; سنڌي شخصيتون: ريحانه نظير

12 May, 2023

ريحانه نظير

ڊاڪٽر ريحانه نظير

سنڌ جي سندر ليکڪا

صدام جوکيو



ادب ۽ ٻوليءَ جي ميدان ۾ هڪ ليکڪ جي صورت ۾ پاڻ مڃائڻ نهايت ئي محنت طلب ڪم آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ سٺي ليکڪ لاءِ ضروري آهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ هو لکي ٿو ان ۾ ان جو گهڻ پاسائون ۽ ججهو مطالعو هجڻ گهرجي، هڪ تخليقڪار کي وري مٿين ڳالهين سان گڏ مشاهدي جي به تمام گهڻي ضرورت پوندي آهي.

هڪ سٺي تخليقڪار لاءِ مٿي بيان ڪيل نڪتن کان علاوه انسانيت لاءِ محبت، ٻين جي درد ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ جي سگھ، شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي حالات زندگيءَ جي ويجهو کان واقفيت ۽ اکين ڏٺو مشاهدو هئڻ به ضروري هوندو آهي.


ڊاڪٽر ريحانه نظير هڪ اهڙي ڏاهي ليکڪا آهي، جنهن وٽ ججهي مطالعي سان گڏ ٻهراڙيءَ توڙي شهر جي زندگيءَ جو وڏو مشاهدو به آهي. هوءَ سماجي وارتائن جي چٽي عڪاسي ڪندڙ بهترين ڪهاڻيڪار به آهي ته سنڌي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ بهترين محقق به آهي، ان کان علاوه مضمون نگار، تجزيه نگار، ڪالم نويس، ماهرِ تعليم ۽ مختلف ڪتابن تي اثرائتا تبصرا لکڻ جو ڀرپور ڏانءُ پڻ رکي ٿي.

ڊاڪٽر ريحانه نظير جي پهرين ڪهاڻي بنا عنوان هئي جيڪا ”سرتيون”مئگزين ۾ شايع ٿي ۽ پوءِ مسلسل لکندي رهي، هوءَ پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”اندر جي عدالت”جي عنوان سان سنڌ جي رچيل شعور کي ارپي چڪي آهي ۽ اُن کان علاوه مختلف رسالن ۽ ميگزينن ۾ سندس ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهن ٿيون. مون اڄ کان سال کن پهريان سندس اهو ڪهاڻين جو مجموعو مڪمل پڙهيو هو، سندس ڪهاڻين ۾ ڪردار ۽ ڊائلاگس ۾ هم آهنگي ايتري آهي جو تر جيترو تفاوت به معلوم نٿو ٿئي. ڪردارن سان بلڪل ٺهڪي بيهندڙ ڊائلاگس انسان جي فطري زندگيءَ جو صاف ۽ شفاف عڪس پيش ڪن ٿا.

سندس ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل مرڪزي فڪر ايترو ته چٽو آهي جو پڙهندڙ آسانيءَ سان سندس خيال ۽ فن کي رسي سگهي ٿو. سندس ڪهاڻيون اندر سڀا جي اوصافن تي اهڙا ته اثر ڇڏين ٿيون جو ڳپل عرصي تائين پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ لپيٽي رکن ٿيون ۽ ڪن نون رستن ۽ نئين مڪطبهءِ فڪر ڏانهن توجھ ڇڪرائين ٿيون. سندس تخليقن ۾ معاشري جي جيئري جاڳندي ۽ حقيقي زندگيءَ جا رنگ سمايل آهن، جن ۾ عورت ۽ مرد وچ ۾ اڻ برابري سبب عورت سان ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد جي چٽي تصرير پيش ڪيل آهي ته غريب، مفلس، محتاج ۽ اٻوجھ عوام سان پيش ايندڙ مختلف مسئلن تي به روشني وڌي وئي آهي، وٽس فرسوده ۽ بي فائده روايتن خلاف مزاحمت به آهي ته رياستي نظام جي هٿ ٺوڪين واعدن ۽ عملن جو وضاحت سان چٺو پڻ پڙهي سگهجي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ انڌير، انياءُ ۽ ڪنياءُ جو مچ ٻاريندڙ سرمائيداري نظام جي پت کي وائکي ڪرڻ جون ڪامياب ڪوششون به موجود آهن ته دردن جا من لڀائيندڙ داستان ۽ بااثر قوتن خلاف اُٿاريل اهڙا آواز به آهن جن جي گونج ظلم جي سيني کي سوراخ ڪرڻ جي پوري سگھ رکي ٿي.

