خوشبو بلوچ
”سماج ۽ سچائي“ ۽ ”لڙھي ويل اميدون“ جي
سرجڻھار شاعرا، اديبا، ليکڪا ۽ تعليمدان سان مختصر ڳالھ ٻولھ.
ڳالھ ٻولھ... علي
محمد درد سولنگي
سوال: اوھان جو
نانءُ ولديت سميت؟
خوشبو: منھنجو نالو
ام ڪلثوم، بابا سائين جو نالو محمد ابراھيم ۽ ذات گنب آهي.
سوال: جنم جي تاريخ
۽ هنڌ؟
خوشبو: پنجين جنوري
تعلقه جوھي ضلع دادو.
سوال: ادبي نانءُ؟
جواب: منھنجو ادبي
نالو خوشبو بلوچ آھي، هاڻي هڪ جيڏيون، غير ادبي سرتيون، ڀينر يا ڳوٺاڻيون جن سان
ننڍپڻ گذريو سي سڀ به اصل نالي بجاءِ‘ خوشبو بلوچ جي نالي سان سڃاڻين ٿيون.
سوال: تعليم ۽ نوڪري؟
خوشبو: ايم ايس سي اسٽيٽسٽڪس
(فرسٽ ڪلاس) بي ايڊ ۽ ايم ايڊ. مان ھينئر گورنمنٽ ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور نوڪري
ڪري رھي آھيان.
سوال: لکڻ جي
شروعات سال ۽ مھينو؟
خوشبو: ننڍپڻ کان
ئي لکڻ شروع ڪيو، سھي ياد ناھي ڪجھ ٻاراڻيون لکڻيون گل ڦل ۾ شايع ٿيون. باقاعده عبرت
مئگزين ۾ لکيو ۽ ڪجھ اخبارن ۾ ڪالم ۽ ڪھاڻيون پڻ لکيون.
سوال: ادبي استاد؟
خوشبو: سٺا ادبي ڪتاب
ئي منھنجا رھنما ۽ استاد رھيا آھن، باقي اڄ ڪلھ ڪٿي ٿو باقائده سکڻ جو وقت ملي، بس
بھترين علمي ادبي ڪتابن کي پڙھندي ۽ انھن کان ئي سکندي رهندي آھيان.
سوال: ڪنهن کان
متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو؟
خوشبو: متاثر ته نه
ٿو چئي سگھجي پر ڪيترائي سٺا ليکڪ ۽ ليکڪائون جن جون لکڻيون وڻنديون ھيون ۽ آھن، پر
منھنجي خيال ۾ ڪنھن کان متاثر ٿي لکي نه ٿو سگھجي، اھا ھڪ قدرتي صلاحيت يا ڏات
ھوندي آھي ته ڪجھ لکجي وڃي ٿو.گھڻو مطالعو پڻ لکڻين ۾ پختگي آڻي ٿو.
سوال: ڪهڙيون شيون
۽ ڳالھيون اوهان کي لکڻ لاءِ اتساهينديون آهن؟
خوشبو: اھي حالات
جتي ڪجھ ڪڇي نه سگھجي، اڻبرابري، ڏاڍ، برداشت نه ٿيندڙ رويا، غريبن جا ڏک، بدحالي،
عورتن جي بيوسي مون کان برداشت نه ٿيندي آھي. لڙڪ منھنجي ڪمزوري آھن مان لڙڪ ڏسي نه
سگھندي آھيان، انڪري پنھنجين لکڻين وسيلي انھن لڙڪن کي اگھڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان.
سوال: پھرين تخليق ڪڏهن
۽ ڪٿي ڇپي؟
خوشبو: گل ڦل ۾ ۽
اها ٻاراڻي لکڻي اڄ تائين جڏهن به ڏسندي يا پڙھندي آھيان ته پاڻ کي ننڍڙي ٻارڙي ئي
ڀائيندي آھيان، مطلب ان لکڻي پڙھڻ سان مان ٻالڪپڻ جي سحر ۾ جڪڙجي ويندي آھيان.
سوال: ڪھڙين اخبارن
۽ رسالن ۾ توهان جون لکڻيون ڇپيون آهن؟
خوشبو: عبرت مئگزين
۾ ڪيترائي مضمون ڇپيا، سرتيون مئگزين ۾، روزانه ڪاوش ۾ ڪالم، آجيان اخبار، ھلال پاڪستان
۽ ٻين ڪيترن ئي مئگزين ۾ لکڻيون ڇپجنديون رھنديون آھن. ان کان علاوه منھنجون ڪيتريون
ئي ڪھاڻيون اردو ۾ ترجمو ڪري دنياءِ ادب نالي سان ھلندڙ يو ٽيوب چينل تي ھلايون
ويون، جيڪو پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجھان ٿي.
