ساگر حنيف بڙدي
سيد ۽ ڀٽائي جو پرچارڪ
به وڇڙي ويو
گل مورو
هي ۱۹۸۰ وارا شروعاتي ڏهاڙا هيا مولانا عزيزالله ٻوهيو جي فڪري مڪتب ۾ وطن جو گيت
ترنم ۾ ڳائي بس ڪيم ته هڪ خوبصورت نوجوان اچي هٿ ڏيندي چيو ته آئون ساگر حنيف بڙدي
آهيان، منهنجو به امام انقلاب عبيدالله سنڌي واري فڪر سان رشتو آهي. ساگر حنيف
بڙدي انتهائي باصلاحيت ۽ ذهين هئڻ جي ڪري انهن ڏينهن ۾ سنڌ ساگر پارٽي جي پليٽ فارم
تان شاگرد ونگ سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري کان وٺي صدر به
رهيو ۽ سندس تقريرون، تخليقون ۽ تحريرون ايتريون ته بااثر هيون جو هن سڄي سنڌ ۾
فڪري نوجوانن جي آبياري ڪندي هڪ علمي مڪتب جوڙي ورتو هو ۽ اهڙو سٿ جوڙي ورتو هو جيڪو
امامِ انقلاب عبيدالله سنڌي جي فڪر سنڌ سنڌين جي آهي واري نظرئي جي پرچار ڪندي سڄي
زندگي اهائي پرچار ڪندو رهيو. هي ساٿوڙي به سنڌ جو هاسو سوڍو بڻجي سڄي سنڌ ۾ وطن
جي ويرين سان وڙهندو رهيو، ڪڏهن به هن هيڻي نه ٻولي ۽ ڪيتري ئي وقت تائين جيل به
ڀوڳيائين، سختيون به سٺائين پر پنهنجي فڪري واٽ نه ڇڏيائين. اهڙا ماڻهو ئي وطن جا
واهرو، اهڙا ئي ماڻهو ساڻيھ جا سپوت ٿيندا آهن. هن ساڻيھ جي سپوت ساگر حنيف بڙدي جڏهن
ڏٺو ته سنڌ ساگر پارٽي ماٺي ٿي وئي آهي ته پوءِ ان دير ئي نه ڪئي سن جي سيد سائين
جي ايم سيد جي فڪري پرچار ڪرڻ لاءِ سن جي ساڻيھ تي وڃي پهتو ۽ جسقم ۾ شموليت ڪيائين،
اُتي به ماٺ ڪري نه ويٺو، هميشه جاکوڙ ۽ جدوجهد ۾ مصروف عمل رهيو. ايتري قدر جو سن
جي اسٽيجن تي هميشه گجگوڙ ڪندو رهيو. سندس آواز سڄي سنڌ جي سڄڻن لاءِ گونجندو هيو.
جسقم ۾ شموليت ڪرڻ کان پوءِ ايترو ته متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين جو کوڙ سارا ساٿي ٿڪجي
به پيا پر ساگر ساگر جيان اوڀارو توڙي لهوارو گجگوڙ سان وهندو رهيو. ايتري قدر جو
جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان کان وٺي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي وڃي پهتو. سائين
جي ايم سيد جي فڪري واٽ تي هميشه دائم ۽ قائم رهيو. هن ڪڏهن به پنهنجي ماروئڙن کي اڪيلو
نه ڇڏيو، سفر ۾ سدائين اهڙا ساٿي کنيائين جيڪي ڪڏهن به نه ٿڪيا نه وري جهڪيا. هن
اهي ساٿي ڀٽائي جي فڪري واٽ مان ڳولي لڌا هئا. تڏهن ته هميشه چوندو رهندو هو ته “سڄڻ
۽ ساڻيھ ڪنهن اڻاسي وسري، حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو. ” حقيقت اها آهي ته ساگر
حنيف بڙدي نه سڄڻ وساريو نه وري ساڻيھ کي وساريو، هميشه پنهنجي وطن جي وارثي ڪيائين.