ڊاڪٽر ريحانه نظير سماج لاءِ لکيو آهي، سماجي زندگيءَ جي حقيقي تصوير ڪشي ڪئي اٿس ۽ اُن سماج تي ئي ڇڏيو اٿس ته سندس ڪهاڻين کي ڪيئن ڏسن ٿا، جيئن پاڻ چيو اٿس ته، ”منهنجي ڪهاڻي يا ان جا ڪردار اسان جي سماج مان ئي ورتل هوندا آهن، سو انهن جي باري ۾ پسند يا ناپسند جو اختيار به انهن پڙهندڙن کي ڏيندس ته اهي انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين“.

محترمه ڊاڪٽر ريحانه نظير ۸ جنوري ۱۹۷۱ع تي ڳوٺ سيتا ننڍي، ضلعي دادوءَ جي هڪ معزز ۽ علمي گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد غلام محمد ملاح تعليم و تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل هڪ علمي ۽ غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جي تربيت جو ئي اثر هو جو ڊاڪٽر ريحانه هن مقام تي رسي سگهي آهي. هُن مئٽرڪ جو امتحان رحماني ننگر ۾ ڏنو ڇاڪاڻ اُن وقت سندن ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول جي سهولت موجود نه هُئي ۽ انٽر، بي اي ۽ ايم اي جي تعليم دادو ڪاليج مان حاصل ڪيائين ۽ پنهنجي تعليم جي سفر کي مسلسل جاري رکندي ايم فل ۾ داخل ٿي ۽ لڳاتار محنت، جهدجفا ۽ ڪوششن سان هُن آخر ۲۰۱۵ع ۾ سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس نهايت معياري ۽ جامع ٿيسس جو ڪتاب ”جديد انقلابي فڪر جو ترجمان – نجم عباسي”جي عنوان هيٺ ڪويتا پبليڪيشن پاران شايع ٿي چڪو آهي، ” هن ڪتاب ۾ افساني جي مختصر تاريخ سان گڏ افساني جو مختلف مرحلن مان گذرڻ ۽ ان سان گڏ مختلف سياسي، سماجي تحريڪن جي پس منظر ۾ افساني جي جانچ پڻ ڪئي ويئي آهي. ليکڪا ڊاڪٽر ريحانه نظير نه صرف ورهاڱي کان پهرين جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۽ ان جو ترويج ۽ مختلف ادبي انقلابي لاڙن جو جائزو وٺندي، ان دور جي ڪهاڻيڪارن جي فن ۽ فڪر جي موضوعن بابت لکيو آهي، پر گڏوگڏ هن ورهاڱي بعد يڪمشت رونما ٿيندڙ سياسي تبديلين تي پڻ روشني وڌي آهي. لڏپلاڻ، ون يونٽ، ٻوليءَ جو مسئلو سنڌ کان وڏن شهرن جو کسجي وڃڻ، سنڌ جون زمينون ورهائڻ وغيره خلاف سنڌي ادبي لڏي جي ڀرپور مزاحمت ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيل نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون ۽ انهن جي سنڌ جي ٻين ان دور سان واسطو رکندڙ ڪهاڻيڪارن فن ۽ فڪر جي ڀيٽ ڪرڻ سان گڏ انهن حالتن ۽ واقعن جو پڻ ذڪر شامل آهي جنهن ادبي محاذ تي مزاحمت جي لهر پيدا ڪئي“

ڊاڪٽر ريحانه ملازمت جي حوالي سان هڪ بهترين استاد جي حيثيت ۾ پهريائين پنهنجي ڳوٺ ۾ ۱۹۹۰ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿي ۽ پوءِ دادو اسڪول ۾ ۶ سال هيڊ مسٽريٽ جي حيثيت سان رهي، جنهن بعد ۱۹۹۹ع ۾ هوءَ ڄامشوري فاٽڪ تي ساڳي طرح استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، ايل ايم سي ڄامشورو ۾ هُن ۸ سال خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کانپوءِ ڄامشورو ڪالونيءَ جي اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان رهي ۽ پوءِ حيدرآباد جي ميران اسڪول ۾ سندس مقرري ٿي، محمد بخش شورو حيدرآباد ۾ به رهي ۽ آخري وقت تي پاڻ ڀٽائي ٽائون حيدرآباد جي اسڪول ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي ته سندس محنت ۽ ذهنيت رنگ لاتو ۽ آخر ۲۰۱۸ع ۾ سندس اپائمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان ٿي جتي هوءَ هن وقت به بي بها خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. کيس بيسٽ ٽيچر ايوارڊ پڻ ۲۰۱۶ع ۽ ۲۰۱۷ع ۾ ٻه ڀيرا ملي چڪو آهي، ڊاڪٽر ريحانه نظير وومين ايڪشن فورم جي مسلسل ميمبر رهي کوڙ ساريون سماجي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

