ڊاڪٽر پروين موسيٰ
قاسماڻي
آفتاب ميمڻ
ٿرپارڪر جي ننڍڙي ڳوٺ ڏيپلي شهر جا سيٺ سڪيلڌو، سيٺ احمد
علي قاسماڻي، خان صاحب محمد سومار، خان صاحب محمد موسيٰ، آفتاب احمد ميمڻ ۽ ڪموڊور
اقبال ميمڻ جنهن لڙيءَ جا موتي هئا، تنهن لڙيءَ جو هڪ انمول هيرو ڪموڊور اقبال ميمڻ
۽ آفتاب احمد ميمڻ جي ننڍي ڀيڻ ڊاڪٽر پروين موسيٰ آهي. ڏيپلي جي موتين ۽ سنڌي ادب سان
زيادتي ٿيندي جي ڊاڪٽر پروين موسيٰ جو ذڪر نه ڪبو ۽ سندس ادبي تخليق ۽ صلاحيت کي نه
ساراهبو. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ٿر جي وارياسي علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ اهڙو انمول ادبي
هيرو آهي، جنهن پنهنجي بزرگ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ پنهنجي خاندان جي روايتن کي روشن
رکيو آهي.