شهيد بشير خان قريشي جو بااعتماد ساٿي هئڻ سان گڏ هن کي امام انقلاب عبيدالله سنڌي
جي فڪري پرچارڪ مولانا عزيزالله ٻوهيو کان وٺي سنڌ جي درويش صفت ڏاهي عبدالواحد آريسر
جهڙن سپوتن جو سٿ مليو، جن کان هن گهڻو ڪجھ علمي اڀياس پرايو. اهوئي سبب هو جو علم
ادب جي حوالي سان به تمام گهڻي پرک رکندو هو. نه رڳي علمي ادبي حوالي سان پر سياسي
حوالي سان به تمام گهڻو باصلاحيت هو جو پنهنجي تجربي جي لحاظ سان حالتن جو اڀياس
پڻ ڪري ڄاڻندو هو ته هن وقت حالتون ڪهڙي رُخ ۾ وڃي رهيون آهن. ان سان گڏ ساگر حنيف
شاھ لطيف جي فڪر جو به اڀياس ڪيو ۽ لطيفيات تي به عبور رکندو هو ۽ اهو شاھ لطيف جو
درس کيس سنڌ جي سپوت سگهڙ اديب ۽ لطيف شناس حافظ محمد بخش خاصخيلي کان مليو. آخري
گهڙي تائين هن ديس جي درد وندي هر نوجوان جي فڪري حوالي سان آبياري ڪئي ته جيئن
اڳتي هلي وطن جو اهو نوجوان جيڪو فڪري لحاظ کان خالي نظر اچي رهيو آهي، اهو فڪري
حوالي سان ڀٽائي کي پنهنجو رکوالو بڻائي ته جيئن سڄڻ ۽ ساڻيھ وارو پيغام سنڌ جي هر
ننڍي وڏي وستي واهڻ ۾ توڙي شهر ۾ عام ٿي سگهي ۽ ڦهلجي سگهي، ان سان ئي سنڌ خوشحال
بڻجي سگهي ٿي، ان سان ئي سنڌ سُکي ٿي سگهي ٿي، ان سان ئي وطن جا واهرو پيدا ٿي
سگهن ٿا، ان سان ئي ديس جا دودا پيدا ٿي سگهن ٿا. اهو ئي فڪر کڻي ڀٽائي جو پرچارڪ
بڻجي سڄي سنڌ ۾ ٻيجل جيان ٻاڪاريندو رهيو ته اچو سورن واريون ڪيون سور پچار. هي سورن
جي پچار ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڄڻن سان ويهي ويچار ڪندو هو ته من ڪو سڄڻ سمجهي سگهي ته
وطن جي واهرو ٿيڻ کان سواءِ هي وطن بچي نه ٿو سگهي.
سنڌ جو باصلاحيت نوجوان ساگر
حنيف بڙدي پنهنجي ئي والد حاجي صاحب خان بڙدي جي ڳوٺ ۾ ۱۹۶۹ع ڌاري پڊعيدن ڀرسان جنم ورتو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي اڳتي هلي سنڌ جو سپوت
بڻجي سنڌ جي وارثي ڪندو ۽ فڪري واٽ تي هلندي ٻيجل جيان جهر جهنگ ۾ گيت آلاپيندو ۽ ڪنهن
ٿي ڄاتو ته هي پنهنجي وطن خاطر جيل به ڀوڳيندو. اهو سچ آهي ته سنڌ سپوتن جي ماءُ آهي
سنڌ ۾ هميشه اهڙا به سپوت پيدا ٿيا آهن جن آخري گهڙي تائين آخري پساهن تائين پنهنجي
وطن ۾ ويساھ رکيو ۽ آخري پساهن تائين ڀٽائي جي فڪر کي پنهنجو رهنما بڻايو. ساگر حنيف
به هميشه ڀٽائيءَ جي فڪر کي اهميت ڏني، ان جي پرچار ڪئي. ڇو ته هن سمجهي ورتو هو ته
ڀٽائيءَ جي فڪر کان سواءِ سنڌ ۾ خوشحالي نه ٿي اچي سگهي. هن سمجهي ورتو هو ته هن بدبودار
سماج ۾ جيڪي برايون نظر اچي رهيون آهن، اهي سامراجي قوتن جون پيدا ڪيل آهن، انهن
جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ ڀٽائيءَ جي فڪر کانسواءِ ٻي ڪا به واٽ ناهي، انهيءَ ڪري هن انهيءَ
واٽ کي پنهنجو منشور ۽ مقصد بڻايو، هميشه انهيءَ فڪر جي پرچار ڪندو رهيو. آخري گهڙين
تائين ديس جي دردوندن جي در در تي وڃي اهو درس ڏيندو رهيو ته ڀٽائيءَ جي ٻولي کان سواءِ
وطن جي لولي وطن جي ٻولي نه ٿي بچي سگهي، اچو ته ڀٽائي کي پنهنجو رهبر بڻايون. هي
ڀٽائيءَ جو پرچارڪ اوچتو وڇڙي ويو، ڪيڏو نه هي دردناڪ لمحو آهي جو سيد ۽ ڀٽائيءَ جو
پرچارڪ ساگر حنيف بڙدي به وڇڙيو ويو!
