راشد علي حيدري
سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي
ڳالھ ٻولھ: فهميده
جروار
سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي راشد علي حيدري
لوڪ فنڪاره مائي الھ بچائي ۽ نامياري شهنائي نواز علي محمد حيدري جو پٽ آهي. ان ڪري
کيس راڳ ستي ۾ مليو. راشد علي حيدري جو چوڻ آهي ته راڳ جي دنيا ۾، گٽار هٿ ۾ کڻڻ
سان ڪو به پنهنجو پاڻ کي فنڪار ته سڏائي سگهي، ٿو پر راڳي نه ٿو بڻجي سگهي. جڏنهن
ته سڀ کان ڏکيو راڳ ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ هوندو آهي. راڳ سکڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻا پون ٿا هو
ڊيلي سنڌ سان ڳالهائي رهيو هو. راشد علي حيدري جو گوني ۽ ڦليلي جي وچ ۾ ماتلي شهر
جي باغ محلا ۾ اباڻو گهر آهي ۽ سندس جنم ان گهراڻي ۾ ٿيو آهي. جتي کيس راڳ ستي ۾
مليو. جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته سندس والده مائي الله بچائي سهرا ڳائڻ جي ڀڙ خاتون
هئي ته سندس والد علي محمد حيدري پنهنجي دور جو ڀلوڙ شهنائي نواز هو. جڏهن ته استاد
محمد يوسف پڻ سندس مائٽي ۾ پري جي رستي ۾ ڏاڏو ٿئي. توڻي جو هن لاءِ راڳ پيشو ۽
ورثو آهي، ان هوندي به ڪلاسيڪل راڳ کي دنيا جو ڏکيو راڳ قرار ڏيندي چئي ٿو ته، راڳ
جي دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو راڳ ڪلاسيڪل راڳ آهي. ڪلاسيڪل راڳ کي سکڻ کان پوءِ ٻيو سڀ راڳ
ڳائڻ سولو لڳندو آهي. ڪلاسيڪل راڳ جي هر صنف تي ڳائڻ جي مهارت رکندڙ راشد علي جو چوڻ
آهي ته صنف غزل کان صنف خيال، صنف ٺمري ٻئي صنفون ڳائڻ ڏکيو لڳندو آهي. ڪلاسيڪل راڳي
راشد علي، ڪلاسيڪل راڳ جي باري ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته ڪلاسيڪل راڳ درباري راڳ آهي هاڻ
نه اهي دربارون رهيون آهن ۽ نه وري ڪلاسيڪل راڳ. ڪلاسيڪل راڳ کي اڃان به لاهور جي
پٽيالا گهراڻن ۾ چاھ سان ٻڌو وڃي ٿو. لاهور ۾ ڪلاسيڪل راڳين جا پٽيالا، گواليار، سيهنيا،
ڪلانه اهي گهراڻا آهن جيڪي ڪلاسيڪل راڳ کي سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جا وڏا ماهر آهن. اهي
ڪنهن وڏي راڳي جي ورسي يا شادي مرادي ۾ سڀ گڏجي ڳائيندي ۽ ٻڌندي سج اڀاريو ڇڏين ٿا.
باقي گهٽ ماڻهو ان راڳ کي سمجهن ٿا. جيڪي سمجهن ٿا اهي راڳي کي ڀرپور داد ۽ ڀرپور
عزت ڏيندا آهن. اهڙي راڳ جي گهٽ دعوت ملندي آهي ۽ دعوت کان سواءِ آءٌ به نه ويندو آهيان.
هون ته ملڪ جي ٻين حصن مان لاهور ۾ ڪلاسيڪل راڳ سمجهڻ وارا ته وڌيڪ آهن پر سنڌ جي
اتر پاسي اڃان به ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ وارا موجود آهن. سنڌ جي لاڙ جي مختلف درگاهن، شادين
۽ محفلن ۾ ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ وارا گهٽ آهن. پر جتي ڪلاسيڪل راڳ سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارا آهن
اتي ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي. سچ اهيو آهي جتي محفل مزاج جي آهي ته
ڀاڳ ڀلا نه ته ڳائڻ ۾ لطف بلڪل نه ايندو آهي. هن چيو ته انڊيا ڏات جي حوالي سان
سڄي دنيا ۾ مشهور آهي پر انڊيا کان سنڌ ۾ ڏات وڌيڪ ۽ نرالي آهي. جنهن جو مثال هيئن
وٺجي ته سنڌي ڀيروي پڪو راڳ آهي راڳن ۾ سڀ کان پهريون ۽ پراڻو سنڌي ڀيروي راڳ آهي.
