; سنڌي شخصيتون: نياز ڪالاڻي

12 May, 2023

نياز ڪالاڻي

نياز ڪالاڻي

سينيئر قومپرست اڳواڻ ۽ جسقم جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سان ڳالھ ٻولھ.

انٽريو وٺندڙ: سارنگ منير سومرو



جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين، قومي اڳواڻ ۽ جاکوڙي ڪردار ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ عوامي آواز سنڊي ميگزين کي خصوصي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته مان پهرين اپريل ۱۹۶۴ تي شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيس جنهن کانپوءِ مون شروعاتي تعليم به اتان ئي پرائي، قومي سياست جي شروعات ڪتابن مان ڪئي جيڪي منهنجو وڏو ڀاءُ پير بخش ڀٽي وٺي ايندو هو جيڪي مان شوق سان پڙهندو هوس، مون باقاعده سياسي سماجي زندگيءَ جي شروعات ۱۹۷۸ ۾ ٻارڙن جي تنظيم “چڻنگ” سان ڪئي جنهن کانپوءَ مون جيئي سنڌ قومي محاذ شهداڪوٽ کان قومي سياست جي شروعات ڪئي جنهن ۾ مان سڀ کان پهريان شهداڪوٽ جو آرگائيزر ٿيو هوس، هن چيو ته مان قومي سياست جي شروعا ت ئي جيئي سنڌ قومي محاذ کان ڪئي جيڪو اڃان تائين لاڳاپيل آهيان ڪتاب پڙهڻ کانپوءَ خبر پئي ته سنڌ جو عوام ڪيترو اڪيلو آهي ۽ سنڌ سان ڪيتريون زيادتون ٿي رهيون آهن گذريل قومي سياست جي دورن ۾ قومي ڪارڪن ڪتاب پڙهي شعور وٺي پوءِ قومي تنظيمن ۾ شامل ٿيندا هئا پر هاڻي ائين نه آهي ڪارڪن قومي فرض نڀائي سگهي ٿو جيڪو ڪتاب پڙهي ۽ هيٺان کان مٿي اچي ٿو.


هن چيو ته سياست ۾ هزارين تڪليفون آيون پر ڪڏهن به ان کي ڇڏڻ جو ناهي سوچيو، ڇو جو سياست تڪليفن سان ئي مقصد ماڻيندي آهي، شروعات ۾ گهر وارن سياست ڪرڻ کان منع ڪئي پر جڏهن بابا ۽ امان محسوس ڪيو ته مان سياست کانسواءِ رهي نٿو سگهان ته هنن سياست ڇڏڻ جو چوڻ ئي ڇڏي ڏنو، منهنجي سياست ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليفون منهنجي ابا ۽ امان ڏٺيون پر پوءِ به هنن همت ڪڏهن نه هاري.

قومي سياست ۾ قيد ڪٽڻ واري سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته ۱۹۸۸ ۾ حيدرآباد جي ميئر آفتاب شيخ تي حملو ڪيو هئوسين جنهن سزا ۾ مونکي قيد جا ڏينهن ڏسڻا پيا. مان شهيد بشير خان قريشيءَ سان به پنج سال حيدر آباد ۾ جيل ڪاٽيو، جڏهن مونکي حيدر آباد جي مئير آفتاب شيخ تي حملي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ته انهيءَ وقت مون مٿان پوليس وحشاڻو تشدد ڪيو هو جو مونکي جيل وارا به نه پيا سڃاڻن. هن چيو ته شهيد بشير خان قريشيءَ جي قومي ساٿ کان وٺي سندس شهادت تائين منهنجي سياست جو پسنديده دور رهيو زندگيءَ ۾ جيترو بشير خان کان سکيو ايترو ڪنهن کان به سکي ناهيان سگهيو، هن وقت قومي سياست ۾ بشير خان جي نه هجڻ ڪري ذهني اذيت محسوس ڪندو آهيان، شهيد بشير خان جو خال ڀرڻ وارو ڪو پيدا ئي نه ٿيو آهي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ وڌيڪ چيو ته زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمي شهيد بشير خان جي محسوس ڪندو آهيا ن ڇو جو هو منهنجي قومي سياست سان گڏوگڏ زندگيءَ جو بهترين ساٿي هو، بشير خان ۽ صنعان خان جي سياست ۾ ايترو فرق آهي جو شهيد بشير خان سياست ۾ پچي ڪري اتي پهتو هو ۽ صنعان خان کي اڃان سکڻو آهي.