ساگر حنيف بڙدي
ساگر تنهنجي سار نه ويندي
علي زاهد
قاسم آباد جي عبدالله سينٽر جو
فلٽ ايف ۱۶ جتي کوڙ
سارين يادن جو ڪارڻ آهي اتي هڪ اهڙي خوبصورت ماڻهونءَ سان ملاقاتن جون يادون پڻ ان
فليٽ سان سلهاڙيل آهن جنهن جو جڏهن به تصور ڪندو آهيان ته هڪ مرڪ اکين آڏو تري ايندي
آهي، جنهن مرڪ ۾ ساگر جيڏي گهرائي هوندي آهي، ها اها مرڪ آهي ساگر حنيف بڙديءَ جي
جيڪو جيترو به وقت اسان سان گڏ رهيو ڄڻ ته اسان هن جي روح ۾ ۽ هو اسان جي روح ۾
رهندو هيو. اسان جي فليٽ جي ڀر واري اپارٽمنٽ ۾ جسقم جو ميڊيا سينٽر هوندو هيو ۽ ساگر
اتي ميڊيا سيل جو انچارج هيو. هو جڏهن پاڻ کي اداس ڀائيندو هيو، اسان وٽ هليو ايندو
هيو، پوءِ علي آڪاش، سڀاش، مان، معصوم، امداد سيلرو، ۽ ٻيا دوست ساڻس ويهي روح
رهاڻيون ڪندا هئاسين. هو جڏهن به اسان وٽ ايندو هيو ته هڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان
نه پر ذاتي دوست جي حيثيت ۾ ايندو هيو، پر اتي زندگيءَ جي ٻين مامرن سان گڏ ادب، شعرو
شاعري ۽ ڪتابن جي ڳالهين تان ٿيندا، ڦري گري قومي مسئلن تي ضرور اچي دنگ ڪندا هئاسين
۽ پوءِ بحث شروع ٿي ويندا هئا. ڪيترا ئي ڀيرا ساگر ۽ منهنجون اڪيليون ڪچهريون به ان
ئي فليٽ تي ٿيون. پوءِ جڏهن اسان جي ڪچهري ٿيندي هئي ته ان ۾ اڪثر ڪري شاعري ۽
آرٽيڪلس تي ڳالهيون ٿينديون هيون، ڇو ته منهنجو تعلق صحافت جي شعبي ۾ اڪثر ايڊيٽوريل
پيج سان رهيو آهي ۽ جتي به مان هوندو هئس، ساگر مون وٽ آرٽيڪلس ضرور لکندو هو.
قومي حوالي سان جڏهن به ساگر سان
ڪچهريون ٿيون، هو اڪثر چوندو هو ته “ڀاءُ سر ڏيڻ سواءِ ٻي ڪا به واھ ناهي. ” مان
اڪثر سندس چهري ۾ تڪيندي سندس چپن تي ڳالھ ڳالھ تي ڦهلجندڙ مرڪ کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو
هئس ۽ سندس ڳالهيون ٻڌندو رهندو هئس. هو جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته ڄڻ سموري
قومي تحريڪ کي ويڙهي سيڙهي اڳيان اچي رکندو هيو. اسان جو ڳالهين جو ڳهير يار، کلڻو
ملڻو ماڻهو، جنهن جي چپن کان مرڪ ڪڏهن به پري ئي نه ٿيندي هئي، صابرين ۽ کاهوڙي، جاکوڙي،
سچو قومي ڪارڪن، سيد جي فڪر سان ٽٻٽار، لطيف جي بيتن سان سرشار، يارن جو يار ساگر
حنيف بڙدي اڄ اسان کان موڪلائڻ بنا سنڌ امڙ جي گود ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿي ويو. الئه
ڇو صفا دل مڃي ئي نه ٿي، ته ساگر جي دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو آهي، الئه ڇو صفا دل مڃي ئي
نه ٿي ته سنڌ، سنڌ ۽ سنڌ جو هميشه ورد ڪندڙ اها زبان هاڻ ڪڏهن به نه ڳالهائيندي، هاڻ
رڳو رهجي ويون آهن ساگر جون اهي جذبن سان ڀرپور تقريرون، اهي يادون جن ۾ ساگر جون
محبتون آهن، ۽ ساگر جا سنڌ سان اهي وچن آهن جيڪي هو مرڻ گهڙيءَ تائن پنهنجي هينئين
سان هنڊائيندو رهيو. آزاديءُ جو خوبصورت خواب ڏسندڙ ساگر قومي تحريڪ جي ڪنهن به
مرحلي ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهيو، هو شهيد بشيرخان قريشيءَ جي قومي سُنگ جو اهو سپاهي
هيو جنهن وٽ هر محاذ تي ويڙھ جو هنر هيو، جنهن جي هردي ۾ سيد جي فڪر جي آبياريءَ وسيلي
اهي ڳاڙها گلاب ڦٽل هئا جن جي خوشبوءِ سندس ڳالهين مان ايندي محسوس ٿيندي هئي.
