; سنڌي شخصيتون: مصري، شاهه، صوفي، بزرگ، ڪافي، بادشاهه، منظور، ڪالرو،
Showing posts with label مصري، شاهه، صوفي، بزرگ، ڪافي، بادشاهه، منظور، ڪالرو،. Show all posts
Showing posts with label مصري، شاهه، صوفي، بزرگ، ڪافي، بادشاهه، منظور، ڪالرو،. Show all posts

29 January, 2016

مصري شاهه - منظور ڪالرو

مصري شاهه
صوفي بزرگ ۽ ڪافين جو بادشاهه
پَکا پَکن سامهان، اُوري اَڏائينس
منظور ڪالرو
سنڌ ڌرتيءَ جا ڪيترائي ماڳ مڪان اهڙن ولين درويشن بزرگ هستين، عالمن، شاعرن ۽ سماج سڌار شخصيتن جي محبتي پيغامن اثرائتن معجزن ۽ دعائن سان مالامال ڏسجن ٿا، جن سنڌ جي سرزمين تي رهندي امن محبت، درگذري، دوستي ۽ ترقي جا لازوال درس ڏنا. انهن هستين پنهنجي فڪر انگيز پيغامن ڪچهرين لکڻين شاعري ۽ ڳائڻ ذريعي انسان ذات کي سجاڳ ڪندي پنهنجين ذميوارين کي نڀائڻ سميت پنهنجي حيثيت سڃاڻڻ کان خلقِ خدا کي آگاهي ڏني. اهڙن صوفي بزرگن مان حضرت مصري شاهه به گهڻو مشهور آهي، جنهن پنهنجي محبتي پيغام کي عام ڪيو. ان لاءِ پاڻ شاعري جي صنف ”ڪافي“ کي وسيلو بڻائي پنهنجي تبليغ کي انسانذات تائين آساني سان ڪرڻ فرمائي.