سوال: ڪھڙين صنفن ۾
لکيو اٿو ۽ اوهان جي پسنديده صنف ڪھڙي آهي؟
خوشبو: مون شروعات ڊائري
لکڻ کان ڪئي ھئي، انڪري نثر مون کي پسند آھي.
مون شروعات مختلف موضوعن تي مضمون لکڻ کان ڪئي،
ان کان پوءِ ڪجھ ڪالم لکيا، پر وڌيڪ سنجيدگي سان ڪھاڻيون لکيون، جيڪا منھنجي
پسنديده صنف پڻ آھي. ان کان علاوه نثري نظم پڻ لکندي ۽ سوشل ميڊيا تي عام اڳيان
پيش ڪندي رهندي آھيان، جن کي پڙھندڙن وٽان ڀرپور موٽ ملندي رهي ٿي، ان اتساھ جي ڪري
ئي مون نثري نظمن تي مشتمل هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي رکيو آھي جيڪو انشاءَ الله جلد پڙھندڙن
اڳيان پيش ڪنديس.
سوال:.ڪھاڻين جو
تعداد ۽ ڪيتريون ڇپيل آھن؟
خوشبو: اندازن اسي
يا پنجاسي کن ڪھاڻيون لکيون اٿم جن مان پنجاھ سٺ ڇپجي چڪيون آھن.
سوال: ڇپيل ڪتاب،
انھن جا نالا ۽ انھن جا سال؟
خوشبو: منھنجا ٻه ڪتاب
ھڪ ”سماج ۽ سچائي“ ڪھاڻين جو مجموعو جيڪو ۲۰۲۲ع ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن ڇاپيو، جڏھن ته ٻيو ڪھاڻين ۽ نظم ڪھاڻين
يا نثري نظمن تي مشتمل ”لُڙھي ويل اُميدون“ جيڪو شعور پبليڪيش ڇاپيو آھي جيڪو ۲۰۲۲ع ۾ آيل ٻوڏ جي پسمنظر ۾ ۽ حالتن تي لکيل
آھي ۽ ان ڪتاب لاءِ هڪ سڀاويڪ ڳالھ اها آهي ته اهو سنڌي ٻولي جو پھريون ڪتاب آھي
جيڪو ان ٻوڏ جي تباھڪارين تي سڀ کان اول ڇپيو ٽيون ڪتاب گڏيل شاعري جو مجموعو آھي
جنھن کي نوجوان شاعر ڀاءُ وفا چولياڻي سھيڙيو آھي.
سوال: پھرين تخليق ڇپجڻ
تي رشتيدارن جو ردِ عمل ڇا هيو؟
خوشبو: جيئن ته منھنجو
تعلق ھڪ پڙھيل لکيل گھراڻي سان آھي ان ڪري الحمد لله لکڻ پڙھڻ جي ڪنھن به معاملي ۾
ڪڏھن به ڪا ڏکيائي پيش نه آئي. پھرئين تخليق ڇپجڻ تي گھروارن جو رويو حوصله افزا ۽
اتساھيندڙ ئي ھيو.
سوال: ادب ۾ اڳتي وڌڻ
لاءِ اوهان جي حوصله افزائي ڪنھن ڪئي؟
خوشبو؛ مان خوشنصيب
آھيان جو گھروارن ۽ سھيلين ھميشه مون کي لکڻ لاءِ اتساھيو آھي.
سوال: شاعري اوهان
جي نظر ۾؟
خوشبو: شاعري ھڪ
حساس جذبو آھي، شاعر احساسن جو اھو نمائندو آھي جن جو اظھار ھڪ عام ماڻھو نه ٿو ڪري
سگھي ھڪ شاعر انھن احساسن ۽ جذبن کي لفظ ڏئي نروار ڪري ٿو، مون کي شاعري جيڪا مون
لکي آھي يا پڙھندي آھيان ان ڪڏهن ٿڪايو نه آهي مان سمجهان ٿي شاعري نه ٿڪائيندڙ
احساس ۽ هڪ وڻندڙ جذبو آھي.
