; سنڌي شخصيتون: راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند، حسيب ناياب منگي، پيتامبر، منظور کوسو
Showing posts with label راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند، حسيب ناياب منگي، پيتامبر، منظور کوسو. Show all posts
Showing posts with label راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند، حسيب ناياب منگي، پيتامبر، منظور کوسو. Show all posts

22 January, 2016

راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند

سڀني جا دُک دُور ڪر، سڀ جو ڪر ڪلياڻ
حسيب ناياب منگي
مالڪ جي هن وشال ڪائنات ۾ ٻين ڪارڻ پنهنجي زندگي گذارڻ به عبادت آهي، انسان ذات جنهن کي اشرف المخلوقات چيو وڃي ٿو، تنهن جو اشرف هجڻ به اوترو ئي لازم آهي جيترو سڏرائڻ! انسان مٿان اِها ذميداري ان ڪري عائد ڪئي وئي ته احساس ڪرڻ جو جذبو سندس من ۾هوندو ته ٻين جي ڏک توڙي تڪليف کي پنهنجو سمجهي انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي ڪري سگهندو ۽ ايئن ڪرڻ سان انسان جڳ ۾ ڪامياب ٿيندو. انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ جن ماڻهن شڪارپور ۾ پاڻ موکيو، تن ماڻڪن جي مالها ۾ هڪ اهڙو هيرو به اچي وڃي ٿو, جنهن جي خدمت ۽ نمرتا جو مثال ورلي ئي ملي سگهندو. هڪ ته خدمت گذاريءَ جو جذبو سندس دل ۾ سرس، مٿان وري عاجزي اهڙي جو شڪارپور سميت سنڌ جي مڙني سيٺين اڳيان سندس ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو رهيو ۽ اڄ سوڌو تاريخ جي ورقن ۾ سندس نانءُ سنهري حرفن سان لکيو وڃي ٿو. اهڙي عظيم شخصيت راءُ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا آهي، جنهن جي ڪالهه ۱۷ جنوريءَ تي ٽيهترين ورسي ملهائي وئي.