هو ڪلاسيڪل راڳ جي عروج ۽ زوال بابت چئي ٿو ته بابا بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان،
سلامت علي وارو دور ڪلاسيڪل موسيقي جو عروج جو دور هو ان دور جي ڪلاسيڪل راڳ ۾ راڳ
ڀيروي راڳ درٻاري راڳ ڀوڀالي کي ڳائڻ وارا به ڪلاسيڪل هئا ته ٻڌڻ وارا به ڪلاسيڪل
هئا. هاڻي اهڙي پرچار جي صحيح معنيٰ ۾ ماڻهن تائين رسائي نه ٿي رهي آهي. هن وقت به
گهٽ ماڻهن کي سمجھ هوندي. ماڻهن تائين راڳ جي ڄاڻ جي رسائي نه هئڻ ۽ پهرين جهڙن گوين
جي مهارت نه رکڻ ئي ڪلاسيڪل راڳ جو زوال آهي. راڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻئي راڳي کي ڪٽي پاڻ
اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو؟ واري سوال جي موٽ ۾ هن جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن به پاڻ
کي سينئر راڳي يا نيو سيکڙاٽ راڳي کي ڪٽڻ جو نه سوچيو آهي راڳي جي رياضت ۽ نوڙت مان
ئي ٻڌندڙن پتو لڳائي وٺندا آهن، ته ڪير ڪيترو ڀلو راڳي آهي. مطلب ته محنت پاڻ ڳالهائيندي
آهي. استاد جو چوڻ آهي ته راڳ علم جو ڏيئو آهي. علم جي ڏيئي کي جيترو تيل ڏبو اوتري
روشني تيز ڪندو. راڳ ذريعي نفرتون ختم ڪري دليون به کٽي وٺبيون آهن. سو منهنجي به
ڪوشش هوندي آهي ته سکڻ سان گڏوگڏ راڳ جي سکيا به ڏيان. اميد آهي ته منهنجا شاگرد
به ان واٽ تي هلندا.
اسڪول جي زماني کان پٽي جا الف
ب وڏي آواز سر ۾ پڙهندڙ ننڍڙو راشد علي جڏهن بيت ۽ سبق به وڏي آواز سان سر ۾ پڙهڻ لڳو،
ته استادن همت افزائي ڪندي روز صبح جو اسيمبلي ۾ قومي ترانو ۽ نعت پڙهڻ جي ذميواري
کيس سونپي. هو انهن استادن جو شڪر گذار آهي، جنهن کيس اهڙي ذميواري سونپي ۽ اسڪول
۾ ٿيندڙ فنڪشن ۾ پڻ نعتون ۽ ڪلام ڳائڻ جو موقعو ڏيندا ۽ همت افزائي ڪندا رهيا. ان
جي باوجود به ان زماني ۾ هن جي چوڻ موجب گهر اسڪول ۽ راند کان به وڌيڪ گل غيبي جي درگاھ
تي سڪون ملندو هو. جتي هو روز شام جو گوني ڪناري گل غيبي جي درگاھ جي حاضري ڀرڻ نه وساريندو هئو. جڏهن ته ٻيا
زائرين به قصيده، نعت، درود شريف پڙهندا هئا ته آءٌ خاموشي سان ٻڌندو هئس ۽ آءٌ مزار
جي پيراندي کان ويهي قصيده، درود شريف، نعتون سر ۾ پڙهڻ کان سواءِ دعا به سر ۾
گهرندو هئس.
اهڙي ريت حيدري راشد علي گل غيبي
جو مريد بڻجي ويو ۽ هو سنڌ جي صوفين بزرگن مان گل غيبي کي پنهنجو مرشد سمجهندي چئي
ٿو ته، نيٺ اها گهڙي آئي جو راڳ جي بشارت ملي. يعني مون کي ڪلا پنهنجي مرشد گل
غيبي وٽان ونڊ ۾ ملي آهي. فقيري طبيعت رکندڙ راشد جي چوڻ موجب آواز ته رب پاران گفٽ
مليل هو ۽ راڳ جي گفٽ گل غيبي جي ڏنل گفٽ آهي. هڪ سوال جي موٽ ۾ هن چيو ته، مرشد
پاران سر جو اهڙو ته نشو مليو آهي جو ٻئي ڪنهن به نشي جي ضرورت ئي ناهي. اها مرشد
جي مهرباني آهي جو ايترو نوازيو آهي، جنهن جو آئون لاهي به نه ٿو سگهي. آءٌ هر
جمعرات جو مرشد جي حاضري تي ويندو آهيان.
