امرديپ بڊلاڻي
سُريلو ڪلاڪار ۽ طبلي جو وڄتڪار
ناصر قاضي
موسيقيءَ جي سنسار ۾ ڪلاسيڪي گائيڪيءَ جو پنهنجو ميڊيم
آهي، جنهن جي پروڙ صرف اهلِ دل ۽ اهلِ قدر ماڻهن کي ئي هوندي آهي. ڇاڪاڻ جو ڪلاسيڪي
گائيڪيءَ کي موسيقيءَ جو اصل روح تسليم ڪيو وڃي ٿو. موسيقيءَ جي سنسار ۾ جتي سر ۽ آواز
اهميت جا حامل آهن، اتي ساز جو پڻ وڏو عمل دخل آهي. اسان جي سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو
ٿي گذريا آهن، جن راڳ رنگ جي هن جهان ۾ فني اختيار سان سر ۽ آواز سان گڏ ساز کي سکڻ
۽ سمجھڻ به ضروري ڄاتو آهي.