۲۰۰۴ ۾ جڏهن بشير خان، سنڌ جي آجپي لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڪارڪنن پاران مرڻ گهڙيءَ
تائين بک هڙتال جو اعلان ڪيو هو ته ان دوران تعمير سنڌ اخبار جي دفتر ۾ اخبار جي ايڊيٽر
جعفر ميمڻ ۽ مون صلاح ڪئي ته بشري خان جو ان سلسلي ۾ ڀرپور انٽرويو ڪجي، جعفر صاحب
جڏهن وڏي کان ٽائيم وٺڻ لاءِ ڪال ڪئي ته وڏي چيو آنءُ پاڻ ٿوري دير ۾ اوهان وٽ
اچان ٿو. جڏهن وڏو اخبار جي دفتر آيو ته ساڻس گڏ آيل دوستن ۾ ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي ۽
ساگر حنيف بڙدي پڻ هيو. انٽرويو دوران مون وڏي کان بوبي سينڊس، مهاتما گانڌي ۽ ڀڳت
سنگ جو حوالو ڏئي ان بک هڙتال جي نوعيت بابت سوال ڪيو ته ساگر منهنجي سامهون ويٺو
مرڪي رهيو هو ۽ منهنجي چهري ۾ تڪي رهيو هو. انٽرويو کان پوءِ ساگر مون کي چيو، “مٺا
مان رات تو وٽ ايندس، جي رات نه اچي سگهيس ته پوءِ بک هڙتال تي وڃڻ کان اڳ توسان
ملي پوءِ ويندس. ” مون مرڪندي کيس وراڻيو هو ته “ڀائو بک هڙتال تي اوهان ويهندئو
ڇا؟” هن منهنجي ڳل تي ٿڦڪي ڏني ۽ مرڪندي چيائين ته “سڀ احوال روبرو ڏيندس”.
ٻئي ڏينهن منجهند جو ساگر مون وٽ
فليٽ تي آيو هو، هو جلدي ۾ هيو، چيائين “چانهن پيئڻ جو به وقت ناهي بس ٻه منٽ ويهون
ٿا پوءِ مون کي وڃڻو آهي. ” اهي ٻه منٽ تقريبن ٻن ڪلاڪن تائين هليا ويا، ساگر مسلسل
بک هڙتال تي ڳالهائيندو رهيو، ڪير ڪير ويهندا، ڪنهن ڪنهن ۾ توڙ تائين يعني مرڻ گهڙيءَ
تائين ويهڻ جي سگھ آهي، ان جا اثر ڪهڙا پوندا، ڪهڙا مسئلا ۽ رڪاوٽون پيش اچي سگهن
ٿيون، جي اٿاريو ويو ته ڇا ٿيندو، جي شهيد ٿي وياسين ته ڪهڙو نتيجو نڪرندو، بوبي
سينڊس جي بک هڙتال ۽ ان جي مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيو هو، ڀڳت سنگ جي بک هڙتال ۽ مهاتما گانڌيءَ
جي بک هڙتال جي نوعيت ڪهڙي هئي ۽ انهن جا هاڪاري نتيجا ڪهڙا نڪرندا هئا؟ انهن سمورين
ڳالهين تي اسان جي وچ ۾ ڀرپور بحث ٿيو هو. پوءِ جڏهن ساگر جي وڃڻ جو وقت آيو هو ته
هن مون کي ڀرپور ڀاڪر ڀريو هو، سندس اهو ڀاڪر مون کي اڄ تائين ياد آهي، پوءِ جڏهن
اسان پري ٿيا هئاسين ته سندس اکيون آليون هيون پر سندس چپن تي اها ئي پراسرار مرڪ هئي.