سوال: محبت اوهان
جي نظر ۾؟
خوشبو: محبت ھڪ
خوبصورت احساس آھي، جنھن کانسواءِ زندگي جو ڪو مفھوم ڪونھي يا ايئن کڻي چئجي ته
محبت عقيدت ڀريو دڳ آھي، جنھن تي انسان پوري زندگي ھلندو رهي ٿو. محبت ڪنھن به رشتي
۾ سمايل ھجي ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀاءُ، دوست ۽ پاڻ سان جڙيل ٻيا سڀ رشتا محبتن جا
محتاج آھن، جيڪڏھن انھن کي محبت نه ٿي ملي ته اھي ڪومائجي وڃن ٿا.
سوال: پسنديده شاعر
۽ شاعرائون، اديب ۽ اديبائون؟
خوشبو: شاھ
عبداللطيف ڀٽائي، استاد بخاري، روبينه ابڙو، طارق قريشي، نورالھدا شاہ.
سوال: پسنديده
شخصيت؟
خوشبو: پنھنجو بابا
محمد ابراھيم گنب، جنھن سماج سان بغاوت ڪري اسان کي پڙھايو.
مشھور سماجي شخصيت عبدالستار
ايڌي جنھن بغير ذات پات ۽ مذھب جي تفريق جي انسان ذات جي خدمت لاءِ پنھنجي پوري
زندگي وقف ڪري ڇڏي.
سوال: پسنديده ڪتاب،
گل، رنگ، موسم ۽ پھر؟
خوشبو: ڪتابن ۾
طارق عالم ابڙو جو لکيل، ”رھجي ويل منظر“ محمود مغل جو لکيل ”تو سنگ تو بن ڏينھڙا“
نور الھدا شاه جو ”جلاوطن“
گلن ۾ موتيو. رنگن
۾ ڪارو ۽ گلابي ۽ موسمن ۾ موسم بھار مون کي پسند آھي.
پھرن ۾ صبح ساجھر،
فجر جو پھر نھايت خوبصورت وڻندڙ ۽ پرسڪون پھر آھي، جڏھن ٿڌڙي ھير ۽ پکين جو آواز
روح کي سڪون بخشي ٿو.
ان کان علاوه شام جو پھر به وڻندو اٿم.
سوال: زندگيءَ جي
پھرين مھرباني/ خوشي؟
خوشبو: جڏھن ايم
ايس سي جو رزلٽ آيو ۽ مان پنجاھ شاگردن مان چوٿون نمبر ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ٿيس. مان
نه صرف پنھنجي خاندان بلڪه پوري علائقي جي پھرئين ڇوڪري ھيس جيڪا يونيورسٽي تائين
پڙھي هيس، منھنجي زندگي جي اها خوشي ۽ مھرباني هئي جيڪا اڄ تائين محسوس ٿيندي رهندي
آھي.
سوال: زندگيءَ جو
پهريون ڏک/ سڏڪو/ صدمو؟
خوشبو: زندگي مسلسل
جدوجھد ۽ ڏکن جو ٻيو نالو آھي ۽ خوشين جيان ڏک به زندگي جو ھڪ حصو آھن، پر بابا جي
وفات نه وسرندڙ صدمو آھي، جيڪو جڏهن به ياد ايندو آھي ته سڏڪي پوندي آھيان ۽ اھو وڇڙڻ
وارو پل ھميشه نڙي ۾ سڏڪي جيان اٽڪيل رھي ٿو..
سوال: اڄ جي عورت ڇا
ٿي چاھي؟
خوشبو: اڄ جي ھر
سلجهيل باشعور عورت معاشري ۾ اھو مقام ٿي چاھي جيڪو کيس پنھنجي مذھب ڏنو آھي، عورت
پنھنجي زندگي جي فيصلي ڪرڻ جو حق چاھي ٿي جيڪو سندس جائز حق آھي ۽ کيس ملڻ به گھرجي.
سوال: عورت اوهان
جي نظر ۾؟
خوشبو: الله پاڪ جي
خوبصورت تخليق آھي، جنھن کانسواءِ ڪائنات جو ھر رنگ اڌورو ۽ بي معنيٰ آھي.
سوال: اڄ ڪلھ جيڪو
ادب سرججي پيو ان بابت اوهان جي راءِ؟
خوشبو: منھنجي خيال
۾ گذريل ڪجھ سالن کان جتي لکندڙن جو انگ وڌيو آھي، اتي پڙھندڙن جي تعداد ۾ پڻ
اضافو ٿيو آھي، اھو يقينن معياري ادب جي ڪري ئي ممڪن رھيو آھي.
