي ادب کي ڄڻ ته نانگ سنگهي ويو ۽ سنڌي ادب جمود جو شڪار ٿي
ويو. ان جمود يا ڊيڊلاڪ کي سڀ کان پهريان ٽوڙڻ وارن ۽ شعور جي جوت جلائڻ وارن
پهرين شخصن مان پروفيسر احسان بدوي به هڪ هو.
۱۹۵۲ع ۾ پاڪستان
جو پهريون آئين ساز دستور پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي جو
درجو ڏنو ويو ۽ بنگالي، سنڌي، پنجابي، بلوچي يا پشتو جي قومي حيثيت کي ختم ڪيو
ويو، جنهن تي بنگال ۾ سخت رد عمل ڏسڻ ۾ آيو. پر سنڌ ۾ قومي تحريڪ جي فقدان ۽ علمي
ادبي جمود سبب ڪو خاطر خواه رد عمل ڏسڻ ۾ نه آيو. تن ڏينهن ۾ سنڌي اديبن جي ڪا
نمائنده جماعت نه هئڻ سبب ڪراچي جي سنڌي اديبن انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻين
۾ شرڪت ڪرڻ لڳا. جتي غير سنڌي اديبن سوشلزم جون غلط تشريحون ۽ تاويلون پيش ڪري سنڌي
اديبن جي اجتماعي لاشعور کي ڪچلڻ جي ڀرپور شعوري ڪوشش ڪئي ۽ سندن قومي تشخص کي ڌڪ
رسائڻ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃايو. غير سنڌي اديبن ۽ سياسي اڳواڻن جي اهڙي روش
کاٻي ڌر جي اڳواڻي ڪندڙ ڪامريڊ سوڀي ۽ ٻوهو اي ڪي کي به سخت مايوس ڪيو. اهڙي
صورتحال ۾ پروفيسر احسان بدوي، نورالدين سرڪي، شيخ حفيظ، عبدالغفور انصاري ۽ ٻين
سنڌين جي عليحده ادبي تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بنياد رکيو ۽ احسان بدوي کي ان جو
پهريون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ان کان اڳ به غير سنڌي اديبن جي غلط روش سبب گوبند
مالهي، موهن ڪلپنا، گوبند پنجابي ۽ ٻين انجمن ترقي پسند مصنفين کان ڌار ٿي ورهاڱي
کان اڳ ڪراچي ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جو بنياد رکيو هو. جنهن جو سيڪريٽري گوبند مالهي
هو. ورهاڱي کان پوءِ گوبند مالهي سميت سنڌي اديبن جي لڏپلاڻ سبب اهو سرڪل پنهنجو
وجود وڃائي ويٺو. احسان بدوي ۽ سندس ساٿين سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ٻولي
کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ آواز اٿاريو ۽ سنگت کي صرف ڪراچي تائين محدود نه
رکيو پر ان جون حيدرآباد ۽ سکر ۾ به شاخون قائم ڪيون. سندس ان ڪم ۾ رشيد ڀٽي، غفور
انصاري، نورالدين سرڪي، شيخ حفيظ ۽ ٻيا ساٿاري رهيا. رشيد ڀٽي شيخ اياز جي ڪتاب
”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته سنڌي ادبي سنگت جو بنياد به احسان
بدوي جي جناح ڪورٽس واري ڪمري تي رکيو ويو. جنهن مان پتو پئي ٿو ته تن ڏينهن ۾
احسان بدوي سنڌي ادبي سنگت جو سپهه سالار وارو ڪردار نڀائي رهيو هو.