چوڻ لڳو “علي دعا ڪجان، ثابت قدم رهون، علي دعا ڪجان ته اسان کي اٿارن نه، اسان شهادت
جو جام پيئڻ ٿا وڃون علي دعا ڪجان نصيب ٿئي. ” ان ويل منهنجون اکيون به آليون ٿي
ويون هيون، ان ويل مون کي بوبي سينڊس جي پنهنجي مقصد سان اها سچائي ياد اچي وئي هئي
ان ويل مون کي ڀڳت سنگ جي ڦاهي ياد اچي وئي هئي ان ويل مون ساگر کي اياز جي اوپيرا
“دودي سومري جو موت” جو هي شعر ٻڌايو هو:
دودا تنهنجو ساھ ته ويندو،
ماڻهوءَ جو ويساھ نه ويندو.
مون ساگر کي چيو هو ته “مٺا اوهان
بک هڙتال واري محاذ تي وڃي وڙهو اوهان جي سوڀ لاءِ دعا ڪيان ٿو باقي اخبار واري
محاذ تي مان اوهان سان گڏ آهيان. ”
پوءِ جيترا ڏينهن بک هڙتال هلي هئي
اهي سمورا ڏينهن اخبار ۾ روز منهنجو آرٽيڪل بک هڙتالي ڪيمپ ۾ ويٺل سنڌ جي انهن سپوتن
لاءِ هوندو هيو ان سان گڏ تقريبن سڄو پيج انهن يارن سان سلهاڙيل آرٽيڪلس، ڪالمس ۽ نظمن
سان ڀريل هوندو هيو. ساگر وارن کي جڏهن بک هڙتال تان اٿاريو ويو هو ته ان کان پوءِ
هو ڄڻ ته غائب ٿي ويو هو، پوءِ اوچتو تقريبن ٻن مهينن کان پوءِ هو اسان وٽ آيو هيو،
ان ملاقات ۾ ساگر سان جيڪا ڪچهري ٿي ان جو موضوع بک هڙتال ۽ اتان اٿارڻ جا سبب هيو،
ان بحث ۾ جيڪي ڳالهيون سامهون آيون اهي هتي لکڻ جهڙيون ناهن بس رڳو اهو لکان ٿو ته
ساگر کي شهادت جو پيالو نه پيئڻ جو جيڪو ڏک ۽ افسوس هيو اهو سندس ڳالهين، سندس لفظن
۽ سندس اکين مان ظاهر هيو.
ساگر جهڙو سچو دوست، سچيت ماڻهو، سنڌ جو، سيد جو ۽ بشير خان جو بهترين ۽ اڻموٽ سپاهي، آزاديءَ جا خواب اکين ۾ سانڍي اڄ اسان کان ڏور هليو ويو آهي، پر سندس ڪم ۽ ڪردار هميشه اسان جي من ۾ پنهنجي مرڪ سوڌو جيئرو رهندو. سنڌ لاءِ ڪيل سندس جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي، جڏهن به قومي تحريڪ جو ذڪر ٿيندو ساگر جو نانءُ وڏي احترام ۽ عقيدت سان ياد ڪيو ويندو. سندس ڪُمهلو وڇوڙو سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ تمام وڏو نقصان آهي جنهن جو پوراءُ ٿيڻ ممڪن ئي ناهي.
ساگر حنيف بڙدي
(سياسي اڳواڻ، مقرر، اديب، ڪالم نگار - مھراڻ جا موتي (قسط نمبر ـ ۲۹۳) - (جنم ڏينهن جي نسبت
سان ڀيٽا)
ساجد رند
ساگر حنيف بڙدي، پهرين مئي ۱۹۶۹ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.
پاڻ پرائمري تعليم پڊعيدن، انٽر
سائنس سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان، بي اي ۽ ايم اي (سنڌي ادب ۾) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري
مان ڪيائون.
تعليم پوري ڪري سائين جي. ايم.
سيد جي نظريي سان وابسته ٿي ويو ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلھاڙجي ويو، فڪر سيد
سان محبت، عشق سبب ڪافي دفعا جيل ياترا به ڪيائين.
سياسي حوالي سان ساگر حنيف ۱۹۸۶ع ۾ حافظ محمد سومري کان متاثر ٿي سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو.
۱۹۹۰ع ۾ سنڌ
ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.
۱۹۹۵ع ۾
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، کيس سنڌ يونيورسٽي يونٽ جو آرگنائيزر مقرر ڪيو
ويو. بعد ۾ جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو.
