; سنڌي شخصيتون: پرنسپال، خوشيرام، ڪندناڻي، ڊاڪٽر، سنڌيا، چندر،
Showing posts with label پرنسپال، خوشيرام، ڪندناڻي، ڊاڪٽر، سنڌيا، چندر،. Show all posts
Showing posts with label پرنسپال، خوشيرام، ڪندناڻي، ڊاڪٽر، سنڌيا، چندر،. Show all posts

11 January, 2016

پرنسپال خوشيرام ڪندناڻي - ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي

پرنسپال خوشيرام ڪندناڻي
ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
اسانجي سونهاري سنڌ سنتن، صوفين، درويشن جي مهان ڌرتي آهي، جنهن تي ڪن اهڙن لاکيڻن لعلن ۽ سپوتن پڻ جنم ورتو آهي. جن پنهنجي مڪمل زندگي تعليم جي ڦهلاءُ لاءِ ارپي ڇڏي. جن جي زندگي جو مقصد ۽ منزل تعليم جي ترقي ئي رهي. تعليمي ڦهلاءُ جي رستي تي هلندي زندگي سان جنگ جوٽيندي ڪاميابي جا ڏاڪا چڙهندي منزلون ماڻيون آهن، پنهنجي قوم جو ڳاٽ اوچتو ڪندي تاريخ ۾ سونهري باب جوڙيا آهن ۽ هڪ عظيم نشان قائم ڪندي عزت ڀريو ممتاز درجو حاصل ڪيو آهي.