اسان اگر تنقيدي
نظر سان پرکي ڏسنداسين ته اديبن شاعرن جو گهڻو ڀاڱو اڄوڪي ادب مان ڪافي حد تائين
مطمئن آھي ۽ مان به ڪافي حد تائين ان ڳالھ جي حق ۾ آھيان ته اڄ جيڪو ادب سرججي پيو
سو تمام گهڻو پختو ۽ فني فڪري طور شاهڪار ادب آھي، باقي ڪجھ اديب اگر اها واويلا ڪندا
رهن ٿا ته اڄوڪي ادب ۾ ڪجھ به نه آھي ته ان ڳالھ کان پوءِ اگر انھن اديبن جي ادبي ڪم
ڏي نھارجي ٿو ته نتيجي طور ايئن چئجي ته غلط نه ٿيندو ته ايئن چوندڙن جو سرجيل ادب
واقعي ڪجھ به نه آھي، باقي سنڌي ادب هن مھل تمام خوبصورت شڪل ۾ اسان وٽ موجود آھي.
سوال: سنڌي سماج ۾
ليکڪ/ ليکڪائن کي ايتري پذيرائي نه ٿي ملي، جيتري ٻين ٻولين ۾ لکندڙن کي ملي ٿي،
ان جو ڇا سبب آهي؟
خوشبو: مان نه ٿي
سمجهان ته ڪو سئو سيڪڙو ائين آھي سٺن ليکڪن ۽ ليکڪائن کي اڄ به پذيرائي ملي ٿي ان
جو ثبوت ايوب کوسو، ميڊم نورالھدا شاه آھي، ميڊم مھتاب راشدي آھي باقي جڏھن ٻين سنڌي
ليکڪائن جي ڀيٽ ٻين ٻولين جي ليکڪائن سان ڪنداسين ته اسان کي سندن لکڻين ۾ به ڪافي
فرق نظر اچي ويندو.
سوال: تنقيد ڇا
آهي؟ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇو نه ٿي ڪئي وڃي؟
خوشبو: توهان هڪ
سوال ۾ ئي ٻه ڳالھيون پڇي ڇڏيون ته تنقيد ڇا آھي؟ ۽ اسان وٽ تنقيد برداشت ڇونه ڪئي
وڃي ٿي؟ اهي ٻه ڳالھيون ٻه وڏا بحث آھن جن تي اگر پورو ڪتاب لکجي ته به سڀ مواد کي
سھيڙي نه سگهبو بھرحال تنقيد ادب جي سونھن ۾ واڌارو آڻي ٿي. ڪنھن به لکڻي تي فني فڪري
اصلاحي تنقيد ان لکڻي کي نکاري ٿي ان لکڻي جي ھر ان پھلو تي نظر رکي کيس نروار ڪري
ٿي جيڪو لکندڙ ڪنھن سبب ڪري ڪوتاھي ڪري ويو هجي پر اسان وٽ سواءِ ڪجھ نقادن جي
تنقيد لکڻين تي گھٽ، ليکڪ جي ذات تي وڌيڪ ڪن ٿا نتيجو اھو نڪري ٿو ته ذاتي اختلاف ٿي
وڃن ٿا يا لکندڙ جي ايتري ته حوصله شڪني ٿئي ٿي جو ھو لکڻ ڇڏي ڏئي ٿو. ان کان علاوه
اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت وارا رويا به ڏينھون ڏينھن وڌندا وڃن پيا ان ڪري پڻ
تنقيد گھٽ برداشت ڪئي وڃي ٿي مان سمجهان ٿي مثبت حقيقي تنقيد اسان وٽ اٽي ۾ لوڻ
برابر به ڪونھي.
سوال: ادبي، سياسي،
سماجي تنظيمن سان وابستگي؟
خوشبو: هڪ عورت ڪھاڻيڪاره،
شاعره اڄوڪي دور جي سياست ۾ دلچسپي رکي ته اها سچي ڪھاڻيڪاره شاعره نه ٿي سگهندي ڇو
ته اڄوڪي سياست ظلم ۽ بربريت جو هڪ نمونو ٿي نروار ٿي بيٺي آھي. اڄوڪي سياست تي ڳالھائڻ
منھنجو موضوع ناهي، ان ڪري ايترو چونديس ته منھنجو سياست سان ته ڪو پري جو تعلق ۽ ڪا
به دلچسپي ڪڏھن به نه رھي آھي نه ڪنھن تنظيم سان ڪو واسطو آھي، اهي سياسي ۽ تنظيمي
ڪم ڪرڻ آسان به ڪونه آھن، اگر اهو ڪم ڪبو ته ادب کان پري ٿي وڃبو ها البته ادبي
دنيا ۾ چانڊوڪي پبليڪيشن طرفان ٽه ماھي مئگزين ”چانڊوڪي“ جي سب ايڊيٽر طور فرض نڀايان
پئي، ان کان علاوه پنھنجي ڪاليج ۾ ادبي سوسائٽي نذرٿين لٽريري سوسائٽي جي ميمبر پڻ
آھيان، اڳتي هلي انساني ڀلائي جي ڪمن ڪرڻ جو ارادو آھي ۽ ڪو اھڙو ادبي ڪم ڪرڻ
چاهيان ٿي جنھن سان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي کي ڪو فائدو حاصل ٿئي.