۲۰۰۲ع
دوران مرڪزي اليڪشن ۾ جسقم جو مرڪزي پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو، پاڻ پھريون ڀيرو
جسقم جو قائم مقام مرڪزي جنرل سيڪريٽري به رهيو، جڏهن تہ زندگيءَ جي آخري عرصي ۾
جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان طور خدمتون سرانجام ڏيئي رھيو ھو.
۲۰۰۵ع ۾
جسقم پاران ڪالاباغ ڊيم خلاف ڪيل ”مرڻ گهڙي تائين“ واري بک هڙتال ۾ڪئمپ اڳواڻ طور
مسلسل ۳۱ ڏينهن
فاقاڪشيءَ جي حالت ۾ رهيو. .
سنڌ جي ھن سياسي اڳواڻ، ڪالم
نويس جا ڪافي ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ ادب، سماجيات، سياست جي موضوع تي ڇپجندا رھيا.
ساگر حنيف بڙدي جون ڪيل علمي،
ادبي خدمتون ھيٺين ڪتاب جي صورت ۾ موجود آھن.
۱.پيار
۽ آزادي (ڪالم)
۲. وري ڪو
ساگر حنيف ڄڻجان (مرتب: شاذ خادم)
(تاثراتي بوڪ)
ساگر حنيف بڙدي
املهه انسان - سلسلو ۴۳ هون
حفيظ چانڊيو
سنڌڙي رهي، اسان نه رهيا سون ته
ڇا ٿي پيو!! ڪي ڪي ماڻهو مرندي به قومن لئي راهون هموار ڪري ويندا آهن، اهڙا ماڻهو
ڪڏهن به ناهن مرندا، جيڪي آدرشن آڏو سيس نوائي زندگيءَ کي ڪو ڪارج ڏئي ويندا آهن،
واقعي به ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي ڪردار ۾ هڪ تاريخ رقم ڪندا آهن،موت به اهڙو
هجي، ملڪن مان ٺڪاوَ نڪري وڃن، اهڙا ماڻهو جيڪي جوانيءَ جي ڏاڪي تي پير پائيندي ئي
ڌڻيءَ کي پيارا ٿي ويندا آهن، سي درحقيقت ڌرتيءَ ڌڻين جي اهنجن ۽ ايذائن کي
پنهنجائي، سندن ڀرجهلو بڻجي پوندا آهن، اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي ديس جو درد سيني ۾
سمائي، پنهنجي سهڻي سڀاءَ سان ڏاڍن آڏو سينا تاڻي همت ۽ حوصلي جي علامت بڻجي،
بهادريءَ جي تاريخ جوڙيندا آهن، منجهن وطن جي محبت وارو جذبو سندن سهڻي سڀاءَ سان ملي
نوجوان طبقي کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ديس ۾ رهندڙ پٺ تي پيل ماڻهن لئي جاڳرتا واري
ماحول کي سازگار ڪرڻ ۾ راتوڏينهان ڪوشان رهي، ڌرتيءَ جا دنگ سنڀاليندا آهن، اهڙن
مانجهي مڙسن مان جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي به هو، جنهن پنهنجي پوري
زندگي ڪڏهن به اصولن جي سوديبازي نه ڪئي هئي، هو سن واري سائينءَ جي پوئواري ڪندو
رهيو، ڪن ماڻهن تي الائي ڇو چاهيندي به ڪجهه لکي ناهي سگهبو، ڇاڪاڻ ته ڪي ڪي
شخصيتون لفظن جي محتاجيءَ کان الاهي مٿانهيون هونديون آهن، ها آءُ يقين سان اها دعويٰ
ڪريان پيو ته اڄُ سنڌ پنهنجي ان حلالي پٽ جي ڪمهلي وڇوڙي تي غمزده ٿي هوندي،
پنهنجي محسنن جي وڇوڙن تي ڪهڙو انسان ويڳاڻو ۽ اڪيلو نه ٿيندو آهي، ها ساگر حنيف بڙدي
جي ڪمهلي وڇوڙي تي سنڌ جي قومي تحريڪ اڪيلي ٿي پئي آهي، ساگر سنڌ هو، سنڌ ساگر
هئي، سنڌ ۽ ساگر هڪ وجود جا ٻه نالا ۽ حوالا آهن، جيڪي هميشه قائم رهڻا آهن، جيڪي
ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد قوم جي خوشحاليءَ لاءِ ارپڻ ڪندا آهن، سي هميشه حيات
رهڻا آهن، صدين پڄاڻان جڏهن سنڌ جي قومي تحريڪ جو ذڪر نڪرندو ته ساگر حنيف بڙديءَ
جو ذڪر به ضرور نڪرندو، ڇو جو ان جي ذڪر بغير سنڌ جي قومي تحريڪ جي تاريخ اڻپوري ۽
اڌوري آهي.