غربت سبب ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي
ڊگري حاصل نه ڪري سگهڻ جو هن کي ڪو به افسوس ناهي. جنهن لاءِ هو چئي ٿو ته:غربت
سبب پڙهي نه سگهيو آهيان ٻيو وري شوق، غور فڪر موسيقي ڏانهن هو. شوق خدا جي گفٽ آهي.
اهو ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي. انسان انهي گفٽ کي دل ۾ رهي سفر تي هلي ٿو. سو شوق مون کي
راڳ طرف وٺي آيو راڳ رب پاڪ جا ڪرم ۽ استاد جي مهرباني سان سکيو آهيان. نه ته مون
کي خيال گمان ۾ به نه هو ڪو آءٌ ڪلاسيڪل راڳ جي طرف ايندس. هن راڳ کي گذريل ۱۵ سالن کان ڳائي رهيو آهيان. پوءِ به سمجهان ٿو ته آءٌ اڃا به سکي رهيو آهيان
راڳ سکڻ جي ڪابه عمر ۽ حد نه هوندي آهي. توڻي جو آءٌ ۳۵ سالن جو ٿي چڪو آهيان. پوءِ به راڳ جي دنيا ۾ پاڻ کي صفا ننڍڙو محسوس ڪندو
آهيان. هن کان جڏهن محفل سڏائيندڙ ۽ ٻڌندڙ جي باري ۾ پڇيو ويو ته اڪثر فنڪارن کي محفل
سڏائيندڙ ۽ ٻڌندڙ کان شڪايت هوندي آهي، ته محفل سڏائي فنڪار کي مان نه ڏيندا آهن، صرف
راڳ دوران واھ واھ ڪندا آهن ۽ پوءِ ماني کارائي ۽ گهور تي به بحث ڪندا آهن. اوهان سان
ڪو اهڙو واقعو پيش آيو؟ جي موٽ ۾ ٽهڪ ڏيندي چيائين ته نه ائين ته ڪڏهن به نه ٿيو
آهي. مون کي ته سڏائيندا ئي اهي آهن جن کي ڪلاسيڪل راڳ جي سمجھ هوندي آهي. اهي ته ساھ
پيا صدقي ڪندا آهن. پر هڪ کل جوڳيو واقعو ياد آهي. ٿيو هئن ته ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ دعوت
تي پهتاسين. اها شادي جي محفل هئي ۽ محفل پوري ٿي ته هر ڪو هليو ويو اسان اڪيلائي
رهجي وياسين. اسان وٽ نه سمهڻ لاءِ بسترا نه گهور ملي ۽ نه واپسي جو ڪرايو. نه وري
ڪو ڪاڄ ڌڻي مليو. اسان پنڌ نڪتاسين اچي مٺي ۾ رهياسين صبح جو اوڌر سوڌر ڪري گهر پهتاسين.
مٺي ۾ خبر پئي ته شادي جون ريتون رسمون لڳاتار ٽي ڏينهن، ٽي راتيون هلنديون آهن. جنهن
سبب ڌڻين کي ڪو به هوش ئي نه هو ۽ اسان به کڻي ماٺ ڪئي.
ٻيو يادگار واقعو ٻڌائيندي
چيائين ته ڊاڪٽر قادر مگسي جي دعوت ۾ جنهن مهل منهنجي انٽري هئي منهنجي ڳلي، پيٽ ۽
دماغ ۾ سخت سور پيو. يڪدم ڊاڪٽر اچي ويا سيون لڳيون، بوتلون چڙهيون، نڪ ۾ نلڪيون
لڳيون ته به ڳلو نه هليو نه ئي سور ويو. يڪا ۳ مهينا بيماري جي بستري تي پيو هئس. جڏهن ٺيڪ ٿيس ته مون حقيقت معلوم ڪئي خبر
پئي ته مون کي زهر ڏنو ويو هو. مون کي زهر ڏيندڙ کي الله سدائين خوش رکي. منهنجي سامهون
اچي ته آءٌ کيس شربت پياريندس.
هن پنهنجي خواهش ظاهر ڪندي چيو ته:
جيسيتائين محفل سجاڻيندڙ موجود آهن ايستائين راڳ سکڻ ۽ ڳائڻ جو شوق به پورو ٿيڻو ناهي.