سوال: زندگي اوهان
جي نظر ۾؟
خوشبو: زندگي
خوبصورت منظر آھي جيڪڏھن توھان سان لاڳاپيل ماڻھو توھان سان سچا ۽ پيار ڪندڙ آھن
ته ٻئي صورت منھنجي هن ڳالھ جو ضد.
سوال: موت اوهان جي
نظر ۾؟
خوشبو: هر ساھ واري
کي موت جو ذائقو چکڻو آھي، موت بر حق آھي موت هڪ حقيقت آھي.
سوال: نفرت ڇا آهي؟
خوشبو: نفرت ھڪ
نفسياتي بيماري آھي، جيڪا ھڪ بيمار، احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي جي شڪار ماڻھو کي ٿئي
ٿي.
سوال: دل اوهان جي
نظر ۾؟
خوشبو: انساني جسم
جو اھو حصو جنھن ۾ ھڪ ئي وقت محبتون نفرتون، ڏک، پيڙائون، درد ۽ ڪيترا ئي احساس
سمايل آھن.
سوال: ايندڙ ڪتاب/ سھيڙيل
ڪتاب ۽ انھن جا نالا؟
خوشبو: ھڪ نثري نظمن
جو ڪتاب سھيڙيل آھي جڏھن ته ڪھاڻيون به گڏو گڏ لکجن پيون، ٻن ڪتابن جيترو مواد
موجود آھي، باقي ان مواد کي ترتيب ڏئي ڪتابي شڪل ۾ آڻڻ جو في الحال ڪو ارادو ناهي
ان ڪري اڃا انھن ڪتابن جو ڪو به نالو تجويز نه ڪيو اٿم.
سوال: توهان طبيعتن
ڪيئن آهيو؟
خوشبو: بيحد حساس ۽
سادي طبيعت اٿم. مان ٻين جي ڏکن تي ڏکوئجي ويندي آھيان.
سوال: ڪھڙين ڳالھين
تي ڪاوڙ ايندي اٿو؟
خوشبو: ڪوڙ ۽
منافقت تي.
سوال: مليل مڃتا،
ايوارڊ، شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ؟
خوشبو: چانڊوڪي
پبليڪيشن طرفان گذريل سال ۲۰۲۲ع جي بھترين ڪھاڻيڪاره جو ايوارڊ ڏنو ويو، ان کان علاوه
انڊس ڪلچرل فورم طرفان علائقائي ادبي ميلي ۾ منھنجي ڪتاب ”لڙھي ويل اميدون“ کي منتخب
ڪيو ويو ۽ منھنجن ڪھاڻين کي اردو ۾ ترجمو ڪري دنياء ادب چينل تي پيش ٿيڻ ۽ پڙھندڙن
وٽان مليل عزت، پيار ۽ پنھنجائپ کي به پاڻ لاءِ هڪ وڏو ايوارڊ سمجهان ٿي.
سوال: لکڻ وقت
اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي؟ اوهان ڇا محسوس ڪنديون آهيون؟
خوشبو: منھنجي دماغ
۾ جڏھن به ڪا ڪھاڻي جنم وٺندي آھي ته پوءِ مان نه بلڪه ڪھاڻي جا ڪردار ۽ انھن جون ڪيفيتون
لفظن جي صورت ۾ وکري پوندا آھن، يقين ڪريو اڄ به ڪڏھن ڪڏھن مان پنھنجي ڪا ڪھاڻي پڙھندي
آھيان ته سوچيندي آھيان ته اھا ڪھاڻي مون کان ڪيئن لکجي وئي. نظمن ۾ به ائين ئي
آھي انساني ڪيفيتون آھن جن ذريعي ان وقت لکجي وڃي ٿو.