احسان بدوي ٿڌي مزاج، ديمي لهجي
۽ ماٺيڻي طبيعت وارو شخص هو. ڪاوڙ ته هن جي ويجھو به نه ڀٽڪندي هئي. هن جي هر چرپر
۾ آهستگيءَ جو عنصر شامل هوندو هو. تڪڙ ۽ جلدبازي کان ڪڏهن به ڪم نه وٺندو هو
ايتري تائين جو سنڌ مسلم ڪاليج ۾ سندس شاگردن مٿس Slow
Motion جو لقب رکيو هو. تنهن جي باوجود هو پنهنجو
وقت نه وڃائيندو هو. مطالعي جو ته ايترو شوقين هو جو ڪي فرصت جون گهڙيون به وڃائڻ
بجاءِ مطالعي کي وقت ڏيندو هو، هو پنهنجي علمي گهراڻي جو تسلسل هو سندس ڏاڏو به هڪ
عالم هو ۽ سندس والد محترم لطف الله بدوي سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي ادب جو هڪ وڏو عالم
هو ۽ احسان بدوي به ترقي پسند خيالن سان سلهاڙيل جدت پسند اديب، محقق ۽ ترجمه نگار
هو.
سيپٽمبر ۱۹۶۵ع جي جنگ دوران شيخ اياز کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بابا (رشيد ڀٽي) روپوشي
اختيار ڪئي. تن ڏينهن ۾ بابا ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد جا پيو چڪر ڪاٽيندو هو. ۲۱ نومبر ۱۹۶۵ع تي احسان بدويءَ جي دردناڪ
حادثي واري ڏينهن کان چند ڏينهن اڳ جي ساروڻي ساريندي رشيد ڀٽي لکيو آهي ته هو
احسان بدوي سان ملڻ سندس رهائشگاهه ”حق مينشن“ ملڻ لاءِ ويو هو. احسان بدوي حسبِ
دستور شام جي واڪ لاءِ کيس فريئرهال گارڊن جي ڀرسان ريسٽورنٽ تي چانهه پيئارڻ لاءِ
وٺي ويو ۽ روڊ ڪراس ڪندي هو هڪ وک کان حادثي کان بچي ويو، جنهن تي احسان بدويءَ
کيس سخت ڇنڊ پٽيندي تڪڙ ڪرڻ کان منع ڪيو هو. ان واقعي کان چند ڏينهن پوءِ ئي احسان
بدوي ساڳي جاءِ تي روڊ ڪراس ڪندي حادثي جو شڪار ٿي ويو.
توڻي جو ظاهري طرح احسان بدوي
سست رو، هوريان هلڻ ۽ ڳالهائڻ وارو، خاموش طبع هو پر اندروني طرح چست، ڦڙت، تڪڙو ۽
سنگت ۽ ساٿ ۾ مصروف ترين شخص هو. هو خاموشيءَ سان ڪم ڪندڙ شخص هو، فرض شناسيءَ جو
مجسمو هو ۽ ننهن کان چوٽيءَ تائين محنت ئي محنت هو.
هلڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجھائي
مرڪ
وجھن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ
راندا ۾
هن پنهنجي مختصر ادبي زندگيءَ ۾
نه رڳو ڪيترا ئي تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون لکيا پر ورهاڱي کان پوءِ سڀ کان اول سنڌي
ادب ۾ عالمي انقلابي ادب ترجمو ڪرڻ جو حقدار به احسان بدوي ئي آهي. ڊان ويسٽ، ناظم
حڪمت، ناصر جمال کي سنڌي ۾ پيش ڪري هن نوجوان ۽ نئين نسل جي سنڌي ليکڪن کي انقلاب
جي فلسفي ۽ ترقي پسند شاعريءَ کان روشناس ڪرايو، ون يونٽ دوران ڪراچيءَ ۾ سنڌي
شاگردن لاءِ هو وڏو اجھو ۽ آسرو هو، اندرون سنڌ کان ايندڙ شاگردن جي هر ممڪن مدد ڪندو
هو. احسان بدوي سياسي ميدان تي سرگرم سنڌي شاگردن جي به وڏي ٽيڪ جھل هو. هو اهڙو
شخص هو جنهن جي هٿان ڪنهن کي ڪو هاڃو نه رسيو هوندو. زبان سان ڪنهن جي دل آزاري نه
ٿي هوندي. ڪنهن کي رنجائڻ سندس ريت ئي نه هئي.