ريحانه نظير سان ڳالھ ٻولھ

انٽرويو ڪندڙ:         گلبدن جاويد

تعارف:                         ريحانه نظير

ڄمڻ جي تاريخ               ۱۹۷۱-۰۸-۰۱

ڳوٺ/ شهر:           سيتا ننڍي، دادو

تعليم:                          M. Phil (جاري)

عهدو:                 استاد

صنف:                 ڪهاڻي

رهائش:                        حيدرآباد.

سرتيون: اوهان پڙهندڙن سان پنهنجو مڪمل تعارف ڪرايو ۽ ”منهنجو مطلب آهي پرائمري تعليم ڪٿي حاصل ڪئي ۽ ننڍپڻ ڪيئن گذريو؟“

ريحانه نظير: منهنجو نالو ريحانه نظير آهي، منهنجو ڳوٺ سيتا ننڍي آهي. جيئن ته هن ڳوٺ ۾ اڪثريت هندن جي هوندي هئي، انڪري ئي هن تي سيتا نالو پيو. سيتا سنڌو نديءَ تي آباد هڪ سرسبز ڳوٺ آهي، جنهن جي اوڀر ۾ سنڌو ندي، اتر ۾ سونا ٻنڊيءَ جو مشهور ٻيلو، اولھ ۾ رحماني پير جي نالي سان رحماني نگر ۽ اتر ۾ مشهور شهر پاٽ شريف آهي. سيتا ۾ ٻه ڍنڍون پڻ آهن. جيڪي پاڻي اچڻ سان ڳوٺاڻن لاءِ وندر ۽ ورونھن جو سامان پيدا ڪن ٿيون. مون پنهنجي پرائمري تعليم، اتي موجود پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ۽ مڊل به اتي ئي پاس ڪئي. مڊل پاس ڪرڻ کانپوءِ منهنجي شادي منهنجي سؤٽ سان ٿي. شاديءَ کانپوءِ به مون تعليم جاري رکي ڇاڪاڻ ته منهنجي مڙس کي مون کي پڙهائڻ جو ڏاڍو چاھ هو ۽ ان سلسلي ۾ هو اڄ ڏينهن تائين مون سان تعاون ڪري رهيو آهي. مون مئٽرڪ جو امتحان رحماني نگر ۾ ڏنو. ڇاڪاڻ جو ان وقت اسان جي ڳوٺ ۾ هاءِ اسڪول ڪو نه هو ۽ مئٽرڪ دوران مون کي پهريون ننڍڙو عامر ڄائو. انٽر دوران مون ٻئي ننڍڙي کي جنم ڏنو، جيڪو مهينو زنده رهڻ کانپوءِ گذاري ويو. B. A ۾ مون کي ٽيون ننڍڙو ذولفي ڄائو، جيڪو هينئر مئٽرڪ ۾ پڙهي رهيو آهي. ٻارن جي سنڀال، گهر جي ذميداري ۽ اهڙين ٻين مشڪلاتن هوندي به مون پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ هينئر مان سنڌ يونيورسٽيءَ مان M. Phil ڪري رهي آهيان.

سرتيون: ايتري ننڍي عمر ۾ شادي اوهان لاءِ ڪيئن ثابت ٿي؟

ريحانه نظير: ايتري عمر ۾ شاديءَ جو تصور منهنجي لاءِ صرف سونا زيور، سهڻا ڪپڙا، سامان ۽ الڳ ڪمري کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو ۽ مڙس بابت صرف اهو سوچيندي هئي ته ان جا ڪپڙا ڌوئڻا آهن، ماني وغيره جو خيال رکڻو آهي.