ڇو ته راڳي جي خواهش هوندي آهي ته کيس گهڻو داد ملي. راڳي داد جو بکيو هوندو آهي ۽
راڳ ڳائڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ واجهائيندو آهي. جڏهن ته پاڪستان جي لاهور کان سواءِ
ٻيو ڪٿي به ڪلاسيڪل موسيقي ايتري نه ٿي ٻڌي وڃي، جيتري هندستان ۾ ٻڌي وڃي ٿي. انڊيا
۾ ته موسيقي کي عبادت سمجهي ڳايو ۽ ٻڌو وڃي ٿو. منهنجي به اميد آهي ته انڊيا ۾ ڪلاسيڪل
راڳ ڳايان. استاد جي اجازت سان ستار نواز شاهد خان، طبلي نواز استاد رمضان خان، هارمونيم
نواز مائو فقير، ڍولڪ نواز استاد روشن سان پنهنجو گروپ جوڙي گذريل ۱۲ سالن کان ڪلاسيڪل راڳ ڳائيندڙ راشد حيدري جو اڄ ڪلھ جي موسيقي ۽ شاعرن جي
باري ۾ چوڻ آهي ته موسيقي کي پوپ موسيقي جو نالو ڏنو ويو آهي حقيقت ۾ اهڙي موسيقي
سواءِ گوڙ جي ٻيو ڪجھ به نه آهي. اهو به سچ آهي ته اڄ جي نوجوان جو رجحان پاپ موسيقي
ڏانهن وڃي رهيو آهي جنهن جو سبب ٽي. وي، اسٽيج، ذاتي محفل مطلب ته پوپ سرن جي دنيا
آهي پر پوپ سرن ۾ سرور نه ٿو اچي پوپ موسيقي ۾ شوقيه ڳائيڻا آهن. جن جي هٿن ۾ گٽار
هوندا آهن. پر گٽار هٿ ۾ کڻڻ سان راڳي نه ٿو بڻجي سگهي. راڳي اهو، جنهن جي راڳ ۾
روح کي راحت ملي. باقي اڄوڪي گٽار واري موسيقي سان نه دل کي سڪون ٿو ملي، نه وري روح
کي راحت ٿي ملي. ڇو ته هن دور ۾ شاعر پنهنجي شاعري ڳارائڻ تي گهڻو خرچ ڪندا آهن ۽
فنڪار به گٽار هٿ ۾ کڻي اهڙن شاعرن جي شاعري ڳائين ٿا، ڪئي فنڪار ماڳهين پاڻ کي صوفي
فنڪار ٿا سڏائين. پر صوفي بڻجڻ سولو ناهي. صوفي فنڪار اهڙي شاعري ڳائيندا آهن، جنهن
شاعري ذريعي حق جو سهي رستو نمايان هوندو آهي. صوفي راڳي ۽ ڪلاسيڪل راڳي بڻجڻ لاءِ
پهرين لطيف، سچل جي ٻولي ۽ پيغام کي سمجهڻ سان گڏ راڳ جي من ۾ تبسيح ۽ رياض جي تانگھ
هجي ۽ لطيف جي پيغام کي پهرين پاڻ هنڊائي صوفياڻي ۽ ڪلاسيڪل راڳ ۾ نج پيار ۽ امن
جو پيغام آهي. هن وقت ۾ سنڌ ۾ امن ۽ محبت جي گهڻي گهرج آهي. جيڪا صوفياڻي ۽ ڪلاسيڪل
راڳ ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي ٿي. جنهن ملڪ جي موسيقي ۾ حق، سچ جي پرچار
هوندي ته انهي موسيقي ذريعي امن جي به پرچار ٿيندي. سنڌ مان ڪلاسيڪل راڳ ۽ سازيندڙ
جي گهٽجڻ سبب طبلو، ستار، سارنگي ختم ٿي رهيا آهن ان کي ڪيئن بچايو وڃي. ؟ واري
سوال جي جواب ۾ هن چيو ته: گٽار واري اڄوڪي زماني ۾ ڪلاسيڪل موسيقي کي بچائڻ لاءِ
حڪومت سنڌ کي اپاءُ وٺڻ گهرجن. حڪومت سنڌ پاران سنڌ جي شهرن ۾ اڪيڊميون کولڻ گهرجن.
جتي راڳ جا ڄاڻو استاد مقرر ڪيا وڃن. جيڪي موسيقي جا سر سيکارڻ سان گڏ سازن وڄائڻ
جي پڻ سکيا ڏين.
باقائده ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا استاد حسين بخش گلو کان وٺڻ بعد پهرين راڳ جي دنيا ۾ پير پائيندڙ حيدري راشد علي عشق ۽ محبوب جي باري ۾ چئي ٿو ته عشق ڪجي ته اهڙو ڪجي جهڙو حسين جي گهراڻي خدا سان ڪيو ۽ منهنجو عشق ان گهرائي سان آهي. دنياوي عشق ننڊ ۾ خواب آهي. جاڳ پئي ته خواب ختم آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا