ملھار چانڊيو
هڪڙو ماڻهو، لکُ لهي ٿو!!
حفيظ زخمي چانڊيو
لاڙڪاڻي شهر جي نهايت مصروف جي.
ٽي روڊ تي، کاٻي پاسي تي قائم لبِ مهراڻ هوٽل جي پرئين ڀڪ شيخ زيد ڪالونيءَ ۾ ويٺل
شاعر ملهار چانڊيو، جديد سنڌي شاعريءَ جو هڪ مزاحمتي ۽ رومانوي نانءُ آهي. جنهن جي
شاعريءَ ۾ سرتيءَ سان گڏُ ڌرتيءَ سان محبت جو هڪ انوکو اظهار آهي، سندس شاعري سراپا
سهپ، پيار، امن ۽ اهنسا جو پتلو آهي، هو استاد بخاريءَ وانگر عوامي شاعر آهي، جنهن
جي شاعري ۾ سادو سوڌو اظهار آهي، سندس شاعريءَ کي پيش ڪرڻ جو انداز به نهايت وڻندڙ
هوندو آهي، هن گذريل ويهارو سالن کان مسلسل پئي لکيو آهي، ان ٻن ڏهاڪن ۾ ملهار سان
ڇا نه وهيو ۽ واپريو هوندو، تن هڙني مايوسين ۽ محرومين، اُلڪن ۽ ارمانن کي پنهنجي شاعراڻي
اظهار طور هن سنڌ جي عوام تائين وڏي ايمانداريءَ سان پهچايو آهي، جيتوڻيڪ شاعر
مزاجن ڏاڍا ٽوڻائي ۽ گهڻ ڳالهائو ٿين ٿا، پر هن فقير منش انسان جي طبعيت ئي پنهنجي
آهي، اهو ئي سبب آهي جو ملهار چانڊيو، ويهن سالن جي عرصي ۾ پوري سنڌ ۾ رهندڙ شاعرن
۽ شاعرائن، ليکارن ۽ ليکڪائن، ڪهاڻيڪارن توڙي ڪهاڻيڪارائن، مطلب ته هر مڪتبهِ فڪر
جي دوستن جي دلين ۾ گهر اڏي ويٺل آهي.
ملهار چانڊيو، ستين ڪلاس کان
وٺي مختلف رسالن ۾ ترجما، ڊائريون، شاعري ۽ شارٽ اسٽوريز لکندو رهيو آهي، هن ادبي ڪڙم
قبيلي ۾ باقائدگيءَ سان ۱۹۹۲ع دوارن
پير پاتو، هن ۱۹۹۴ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول مان
ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، انٽرميڊئيٽ ۽ بي ايس سي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو مان
ڪئي، جڏهن ته ۲۰۰۴ ۾ مايوس
ماڻهن جي مدد لاءِ هن ايل ايل بي لا ڪاليج لاڙڪاڻو مان ڪئي، پر ڪورٽن اندر ماڻهن سان
ٿيندڙ انتظامي بدمعاشين کيس ڪورٽ ۾ وڌيڪ ٽڪڻ ئي نه ڏنو، ان ڪري هن اليڪٽرل ايسوسيئيت
انجنيئر جي ڊگري ڪئي، جنهن کان بعد کيس واپڊا ۾ نوڪري ملي وئي، ماڻهن سان واپڊا جي
عملي جون بي واجبيون ڏسي، هو ڪيترا ئي دفعا عام ماڻهن جي حمايت ڪندي، ساڻن الجهي پوندو
آهي، پر جڏهن ٻچڙن ڏي ڏسندو آهي، ماٺ ڪري کين حال تي ڇڏي به ڏيندو آهي، هن جي شاعريءَ
منجھ ديس جو درد سمايل آهي، هو پنهنجي شاعريءَ ۾ وطن ۾ موجود خدائي نعمتن سان مالا
مال سنڌ ڌرتيءَ جي سونهن کي خوبصورت لفظن ۾ بيان ڪري ٿو، جن ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ
جبل، ڍنڍون ڍورا، سمنڊ ۽ درياھ سنڌ سميت انهن سڀني فطري حسناڪين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي
سنڌ جي وشال ڌرتيءَ جي سونهن ۽ سندرتا جو مظهر آهن. ملهار چانڊيو پيار ۽ پيڙائن
مان گذري جيڪا به شاعري ڪئي آهي، تنهن ۾ ڪمال جي اڇل ۽ هڪ ولولو آهي، هو شاعريءَ جي
فن کان مڪمل باخبر هڪ پڙهيو لکيو ۽ ڄاڻُو شاعر آهي، جنهن وٽ لکڻ جي معاملي ۾ ڪو رک
رکاءُ ئي نه آهي، هو بنيادي طور تي مدد علي منظر، سرڪش سنڌي ۽ زخمي چانڊيو کان متاثر
ٿي شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پاتو. جن سندس وقتن بوقتن سندس شاعري اصلاح به ڪئي ۽ سندس
رهنمائي پڻ ڪئي، هو ان وقت جيتوڻيڪ ڦوھ جوانيءَ ۾ هيو، جو ڪنهن وينگس سندس دل چورائي
کيس ديوانو ڪري ڇڏيو، تڏهن ئي ته هو ٻين روايتي نوجوانن کان مزاجن مختلف هيو، هو ننڍي
هوندي کان وٺي نهايت محنتي ۽ پورهيت قسم جو هڪ شاندار شخص رهيو آهي، هو واحد نوجوان
شاعر آهي، جنهن لئي “هڪڙو ماڻهو لک لهي ٿو” واري چوڻي مناسب آهي، ڇو جو جيڪو ماڻهو
پنهنجي گهر جي زميدارين کان ويندي معاشرتي زميدارين تائين پورو لهي سو هڪڙو ماڻهو
واقعي به لک لهي ٿو.