سرتيون: اوهان جي خيال ۾ ڇوڪريءَ جي ڪيتري عمر ۾ شادي هئڻ گهرجي؟

ريحانه نظير: گهٽ ۾ گهٽ ۲۰ سال ۽ وڌ ۾ وڌ ۳۰ سال.

سرتيون: هاڻي توهان جي شعبي بابت، اوهان جي خيال ۾ هڪ سٺي استاد ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟

ريحانه نظير: استاد جو پيشو پيغمبري آهي ڇو ته پيغمبر به پنهنجي قوم کي سڌارڻ لاءِ موڪليا ويا هئا. اهڙيءَ طرح استاد به پنهنجي سماج لاءِ هڪ سڌارڪ جي حيثيت رکي ٿو، تنهنڪري کيس هميشه هر وقت استاد ئي رهڻ گهرجي. هو محنتي هجي، ڊيوٽي جو پابند هجي، ان جو اخلاق بلند هئڻ گهرجي، ٻار کي وڌ ۾ وڌ عزت ڏئي، ڀلجي به هنن لاءِ خراب لفظ استعمال نه ڪري ۽ ان کانسواءِ کيس تعليم ڪيئن ڏيڻ گهرجي ۽ ٻار ڪهڙي نموني ڳالھ سمجهندو، ٻار کي هو ان جي سمجھ مطابق اها ڳالھ سمجهائي ۽ ڪوشش ڪري هر هڪ ٻار کي توجھ ڏي ۽ ڪڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪري جو ان ڏانهن ڪير آڱر کڻي.

سرتيون: هڪ استاد ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ ٻڌايو ته ٻار جي بنيادي تربيت ڪيئن ڪجي؟

ريحانه نظير: بنيادي طرح ٻارن سان قرب ۽ محبت سان پيش اچجي. سندن تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، پر اهي شيون جن لاءِ ماڻهو بيوس آهي، انهن کي پنهنجي سمجھ ۽ عقل سان پورو ڪجي. ان جو سهڻو مثال اسان جي پراڻي سنڌي ڪتاب جي هڪ سبق ”راڻي ڪوشليا”۾ پڻ سمجهايل آهي. جنهن مطابق جڏهن راڻيءَ جا ٻار چنڊ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺڻ لاءِ گهرن ٿا ته ان چوڏهينءَ، جي رات جو آئيني ۾ چنڊ جو عڪس کڻي ٻار جي هٿ ۾ ڏنو ۽ ٻار خوش ٿيو. اهڙيءَ طرح اڻ ٿيڻون ۽ اڻ پهچندڙ تقاضائون جيڪي ٻار ڪن ٿا انهن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسانکي گهرجي ته پنهنجي ذهن کان ڪم وٺي انهن گهرجن جو پورائو ڪريون. ان ڳالھ مان واضح ٿئي ٿو ته استاد کي نفسيات جي به سٺي ڄاڻ هئڻ ضروري آهي.

سرتيون: ايڪيهين صديءَ انسان کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو؟

ريحانه نظير: ايڪيهين صدي بنيادي طور انسان کي وسيع شعور ۽ وسيع ڪائنات ڏني آهي، اڄ جو انسان دنيا جي هر انسان سان ان جي ڏک ۽ درد ۾ شامل آهي، پاڪستان جو ئي مثال وٺو، تازو آيل زلزلي ۾ اسان ڏٺو ته انهن مجبور ماڻهن جي امداد لاءِ سڄي دنيا مان ٽيمون آيون. جن نه صرف ماڻهن کي انهن ڍيرن مان ڪڍي زندگي ڏني پر انهن جي علاج وغيره لاءِ پڻ مالي مدد ڪئي. پر جيئن ته هر ڳالھ جا ٻه پهلو هوندا آهن. انڪري اسين چئي سگهون ٿا ته هن صديءَ انسان کي بيمثال مادي سهولتون ڏنيون آهن اتي اهڙا خطرناڪ هٿيار ”ائٽم بم وغيره ٺاهيا آهن، جن جي استعمال سان هيءَ رنگ برنگي دنيا گهڙيءَ پل ۾ خاڪ جو ڍير بڻجي سگهي ٿي.