پروفيسراحسان بدوي سنڌي ادب جو
هڪ وڏو نانءُ آهي، هن تنقيد، تحقيق ۽ ترجمه نگاريءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو پر کانئس پوءِ جي
نسلن کيس يڪسر وساري ڇڏيو. وقت جي گرد سندس عڪس کي ڀلي ڪيترو به ڌنڌلو ڇو نه ڪري ڇڏي
پر هو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه امر رهندو. شيخ اياز چواڻي؛
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
گهايل ڌرتي جي سيني تي
اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
جا دنيا کي جاڳائي ٿي
جا هر ڪنهن کي بدلائي ٿي
پروفيسر احسان احمد بدوي
حسيب ناياب منگي
احسان بدوي اسان جي شهر شڪارپور
جو نوجوان ليکڪ، شاعر ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ هو. هُو ان
شخصيت جو فرزند هو، جنهن اسان جي سنڌي ادب تي ٿورا ڪيا آهن. احسان بدوي به پنهنجي
والد جي نقش قدم تي هلندي ٿوري عرصي ۾ وڏيون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون. جيڪڏهن
حياتي وفا ڪريس ها ته پنهنجي والد جيترو علمي ادبي مقام ماڻي ها .
احسان احمد پنهنجي والد پروفيسر
لطف الله بدويءَ جو وڏو پٽ هيو جيڪو ۴ اپريل
۱۹۲۵ع بمطابق ۹ رمضان المبارڪ ۱۳۴۳هه
بروز ڇنڇر تي ڄائو. تربيت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويس جڏهن تعليم حاصل ڪرڻ جهڙو ٿيو ته
ابتدائي تعليم کيس نادر واري اسڪول مان ڏياري وئي، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول
شڪارپور ۽ هائير چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج مان مڪمل ڪيائين. جڏهن ۱۹۴۶ع ۾ چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ داخل ٿيو ته اتي علم ادب سان چاهه رکندڙ ٽولي
۾ شامل ٿي ”اپر سنڌ ڪاليج مخزن“ جي سنڌي سيڪشن کي ايڊٽ ڪرڻ جو سهرو سندس سر تي
رکيو ويو جنهن کي نڀائي ڏيکاريائين، اها مئگزين ۱۹۴۷ع ڌاري ڇپجي پڌري ٿي هئي. ان کان اڳ ئي سندس قدم ادبي دنيا ۾ ۳۹_۱۹۳۸ع ڌاري پئجي چڪا هئا، سندس ادبي
رهبر پروفيسر لطف الله بدوي هو. اهو ڏينهن پروفيسر بدوي لاءِ ڪيڏو نه راحت، سڪون ۽
خوشيءَ وارو گذريو هوندو جو احسان بدوي خانداني روايتن کي قائم رکندي شعر لکي
پنهنجي والد آڏو آندو هوندو. سندس ڏاڏو حاجي امام بخش ”خادم“ بدوي پنهنجي دور جو
ناميارو قصه نويس، اديب ۽ شاعر هو. احسان بدوي کي جتي پنهنجي والد جي سرپرستي حاصل
هئي اُتي هن کي شيخ اياز، محمد نعيم صديقي، تاج صحرائي، لعل محمد لعل ۽ رشيد احمد
لاشاري جي صحبت مان به گهڻو ڪجهه پرايو. احسان احمد بدوي جڏهن ۱۴ ورهين جو هو تڏهن هن ننڍڙي ڪويتا لکي شايع ڪرائي جيڪا هتي پيش ڪريان ٿو:
استاد
ماءُ پيءُ جي خدمت سچي سعادت
تن جي
ادب جي هردم رک پاڻ ۾ تون عادت
استاد ٿو
سيکاري علم ۽ ادب جون ڳالهيون
ان جي
ئي فيض سان ٿي درجو وڏو پراپت
وڌ
ماءُ پيءُ ان کان پالي جو نپائي
جن جي
نظر ئي آهي اولاد لاءِ راحت
گهر
تون دعا خدا کان هر دم ۽ هر گهڙيءَ ۾
تن جي
سدا ادب جي تو کي ڏي هو طاقت
احسان احمد بدوي انٽر آرٽس جو
امتحان توڙي بي اي (آنرس_ فارسي) ۽ ايم.اي اردو جا امتحان سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ
مان پاس ڪيائين. اهو به سندس لاءِ اعزاز بڻجي ويو ته هي پهريون سنڌي شاگرد هيو
جنهن اردو ادب ۾ ايم.اي پاس ڪئي هئي. احسان احمد بدوي مختلف علمي ۽ ادبي تنظيمن
سان وابسته پڻ رهيو جڏهن ته ڪيترن ئي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو ڪلام
پيش ڪندو هو. سندس شروعاتي دور جي شايع ٿيل تحريرن ۾ سندس نانءُ عبدالنبي ڇپيل نظر
اچي ٿو.
احسان بدوي جي روزگار جي شروعات
سول سپلاءِ ڪراچي آفيس کان ٿئي ٿي، جڏهن سندس نوڪري ڪرڻ واري خبر سندس والد کي پئي
ته ان ناراضگيءَ جو اظهار ڪيو ۽ احسان احمد بدوي اها نوڪري ڇڏي ڏني. ڪجهه وقت
کانپوءِ روينيو ڪمشنر آفيس ۾ اول ڪلارڪ ۽ پوءِ سينيئر ڪلارڪ مقرر ٿيو. ان ئي وچ ۾
ايم.اي سنڌي جو امتحان به پاس ڪري ورتائين. روينيو ڪمشنر آفيس ڪراچيءَ ۾ اٺن ورهين
کان جيڪا نوڪري ڪري رهيو هو نيٺ ان تان استعيفيٰ ڏئي ٻي ڪٿي روزگار تلاش ڪندو
رهيو. سندس قابليت کي ڏسندي سيد غلام مصطفيٰ شاه کيس ۱۹۵۲ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچراري وٺي ڏني، جتي درس و تدريس کان علاوه مئگزين
جي ڇپائي ۽ ايڊٽ جي ڪمن کي ڏسڻ به سندس ذمي هوندو هيو. لکڻ پڙهڻ سان ته سندس واسطو
ننڍپڻ کان هيو، سو ڪهاڻيون ۽ افسانه به لکيائين ته وري علامه اقِبال جي ڪلام جو سنڌي
منظوم ترجمو به ڪيائين. پاڻ ٻه شاديون ڪيون هيائين، ٻي گهرواريءَ مان ۲ پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد اٿس.
احسان احمد بدوي ۲۱ نومبر ۱۹۶۵ع تي ڪراچيءَ ۾ شمس العلما ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي جي ورسي واري تقريب تان واپس موٽندي روڊ پار ڪندي بس جي ٽڪر
لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، بيهوشيءَ واري حالت ۾ کيس اسپتال نِيو ويو، جتي ۲۲ نومبر ۱۹۶۵ع تي شهادت جو جام پيئي مالڪ
حقيقيءَ سان وڃي مليو. ان خبر نه صرف لطف الله بدويءَ مٿان قيامت ڪرائي ڇڏي پر شڪارپور
جي ڪيترن ئي گهرن ۾ روڄ راڙو هيو پاڻ پنهنجي طبعيت سبب نه صرف ماڻهن وٽ مقبول هيو،
پر پنهنجي دوستن جو گهڻ گهريو هيو. سنڌي ادب به سندس خدمتن کان محروم رهجي ويو ۽
هي سنڌ جو يگانو تنقيد نگار ۽ اديب شڪارپور جي نئين مقام ۾ مڻ مٽيءَ هيٺان ابدي ننڊ
ڪرڻ لاءِ دفنايو ويو. گهر وارا ڀلا ڪئين وساري سگهندا ته جنهن تاريخ تي شڪارپور اچڻ
جو چيو هيائين ان ڏينهن سندس ميت اچي، سندس ڳالهيون ۽ تحريرون ئي سهارو بڻجي پوڙهي
پيءُ لاءِ آٿت بڻيون، غمزده ڪيفيت ۾ پروفيسر لطف الله بدوي لکي ٿو ته:
ڏينهن
گذريا تنهنجي خط جو آهه ڪيڏو انتظار،
تو ڪئي
پرديس ۾ ايڏي خموشي اختيار.
ڪا خبر
توکي نه گهر جي والده توڏي ڏسي،
تنهنجا
ڀائر ڀينرون تو لئي سڀئي بيقرار.