جيتوڻيڪ سندس زندگي ڏُکن، دردن،
پيڙائن ۽ پڇتاون سان ڀريل آهي، پر پوءِ به هو وڏي حوصلي سان شان ۽ مان سان دوستن سان
وڏا وڏا ڀاڪر پائي، مرڪندي، پيار ونڊيندو ٿو رهي ۽ خوشحال سنڌ لاءِ مسلسل رنڊا
روڙيندو ٿو رهي. سندس زندگيءَ جو ٻيڙو ڪڏهن واچوڙن ۾ ته ڪڏهن تيز ترين طوفانن منجھ
مسلسل لڏندو رهيو، پر ان ويرم هن انهن هڙني ڏکن ۽ ڏوجهرن کي مڙسيءَ سان منهن ڏئي زندگي
جي ٻيڙي کي ڪٿي به بيهڻ نه ڏنو، گڏوگڏ هو مرشد لطيف جي سٽ” سُکن واري سڌَ، متان ڪا
مون سين ڪرين” جو ورد ڪندي، پنهنجي انفرادي سکن کي قوم جي اجتماعي ڏُکن تان گهور
ڪيو.
پياسي ڌرتي جي مٿان
برسيو ميگه ملهار
مرڪي پئي زندگي
سندس زندگي جو سڄو سارو بيان، سندس
شاعري ئي آهي. منهنجون ساڻس لاتعداد ملاقاتون ٿيون آهن، جن ۾ مون کيس ميٺ ۽ محبت ۾
ڏٺو آهي، پر جڏهن ڳالهائيندو آهي، ته سندس لفظن جي گلابن جي تازگي، ساڻس ڪچهري
ڪندڙ دوستن جي دل تائين رسي، سندن زخمي روحن تي، مرهم جو ڪم ڏيندي آهي، اهو ئي سبب
آهي جو هميشه سندس چوڦير دوستن جو هڪ وڏو حلقو موجود هوندو آهي.
ملهار چانڊيو، جي شاعريءَ ۾
سماج دشمن عنصرن لاءِ ڌڪار اهي، هو پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ سماج ۾ انارڪي
ڦهلائيندڙ جاگيردارن، نام نهاد ڀوتارن، وڏيرن ۽ ننڍيرن، سامراجي قوتن، مذهب جي آڙ
۾ انسانن منجھ ويڇا وجهندڙ انهن هڙني تعصب پرست قوتن کان ويندي قبيلائي وحشتن جي بي
تاج بادشاھ وحشي صفت ماڻهن کان نفرت ڪندي ڏٺو آهي، سندس اندر جيتوڻيڪ اڌواڌ آهي، پر
ڌرتيءَ سان ڪمٽمينٽ تحت هو هميشه انهن سمورين قوتن خلاف جهيڙيندو به رهيو آهي. هو پنهنجي
شاعريءَ ۾ مشعلون ٻاري قوم کي انهن ازلي ويرين کان آگاھ ڪندو رهيو آهي، جيڪي معاشرتي
ترقيءَ ۾ هميشه رڪاوٽون وجهي، عوام کي اونداهي غارن ۾ ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش پيا ڪندا
آهن. هو پنهنجي شاعري وسيلي ۾ پڪن ۽ پختن خيالن سان ماڻهن جي رهنمائي ڪندو رهي ٿو،
سندس سوچڻ ۽ سمجهڻ جا ماڻ ۽ ماپا ئي الڳ آهن، هو روايتي ماڻهن کان هٽي ڪري ديس جي
دردن کي سکن ۾ تبديل ڪرڻ جا جتن ٿو ڪندو رهي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ باضمير تخليقار
جي ناتي، انياءَ تي خلاف انهن قوتن سان اکين ۾ اکيون ملائي قومي شعور کي سجاڳ ٿو ڪري
ته قومن جون تقديرون معياري علم ۽ سگهاري قلم سان تبديل ٿينديون آهن، سو هي مقابلي
جو دور آهي، جتي نئين نسل کي ڍارن ۽ ٻٽاڪن کي ڇڏي، با عمل ٿي، ميدان ملهائڻو پوندو،
جنهن بعد هر ڏسا مارو مرڪي پوندا ۽ ديس خوشحال ٿي ويندو، جتي ڪو به ڌوتو نه رهندو.
تو جو آڇيو پيار،
مُرڪي پئي آ زندگي.
No comments:
راءِ ڏيندا