ساگر حنيف بڙدي، قومي تحريڪ جو
نهايت باصلاحيت اڳواڻ هو، جنهن هڪ منظم انداز سان سامراج سان مهاڏو اٽڪايو، سندس
هلايل هڙني حربن کي ناڪام ڪندڙ ساگر حنيف ڪير سڏائيندو..!!
هو شعوري توڙي فڪري طور سيد جو
سچو پيروڪار رهيو، هُن هميشه پنهنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي هلندي ڌرتيءَ جي
خوشحاليءَ جا خواب پاليا هيا، هن ته منتشر ٿي ويل قوم کي گڏائڻ ٿي گهريو، کيس
هميشه اهو الڪو رهندو هو ته سنڌ جي غلام ماڻهن کي آجپي جي راهه تي ڪيئن گامزن ڪجي،
هو شهيد بشير خان قريشيءَ جو هڪ بهادر ساٿي هو، ساڻس ڪيل پنڌن تي نظر ڌربي ته ڪمهلو
وڇڙي ويل شاهه عبداللطيف جو شارح ۽ سن واري سائين جي ايم سيد جي سچيت پيروڪار ساگر
حنيف بڙدي ڪٿي به سستيءَ ۽ ڪاهليءَ مان ڪم نه ورتو، وٽس دودي جهڙي دل هئي، ۽ دودا ڪڏهن
به دفن ناهن ٿيندا
قومپرست اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي
پهرين مئي ۱۹۶۹ع تي پڊعيدن ضلعي نوشهري فيروز
۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم پڊعيدن، انٽرسائنس سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه مان، بي. اي
۽ ايم اي سنڌي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪئي، شاگردي واري دور کان وٺي، ساگر وٽ
ڳالهائڻ جو ڪمال جو ڏانءُ هيو، سنڌ جي موجن ڀري مهراڻ جهڙو جوشيلو نوجوان ساگر
حنيف بڙدي ۱۹۸۶ع ۾ حافظ محمد سومري کان متاثر ٿي،
سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ باضابطه شامل ٿيو. ۱۹۹۰ع ۾ سندس غير معموليي ذهانت جي ڪري تنظيمي سرگرمين کي ڏسي، مرڪزي قيادت کيس
سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊرايو. ۱۹۹۵ع ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، کيس سنڌ يونيورسٽي يونٽ جو
آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو هو. بعد ۾ هن جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ
رهيو.
تعليم پوري ڪري سنڌ جي هم جوشيلي نوجوان جيئي سنڌ
قومي محاذ سان سلهاڙجي ويو. ساگر حنيف بڙدي، سائين جي. ايم. سيد جي شهڪارنظريي سان
وابسته رهيو،هن جو شمار سنڌ جي بهترين مقرررن، شاندار ڪمپيئرن ۽ ڪالم نگارن طور ٿيندو
رهيو. ۲۰۰۲ع دوران مرڪزي اليڪشن ۾ جسقم جو
مرڪزي پريس سيڪريٽري چونڊيو ويو. هيءُ هڪ ڀيرو جسقم جو قائم مقام مرڪزي جنرل سيڪريٽري
به رهي چڪو آهي. ۲۰۰۵ع ۾ جسقم پاران ڪالاباغ ڊيم
خلاف ڪيل ’مرڻ گهڙي تائين واري بک هڙتال ۾ڪئمپ اڳواڻ طور مسلسل ۳۱
ڏينهن فاقاڪشيءَ جي حالت ۾ رهي پنهنجي وطن جي وسيلن جي
مالڪي ڪئي هئائين. ساگر حنيف بڙدي جيئي سنڌ هلچل سان واڳيل هئڻ سبب جوانيءَ جا ڪيترا
ڏهاڙا جيل ۾ گهاريا آهن. هو ان وقت به جسقم جو مرڪزي اڳواڻ هو، جڏهن دل ساڻس بي
وفائي ٿي ڪئي.