تو ڪڏهن
خط جي لکڻ ۾ دير ايڏي ڪئي نه آ،
ڪا پئي
رفتار شايد جنهن کان ٿي ديرو مدار.
تنهنجي
تحريرن کي کوليم من ملي تسڪين ڪا،
تنهنجي
هر تحرير پوڙهي پيءُ کي ڪيو اشڪبار.
تو ڪٿي
رئندي ڏٺو هو پيءُ کي جان من،
هن جي
اکين کي ته ڏس جي بڻجي ويئون آبشار.
ايتري
بي اعتنائي ڪجهه ته لک پرديس مان،
ڪئن
اتي گذري ٿو تنها تنهنجو هي ليل و نهار.
تعزيت
تنهنجي جا خط مون کي ملن ٿا بيشمار،
موت
تنهنجي جو ٻڌي به ڪين آيو اعتبار.
احسان بدوي جي شهادت تي سنڌ جي ڪنڊ
ڪڙڇ مان لطف الله بدوي ڏي تعزيتي خط ايندا رهيا، جن خطن مان سنڌ جي ممتاز اديب سيد
پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو خط هتي پيش ڪري رهيو آهيان
”اوهان سان ڪهڙي تعزيت ڪريان، سڄي
سنڌ سان تعزيت ڪجي. شرافت ۽ محبت سان تعزيت ڪجي، احسان اوهان جو ته هيو پر، اسان سڀني
جي اکين جو نور، روح جو سرور ۽ محفلن جو مور هو. هر سنڌي پنهنجو پاڻ سان تعزيت ڪري.
ڪجهه ماڻهو اجتماعي ملڪيت هوندا آهن، هي مرحوم انهن مان هو“
احسان احمد بدوي جا ڪيترائي
لکيل ۽ ترجمو ٿيل ڇپيل ڪتاب اسان کي ملن ٿا جن ۾: ڊان ويسٽ، ناظم حڪمت، تنقيد ۽
تنقيد نگاري، مذهبي علوم، انقلاب جو فلسفو، سانگي، سيروسفر، وندر ۽ سکيا، پوڙهو
جهازن ران، ڇهون ۽ اٺون درسي ڪتابَ، حاتم طائي ۽ پنج داستان وغيره اهم آهن. مرحوم
جو ٻيو لکيل ۽ ڇپيل مواد پڻ مختلف رسالن ۽ مئگزينن ۾ شايع ٿيل ملي ٿو، تنهن سميت
سندس سمورن ڪتابن کي ٻيهر منظر عام تي آڻائڻ ۾ سنڌ جي اشاعتي ادارن کي پنهنجو قدم
اڳتي وڌائڻ گهرجي.
مرحوم جي علمي ادبي خدمتن تي
سندس ئي ڪٽنب جي هڪ نياڻي سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم.اي سنڌي لاءِ مونوگراف ٿيسز لکيو
هيو تنهن کي پڻ شايع ڪرائي سندس خدمتن کي نروار ڪيو وڃي. احسان احمد بدوي ناميارو
شاعر پڻ ٿي گذريو آهي سندس ڪلام ۾ رواني ۽ موسيقيت آهي، سندس ڪويتائن مان هڪ نمونو
هن هيٺ پيش ڪجي ٿو.
وري
ياد آيا اشارا ڪنهن جا،
اکين ۾
سمايا نظارا ڪنهن جا.
اسان
جي محبت جو ئي گيت ڳائي،
ٿين ٿا
جهان ۾ اشارا ڪنهن جا.
اوهان
جي ڪري ئي ڇڏيو آهي جڳ کي،
ملن ٿا
ڪٿي پوءِ ڪنارا ڪنهن جا.
اسان
جي محبت اسان جا فسانا،
ڏئي ٿو
زمانو اشارا ڪنهن جا.
ڏٺوسين
جڏهن تنهنجي نيڻن ۾ گهوري،
ملي
ويا اسان کي سهارا ڪنهن جا.
اسان
جو سهارو هنن جي محبت،
نجومي ڀلي
ڏس ستارا ڪنهن جا.
(ڏھاڙي ھلال پاڪستان ڪراچيءَ ۾ ۲۳
نومبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا