شفيع محمد شاھ
لازوال ڪردار ادا ڪندڙ عظيم اداڪار
طارق عزيز شيخ
شفيع محمد شاھ سنڌي ۽ اردو ڊرامن جو وڏو اداڪار هو، هن جو جنم ۱۹۴۹ع ۾ ڪنڊياري تعلقي ۾ ٿيو، تعليم پرائڻ بعد اداڪاريءَ جو شوق هن کي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو، جتي کيس ميزبان طور پروگرام ملي ويو، سندس آواز ۾ Base (وزن، ڳرائپ) ريڊيو پاڪستان تي ڪاميابيءَ جي ڪنجي جيان کيس اڳتي وڌايو. هو سنڌ يونيورسٽيءَ مان ماسٽرس ڪري چڪو هو، ريڊيو هر اداڪار لاءِ پرائمري اسڪول جيان اهو مرڪز آهي، جتان پيڙهه پڪي ٿيندي آهي، شفيع محمد شاھ جي به پيڙهه پڪي ريڊيو حيدرآباد ڪئي ۽ پوءِ هو ڪراچيءَ ڏانهن لڙيو.