ادب، سماجيات، سياست جي موضوع
تي سندس ڪالم سنڌ جي اڪثر اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. جڏهن ڌرتين جي جهونجهارن جا جنازا
کڄندا آهن ته ڌرتيءَ جي دانهن آسمان کي ڏڪايو وجهندي آهي، هر گهر ۾ سندس ڏُک
ملهايو ويندو آهي، هي مضمون لکڻ وقت سندس مرڪندڙ چهرو منهنجي سامهون اچي وڃي ٿو ۽
منهنجي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن جي رفتار ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو. قومي تحريڪ جيتوڻيڪ ڪيترائي
هاڃا برداشت ڪيا آهن، پر ساگر حنيف بڙديءَ جي ڪمهلي وڇوڙي سبب الائي ڇو لاتعداد
انومانن جنم ورتو آهي، هو وڏي شهيد بشير خان جو پڳ مٽ يار هو، سندس شهادت به دل جي
بيهڻ سبب ٿي هئي، ۽ ساگر جي به دل بيهڻ سبب شهادت واقع ٿي آهي، ان مان سندن سڪ
واري سڳي ۽ سندن ڪيل ان لازوال ڪمٽمينٽ ۾ هڪجهڙائي جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
سندن مقصد آزاد سنڌ هيا، هنن چاهيو ٿي ڌرتيءَ تان ڌارين جي ڪٽڪن کي تڙي، انهن جي
ديس اماڻجي، هنن چاهيو هو ته سنڌ جي وسيلن جي مالڪي سنڌ جا باشعور ماڻهو ڪن، هنن
چاهيو ٿي ته هو دنگن جي حفاظت ڪندي ڌرتيءَ تان پنهنجي جانين جا نظرانا پيش ڪن، هنن
چاهيو ٿي ته انفرادي مفادن کي قومي مفادن تان گهور ڪري، اهڙي امن ۽ اهنسا واري سنڌ
جو قيام ڪجي جنهن منجهه بارود جي بوءِ بدران گلاب جي گلن جي مهڪار ماڻهن کي موهي
وجهي، ساگر حنيف بڙدي جيتوڻيڪ اسان منجهه ناهي رهيو، پر سندس ڪيل جدوجهد اسان کي
اتساهيندي رهندي، سندس ڪيل قومي پورهيو هميشه ياد رکيو ويندو، هونئن به جيڪي انسان
بامقصد زندگي گهاريندا آهن، تن جي لاءِ موت بي معنيٰ بڻجي ويندو آهي، ها ساگر حنيف
بڙديءَ جهڙن مانجهي مڙسن لئي واقعي به موت ڪا معنيٰ نه ٿي رکي سگهيو.
زندگي پنهنجي جوهر ۾ جيتوڻيڪ وڻندڙ
هجي ٿي، پر جڏهن ڳالهه ڌرتيءَ جي وارثيءَ جي نڪري ته زندگي کي اهڙي اعليٰ مقصد تان
قربان ڪندي ويرم ئي نه ٿي لڳي، ها ساگر حنيف بڙدي جهڙا اڪثر قومي اڳواڻ پنهنجي وطن
جي آجپي جي جنگ جوٽيندي آمرن سان اکين ۾ اکيون ملائي، باوقار جيون گهاريندي ان
آجپي واري واٽ ۾ سر جو سودو ڪندا آهن، ساگر حنيف بڙديءَ پنهنجي پوري زندگيءَ ۾
قومي قافلي ۾ ڪڏهن نه ٿڪو، ۽ نه ئي ڪو مايوس ٿيو پر ڌرتيءَ جي آجپي ۾ رڪاوٽن کي مڙسيءَ
سان منهن ڏيندو رهيو. هو پنهنجي وجود ۾ هڪ اهڙي ترتيبوار جنگ جو اعلان ڪري چڪو
هيو، جيڪا ايندڙ وقت ۾ ڪي نتيجا ڏي ها، هو قومي تحريڪ جو هڪ روشن باب آهي، جنهن مٿان
ڪا به اونداهي ناهي اچڻي. ساگر حنيف بڙدي ڌرتيءَ جو هڪ دلير ڪردار هيو، جنهن جي
اجري ڪردار تي لکڻ لئي ڪيترائي پنا لکي سگهجن ٿا، سندس زندگيءَ جو هر پهلو کير
جيئن اڇو ۽ اُجرو هو، اسٽيجن تي سندس فڪرانگيز گفتگو ۽ شينهن جيئن گجندڙ آواز ڪيترن
ئي سنڌ دشمنن جا هنيان ڦاڙيندو رهيو، سندس شخصيت ڪيترن نوجوانن لئي گهاٽي ڇانوري جهڙي
هئي.
اڪـثر ماڻهـو پاڻ جـيئڻ لئي،
قـوم کـي مـاري ويـندا آهـن،
ڪي ڪي ماڻهومرندي مرندي،
قـوم جيئـاري وينـدا آهــن.
No comments:
راءِ ڏيندا