قوم پرست جماعتن کي اليڪشن جو حصو ٿيڻ گهرجي يا نه واري سوال تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته قومي جماعتن کي اليڪشن ۾ اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جيڪو اسان جي سنڌ ۽ سماج کي به فائدو ڏئي سگهي قومي تحريڪن کي اليڪشن ۾ پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي شعور جو وڏو حصو ووٽ جو صحيح حق استعمال ڪري ته سنڌ جا گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته اليڪشن جو رزلٽ عوامي نه پر وڏي سرڪار جي مرضيءَ جو هوندو آهي ۲۰۱۸ واريون چونڊون به انهيءَ عمل جو حصو آهن.

پيپلز پارٽيءَ جي گذريل ڏھ سال حڪومتي دور تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته پيپلز پارٽيءَ مان سنڌ جي ڀلائي جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي انهيءَ لاءِ پيپلز پارٽي مان اهڙي اميد نه رکي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي تبديليءَ وارو نعرو صرف ۽ صرف ڍونگ آهي جيڪو ڍونگ عوام سمجهي چڪو آهي ۽ ڪجھ عوام عمران خان جي ۱۰۰ ڏينهن جي ڪارڪردگيءَ مان سمجهي ويندو ته هُن ڳالهيون ته ملڪ ۾ کير جو نديون وهائڻ جهڙيون ڪيون هيون پر تبديليءَ جو حال اهو آهي جو سنڌ کي پاڻي پورو نٿو ملي.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ وفاق پاران پاڻي معاملي تي سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين واري سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ سان پاڻيءَ معاملي اڌ صديءَ کان زيادتي ٿيندي پئي اچي ٿي وفاق مان سنڌ جي بهتريءَ جي ڪابه اميد رکڻ ٻٻر کان ٻير گهرڻ برابر آهي انهيءَ وفاق هميشا سنڌ سان نوڪرين کان ناڻي تائين پاڻيءَ کان وٺي زمينن گئس بجليءَ تائين زيادتي پئي ڪئي آهي جيڪا هن جي وڏي ناجائزي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي صرف پنهنجي اقتدار ۽ پنج سال پورا ڪرڻ جو فڪر هوندو آهي هنن کي سنڌ ڏانهن ڪڏهن نهاري به نه ڏٺو آهي. ٿر جي حالت ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين هلندڙ بدامنيءَ جي باھ مان سمجهي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان ڪيتري سچي آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏيندو، ڇو جو ڪالاباغ ڊيم تڪراري رٿا آهي جيڪا صرف ۽ صرف سنڌ سڪائڻ جي سازش آهي، جنهن کي سنڌ جو عوام ڪڏهن به برداشت نه ڪندو، ڪالاباغ ڊيم کي ملڪ جون ٽي اسمبليون رد ڪري چڪيون آهن پر پوءِ به ڪالاباغ ڊيم جو نالو ورتو وڃي ٿو، خبر نه آهي انهيءَ مان ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.

هن چيو ته وقت به وقت ڪڏهن قومي سياست ۾ ماٺار ڇانئجي وڃي ٿي جيڪا ماٺار نه ٿيڻ گهرجي، قومي سياست ۾ ماٺار سنڌ سان وڏو قومي سانحو آهي، جيڪڏهن نوجوان اڳتي اچن ۽ همت ڪن ته وري به قومي سياست واري ماٺار کي مات ڏئي سگهجي ٿو. هن چيو ته سياست ۾ ڪڏهن به ٿڪو ناهيان ها اڃان به قومي سياست ۾ منزلو طئه ڪرڻيون آهن، سنڌ مان بک ۽ بدحالي جو خاتمو تڏهن ايندو جڏهن اسان جا نوجوان ووٽ جو صحيح حق استعمال ڪندا.

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهنجي پسند ۽ نا پسند جو ٻڌائيندي چيو ته موسيقي ڏاڍي وڻندي آهي جيڪي به سنڌي فنڪار آهن سڀ پسند آهن شاعريءَ ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي پسند آهي جنهن کي روز پڙهڻ ضروري سمجهندو آهيان وڻندڙ موسم گرمي آهي وڻندڙ دوست اهي آهن جيڪو همشيا مرڪندا رهن عشق ڪرڻ واري سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر چيو ته عشق ۾ سڃي عمر گذري آهي عشق سوا پاڻ اڻ پورو آهيان ڳوٺاڻي آب هوا کي پسند ڪندو آهيان ڳوٺاڻي آب هوا زندگيءَ ۾ سوين رنگ پري ٿي، ساري سنڌ پرين جي پاڇي جيان لڳندي آهي صرف جيئڻ لاءِ پرين جو پاڇو کپي.

No comments:

راءِ ڏيندا