سرتيون: پسند جي راند جيڪا ننڍي لاءِ کيڏڻ چاهيو پر کيڏي نه سگهيو؟

ريحانه نظير: مون کي ننڍي هوندي کان ئي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو بي انتها شوق هو، پر کيڏي ان لاءِ نه سگهيس جو اسڪول ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ منع هئي. پر پوءِ به مان اسڪول جي ڇوڪرين سان اسڪول جي عمارت جي پٺيان واري ميدان تي کيڏندي هيس.

سرتيون: ها ريحانه اهو ٻڌايو اوهان ننڍي هوندي ڪهڙي قسم جو ٻار هيون (ڏاهي، شرارتي يا وچٿري)؟

ريحانه نظير: ڏاهي.

سرتيون: شادي هڪ سمجهوتو آهي. راءِ ڏيو؟

ريحانه نظير: ها، بلڪل هڪ سمجهوتو ئي آهي، جيڪو هڪ مرد ۽ عورت جي زندگي ڀر گڏ رهڻ لاءِ ڪيل هوندو آهي، جنهن کي نڀائڻ لاءِ ٻنهي کي گهرجي ته پهريان هو پاڻ ۾ ذهني هم آهنگي پيدا ڪن ۽ هڪٻئي جي حقن ۽ فرضن جي ادائگي سچائي ۽ خلوص سان ادا ڪن ۽ جي هو هڪٻئي سان ڪنهن ڳالھ تي سهمت نه رهندا ته ان جو سڌو سنئون اثر سندن اولاد تي ٿيندو جنهن کانپوءِ گهر ۽ سماج تي پوندو تنهنڪري مناسب آهي ته ٻنهي فردن کي اهو اختيار هجي ته هو پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو مذهب ۽ قانون مطابق ڪن. سماج کين اهڙي رشتي نڀائڻ لاءِ مجبور نه ڪري.

سرتيون: سرتيون پڙهائڻ يا استاد ٿيڻ توهان جو پنهنجو شوق هو يا مائٽن جي مرضي؟

ريحانه نظير: نه منهنجو پنهنجو شوق هو. جيئن ته منهنجو بابا هڪ استاد آهي، انڪري مان ننڍي هوندي کان ئي بابا جي شخصيت، پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ کان ايترو ته متاثر هيس جو مون ڪنهن ٻئي شعبي بابت ڪڏهن سوچيو به نه.

سرتيون: اوهان جي خيال ۾ عورتن لاءِ الڳ رسالا هئڻ گهرجن؟

ريحانه نظير: ها ضرور هئڻ گهرجن ته جيئن عورتون پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن ۽ هو پنهنجا مسئلا ٻين سان شيئر ڪري سگهن.

سرتيون: روز مره جي زندگيءَ ۾ مختلف ماڻهن سان واسطو پوي ٿو. اوهان کي ماڻهوءَ جي ڪهڙي ڳالھ سڀ کان زياده متاثر ڪندي آهي؟

ريحانه نظير: اخلاق، سچائي ۽ خلوص. انهن مان ڪنهن ۾ هڪ به خوبي هجي ته اهي ماڻهو مون کي وڻندا آهن.

سرتيون: ڪهڙا ماڻهو نه وڻندا آهن؟

ريحانه نظير: منافق ماڻهو، جيڪي منهن تي مٺڙا ۽ اندر جا کوٽا هوندا آهن.

سرتيون: ورڪنگ وومين جي حيثيت ۾ ڪي مسئلا درپيش هجن؟

ريحانه نظير: جي سڀ کان وڏو مسئلو ته وقت جي ٿورائي آهي، ورڪنگ وومين کي گهر ٻار ۽ پڙهائيءَ لاءِ تمام گهٽ وقت ملي ٿو.

سرتيون: زندگي اوهان جي نظر ۾؟

ريحانه نظير: مسلسل جدوجهد جو نالو.

سرتيون: جيئن ته هند ۽ سنڌ جا نامور ليکڪ پڻ اوهان جي ڪهاڻين کي ساراهن ٿا، جيڪا وڏي مڃتا آهي. پر اوهين پنهنجي لکڻين جي باري ۾ ڇا چونديون؟

ريحانه نظير: منهنجي ڪهاڻي يا ان جا ڪردار اسان جي سماج مان ئي ورتل هوندا آهن، سو انهن جي باري ۾ پسند يا ناپسند جو اختيار به انهن پڙهندڙن کي ڏيندس ته اهي انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين.

سرتيون: اوهان ڪهڙن لکيڪن کي پڙهيو آهي؟

ريحانه نظير: گهڻو ڪري مون سنڌي ۽ اردو ليکڪن کي پڙهيو آهي، جن ۾ پريم چند، ڪرشن چندر، موهن ڪلپنا، قرة العين حيدر، عصمت چغتائي، امر جليل، پير علي محمد راشدي، جي ايم سيد، طارق اشرف، نجم عباسي، ڊاڪٽر قاضي خادم، جمال ابڙو، ماهتاب محبوب، امر سنڌو ۽ آغا سليم.

سرتيون: ليکڪا جي حيثيت ۾ اوهان کي ڪيتري پذيرائي ملي آهي؟

ريحانه نظير: سڀ کان وڏي ته اها ته اهڙي افراتفري ۽ نفسانفسي جي ماحول ۾ به ماڻهو وقت ڪڍي منهنجون ڪهاڻيون پڙهن ٿا ۽ تعريف ڪن ٿا هڪ لکندڙ لاءِ ان کان وڌيڪ ڪهڙي پذيرائي ٿيندي.

سرتيون: محبت اوهان جي نظر ۾؟

ريحانه نطير: محبت کانسواءِ هن دنيا جو تصور ناممڪن آهي. اها محبت ئي آهي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجا مقصد ماڻيون ٿا. محبت جو مطلب ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي محبت سان نه آهي، پر محبت جا انيڪ روپ آهن. ماءُ جي اولاد سان، ماليءَ جي گلن سان، استاد جي شآگردن سان، مطلب ته ڪئين روپ آهن. محبت جا هوءَ پنهنجي هر روپ ۾ خوبصورت آهي.

سرتيون: اوهان پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي سماجي ڏاڍن، اڻ برابري ۽ طبقاتي فرق کي ننديو آهي اتي استاد جي غير سنجيدگيءَ واري ڪردار کي نشانو بڻايو آهي. پڙهندڙ خاص ڪري استادن کي ڪيئن منهن ڏينديون آهيو؟

ريحانه نظير: ادي، ٿوريون گهڻيون خوبيون يا خاميون هر شعبي ۾ شامل هونديون آهن، صحيح لکندڙ اهو آهي جيڪو ٻنهي جي نشاندهي ايمانداريءَ سان ڪري، جيستائين منهنجي ڪهاڻي ”مس ۽ موبائيل” جو تعلق آهي ته اسان جي سرڪل ٽيچرس ۾ ان کي گهڻو ساراهيو ويو آهي.

سرتيون: ڪي اهڙا ماڻهو جن کي توهان ڪڏهن به وسارڻ نه چاهيو؟

ريحانه نظير: منهنجا استاد، ڇو ته انهن ۾ مون کي هميشه شفيق پر خلوص ۽ ايماندار ماڻهو مليا ۽ ٻيو فرينڊس Friends مون کي اڄ ڏينهن تائين جيڪي سهيليون/سرتيون مليون انهن ۾ ڪڏهن ڪنهن به مون سان بي وفائي نه ڪئي. هميشه مون سان گڏ رهيون آهن. ان معاملي ۾ مان هميشه پاڻ کي خوشنصيب سمجهندي آهيان.

سرتيون: اهڙو شعر جيڪو توهان کي ڏاڍو وڻندو هجي؟

ريحانه نظير: شاعري مان تمام گهڻي پڙهندي آهيان پر جيئن ته توهان هڪ شعر چيو آهي ان لاءِ سنڌ جي سرتاج شاعر جو هي شعر مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿي.

ويٺي جنين وٽ، ڏکندو ڏاڍو ٿئي،
سا مجلس ئي مٽ
، حاصل هوءِ هزار ٿيا!

---
ويٺي جنين وٽ
، ڏکندو ڏور ٿئي،
تون تنين سين
ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا!

سرتيون: پريمي جوڙڻ جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟

ريحانه نظير: اول ته انهن کي پريمي جوڙو چوڻ به غلط آهي ڇو ته پسند جي شادي هر انسان جو مذهبي توڙي قانوني حق آهي. جنهن کان ان کي ڪير به روڪي نٿو سگهي ۽ جيڪڏهن ٻه فرد پنهنجي مرضيءَ سان ڪو فيصلو ڪن ٿا ته انهن کي سماج اهو انهن جو بنيادي حق سمجهي قبول ڪري.

سرتيون: پسند جو شهر جنهن ۾ اوهين رهڻ چاهيو؟

ريحانه نظير: پنهنجو اباڻو ڳوٺ سيتا.

سرتيون: ننڍپڻ جو ڪو اهڙو واقعو جيڪو اوهان کان ڪڏهن به نه وسريو هجي؟

ريحانه نظير: مون ذڪر ڪيو نه ته اسان جي ڳوٺ ۾ ٻه ڍنڍون آهن جتي جيئن پاڻيءَ جو چاڙھ ٿيندو آهي تيئن سڀ ڳوٺاڻا تفريح لاءِ ويندا آهن. هڪ دفعو مان ۽ منهنجي وڏي ڀيڻ ڳوٺ جي ڇوڪرين سان گڏجي اتي پڪنڪ لاءِ وياسين ڪناري تان منهنجي ڀيڻ جو پير ترڪي ويو ۽ هوءَ ٻڏڻ لڳي ان وقت منهنجي عمر ۷ يا ۸ سال هئي ڇوڪريون رڙيون ڪرڻ لڳيون مان هڪ ٽاري کي جهلي روئي به رهي هيس ۽ ڀيڻ کي سڏي به رهي هيس، جيستائين ماڻهو پهتا تيستائين منهنجي ڀيڻ ٻڏي چڪي هئي، اهو حادثو اڄ به منهنجي ذهن تي بلڪل ائين جو ائين محفوظ آهي.

سرتيون: ادبي ميدان ۾ ڪي ايوارڊ؟

ريحانه نظير: اسٽيج تي گهرائي ته مون کي ڪو ايوارڊ ڪونه ڏنو ويو آهي پر جڏهن هندستان جي مشهور اديب، ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي ۽ هن دور جي وڏي شاعر امداد حسيني منهنجي ڪهاڻي بنا عنوان جي تعريف ڪئي ۽ وڏي ڳالھ ته مشهور ليکڪا ماهتاب محبوب منهنجي ڪهاڻي ”مس ۽ موبائيل”جي تعريف ڪئي تڏهن مون کي انهن ايوارڊن ملڻ کان وڌيڪ خوشي ٿي.

سرتيون: سنڌي سماج جي سک ۽ شانتيءَ لاءِ اوهان ڪهڙا سپنا ڏسنديون آهيو؟

ريحانه نظير: سنڌي ماڻهن جي سک ۽ شانتيءَ لاءِ اسان کي سندن سياسي ۽ سماجي حق ڏيڻ گهرجن ۽ اقتصادي لحاظ کان کين مضبوط ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي توانائي پنهنجي ترقي لاءِ صرف ڪن کين تعليم جي سهولت فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪو به فرد تعليم جي زيور کان محروم نه ٿئي.

سرتيون: سنڌ جي اٻوجھ ماڻهن جو ڇوٽڪارو ڪهڙين ڳالهين ۾ آهي؟

ريحانه نظير: سنڌ جي ماڻهن کي سياسي سماجي اقتصادي آزادي ڏني وڃي، هن صوبي کي اهي حق ڏنا وڃن جي ۱۹۴۰ع جي قرارداد مطابق هجن. ايئن ڪرڻ مان سندن حقن تي ڪو به ڌاڙو هڻي نه سگهندو ۽ سنڌي سماج ترقي جي راھ تي گامزن ٿيندو.

سرتيون: پسند جو گل؟

ريحانه نظير: گلاب جو گل.

سرتيون: پسند جو فنڪار؟

ريحانه نظير: اميتاڀ بچن.

سرتيون: توهان لکڻ جو اتساھ ڪيئن ٿيو؟

ريحانه نظير: مان ڊراما تمام گهڻا ڏسندي هيس ۽ انهن تي تنقيد به گهڻي ڪندي هيس ته هي سين هيئن هجي ها ته جيڪر ڪهاڻي ۾ وڌيڪ اثر هجي ها، ائين انهن تي تنقيد ڪندي ڪندي مون لکڻ شروع ڪيو.

سرتيون: اوهان جي پهرين ڪهاڻي ڪهڙي هئي ۽ اها ڪٿي ڇپي؟

ريحانه نظير: منهنجي پهرين ڪهاڻي بنا عنوان هئي جيڪا توهان جي ئي مئگزين يعني ”سرتيون”۾ ڇپي.

سرتيون: پسند جو ڪتاب؟

ريحانه نظير: شاھ جو رسالو.

سرتيون: پسند جا راڳي؟

ريحانه نظير: مهدي حسن، ڪشور ڪمار، نصرت فتح علي خان، محمد جمن.

سرتيون: اوهان پڙهندڙڻ کي ڪهڙيو پيغام ڏينديون؟

ريحانه نظير: بحيثيت هڪ استاد جي منهنجو پيغام اهو آهي ته پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪريو ۽ انهن کي سماجي حالتن مطابق اهي سڀ سهولتون مهيا ڪريو. جيڪي ٻين ٻارن کي حاصل آهن. ٻيو مان پنهنجي شادي شده ڀينرن کي اها التجا ٿي ڪريان ته شادي کي رڪاوٽ نه سمجهيو ۽ پنهنجو پڙهڻ لکڻ جاري رکو.

 

(سرتيون، سنڌي ادبي بورڊ، شمارو نومبر ۲۰۰۶ع ۾ ڇپيل)


ريحانه نظير جون ڪھاڻيون ۽ سنڌي عورت

ڪليم ٻٽ

سنڌي ٻوليءَ ۾ عورت شاعرن جو انگ ته ججھو آھي، پر تمام گھٽ اھڙيون ليکڪ عورتون آھن جيڪي نثر لکي رھيون آھن، نثر ۾ وري ڪھاڻي جھڙي ڏکي صنف ۾ قلمي پورھيو ڪرڻ وارين ليکڪائن جو انگ اٽي ۾ لوڻ برابر آھي، اھو به سچ آھي ته ادب جي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻي سان نباھڻ مڙئي ڏکيو آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي تمام وڏي ليکڪ سائين عبدالقادر جوڻيجو محترم حميد ابڙو جي ڪھاڻين تي راءِ ڏيندي لکيو ته: ”ڪهاڻي لکڻ وقت توازن برقرار رکي رسيءَ به نه پر تار مٿان هلڻو ٿو پوي. جنهن ۾ ڪِرڻ جا ۽ ڪهاڻي ڪسي ٿيڻ جا خوف خطرا ليکڪ جي سِر مٿان ٽنگيا پيا هوندا آهن. “۽ اھو سچ به آھي، منھنجي نظر ۾ ڪھاڻي جي موضوع يا پيغام کان وڌيڪ اھم ڳالھ اھا آھي ته ڪھاڻي بيان ڪيئن ڪئي وئي آھي، جيڪو اصل ھنر آھي ۽ انھيءَ آرٽ کي جيڪو ليکڪ سمجھي وڃي ٿو، اھو ئي ڪھاڻي جي ميدان ۾ اڳيان نڪري ٿو.

سنڌي ڪھاڻي جي حوالي سان عورت لکارين جو به ھڪ اھم ڪردار رھيو آھي، ڊاڪٽر ريحانه نظير جون ڪھاڻيون پڙھي به اھو احساس ٿئي ٿو ته ميڊم وٽ ڪھاڻي بيان ڪرڻ جو مڪمل سليقو آھي، جيتوڻڪي سندن ڪھاڻين ۾ فيمنزم جو عنصر نمايان آھي، پر پوءِ به سندس ڪھاڻي ۾ سنڌ خاص ڪري سنڌ جي ٻھراڙي، ڳوٺن ۾ رھندڙ عورت تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ ڪنھن ڀريل جام جيان ڇلڪي ٿو، سندس ڪھاڻين جو ڪتاب اندر جي عدالت سنڌي عورت جي لاچاري جي داستانن سان ڀريل آھي، ڪٿي عورت کي سندس حق نٿو ڏنو وڃي ته ڪٿي وري ھڪ عورت پنھنجي سھري جي جنسي باھ جو شڪار ٿي بڻجي. جيتوڻڪي گھڻي ڀاڱي ڪھاڻيون ڀرپور آھن، پر ڪجھ ڪھاڻيون پڙھندي ورجاءُ جي احساس سان گڏ جھول به نظر اچن ٿا.

ان ھوندي به مون کي ڪتاب اندر جي عدالت پڙھندي محسوس ٿيو ته ميڊم ريحانه موجودھ دور ۾ سنڌي ڪھاڻي جي حوالي سان عورت لکارين ۾ ڪجھ نمائندا ڪھاڻيڪارائن مان ھڪ ثابت ٿيندي.

No comments:

راءِ ڏيندا