مان نثري نظم توڙي ڪھاڻين
جي ڪردارن ۾ گم ٿي ويندي آھيان ۽ هڪ پيڙا مون کي وڪوڙي ڏک جي ڪائناتن ۾ وٺي ويندي
آھي.
سوال: درد ڇا آهي؟
خوشبو: درد احساس
آھي، جھڙي طرح پيار سواءِ انسان اڌورو آھي اھڙي طرح درد جي احساس کانسواءِ به انسان
اڌورو آھي، منھنجي نظر ۾ اھو انسان ئي ناھي جيڪو ڪنھن جي درد کي محسوس نه ڪري ۽ ان
جو مداوا نه ڪري.
سوال: اوهين جيڪو
لکو ٿيون يا جيڪو ڪجھ لکيو اٿو انھيءَ مان مطمئن آهيو؟
خوشبو: علم جي دنيا
۾ ھر انسان ھميشه ھڪ شاگرد ئي رھي ٿو ۽ مسلسل علم جي کوجنا ۾ رھي ٿو جنھن ڏينھن ھو
سمجھي ٿو ھن پنھنجي منزل ماڻي ورتي ان ڏينھن سندس لکڻين ۾ ماٺار اچي وڃي ٿي مان پاڻ
کي ادب جي دنيا جي شاگردياڻي سمجھان ٿي ان هوندي به ڪافي حد تائين پنھنجي لکڻين
مان مطمئن آھيان.
سوال: اوهان شاعري ڪھڙن
فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي؟
خوشبو: مون شاعري ۾
نثري نظم لکيا آھن ۽ پابند شاعري نه، ان ڪري ڪنھن به نه ڳائي آھي.
سوال: ملازمت ڪندڙ
عورتن جو الميو ڇا آهي؟ انھن جا مسئلا ڪھڙا آهن؟
خوشبو:: الميو
ملازمت ڪندڙ عورتن جو نه بلڪه ھن معاشري جو آھي جو ھو ھڪ ملازمت پيشه عورتن کي ٻٽيون
ذميداريون ( گھريلو ۽ ملازمت) ڏين ٿا پر انھن کي ڪنھن به قسم جي سپورٽ نه ٿا ڪن بلڪه
انھن لاءِ مسئلا پئدا ڪن ٿا.
سوال: مرداڻي
معاشري ۾ عورت ليکڪائن کي ڪھڙيون مشڪلاتون پيش اچن ٿيون ۽ انھن جو حل ڇا آهي؟
خوشبو: ڳالھ صرف
ليکڪائن جي ئي نه بلڪه ھتي اسان جي معاشري ۾ ته عورت جو گھر کان نڪرڻ ئي مشڪل آھي.
رھي ڳالھ ليکڪائن جي ته پھرئين ته انھن کي فيڪ سمجھيو وڃي ٿو پر جيڪڏھن ھو پنھنجي
سڃاڻپ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته سندن لاءِ اھو چيو وڃي ٿو ته سندن لکڻين
پويان ڪنھن مرد جو ھٿ آھي يا کين ڪو مرد لکي ڏئي ٿو.
ٿي سگھي ٿو ائين
ھجي به سھي پر ان سان اصل لکندڙ عورتن جي حوصله شڪني ٿئي ٿي جيڪو سراسر غلط آھي.
مان سمجهان ٿي ھاڻي اسان کي عورت مرد جي چڪرن کان نڪري صلاحيتن کي اڳتي آڻڻ گھرجي
۽ عورت ڪارڊ به ختم ٿيڻ گھرجي.
سوال: لکڻ اوهان جو
شوق آهي يا مجبوري؟
خوشبو: مان سمجهان ٿي
ته هن سوال جي جواب ۾ ايترو ئي ڪافي آھي ته لکڻ پڙھڻ سان دلچسپي آھي.
سوال: شھرت اوهان
کي ڪيئن لڳندي آهي؟
خوشبو: عزت ۽ شھرت
ھر ڪنھن کي پسند ھوندي آھي، پر مون کي شھرت ايتري گھڻي پسند ڪونه آھي انڪري مان ڪنھن
ادبي گڏجاڻين وغيره به نه ويندي آھيان.
بس ان شعر وانگر
ته:
جتنا ديا سرکار ني
اتني ميري اوقات نھين.
سوال: اوهان کي ڪنهن
کان ڪا شڪايت؟
خوشبو: نه ڪنھن کان
ذاتي طور تي ڪا شڪايت ناھي، باقي مجموعي طور تي سماج کان ڪيئي شڪايتون آھن.
(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲ مئي ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا