; سنڌي شخصيتون: راشد علي حيدري، فهميده جروار،
Showing posts with label راشد علي حيدري، فهميده جروار،. Show all posts
Showing posts with label راشد علي حيدري، فهميده جروار،. Show all posts

12 May, 2023

راشد علي حيدري

راشد علي حيدري

سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي

ڳالھ ٻولھ: فهميده جروار



سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي راشد علي حيدري لوڪ فنڪاره مائي الھ بچائي ۽ نامياري شهنائي نواز علي محمد حيدري جو پٽ آهي. ان ڪري کيس راڳ ستي ۾ مليو. راشد علي حيدري جو چوڻ آهي ته راڳ جي دنيا ۾، گٽار هٿ ۾ کڻڻ سان ڪو به پنهنجو پاڻ کي فنڪار ته سڏائي سگهي، ٿو پر راڳي نه ٿو بڻجي سگهي. جڏنهن ته سڀ کان ڏکيو راڳ ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ هوندو آهي. راڳ سکڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻا پون ٿا هو ڊيلي سنڌ سان ڳالهائي رهيو هو. راشد علي حيدري جو گوني ۽ ڦليلي جي وچ ۾ ماتلي شهر جي باغ محلا ۾ اباڻو گهر آهي ۽ سندس جنم ان گهراڻي ۾ ٿيو آهي. جتي کيس راڳ ستي ۾ مليو. جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته سندس والده مائي الله بچائي سهرا ڳائڻ جي ڀڙ خاتون هئي ته سندس والد علي محمد حيدري پنهنجي دور جو ڀلوڙ شهنائي نواز هو. جڏهن ته استاد محمد يوسف پڻ سندس مائٽي ۾ پري جي رستي ۾ ڏاڏو ٿئي. توڻي جو هن لاءِ راڳ پيشو ۽ ورثو آهي، ان هوندي به ڪلاسيڪل راڳ کي دنيا جو ڏکيو راڳ قرار ڏيندي چئي ٿو ته، راڳ جي دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو راڳ ڪلاسيڪل راڳ آهي. ڪلاسيڪل راڳ کي سکڻ کان پوءِ ٻيو سڀ راڳ ڳائڻ سولو لڳندو آهي. ڪلاسيڪل راڳ جي هر صنف تي ڳائڻ جي مهارت رکندڙ راشد علي جو چوڻ آهي ته صنف غزل کان صنف خيال، صنف ٺمري ٻئي صنفون ڳائڻ ڏکيو لڳندو آهي. ڪلاسيڪل راڳي راشد علي، ڪلاسيڪل راڳ جي باري ۾ وڌيڪ چئي ٿو ته ڪلاسيڪل راڳ درباري راڳ آهي هاڻ نه اهي دربارون رهيون آهن ۽ نه وري ڪلاسيڪل راڳ. ڪلاسيڪل راڳ کي اڃان به لاهور جي پٽيالا گهراڻن ۾ چاھ سان ٻڌو وڃي ٿو. لاهور ۾ ڪلاسيڪل راڳين جا پٽيالا، گواليار، سيهنيا، ڪلانه اهي گهراڻا آهن جيڪي ڪلاسيڪل راڳ کي سمجهڻ، ٻڌڻ ۽ ڳائڻ جا وڏا ماهر آهن. اهي ڪنهن وڏي راڳي جي ورسي يا شادي مرادي ۾ سڀ گڏجي ڳائيندي ۽ ٻڌندي سج اڀاريو ڇڏين ٿا. باقي گهٽ ماڻهو ان راڳ کي سمجهن ٿا. جيڪي سمجهن ٿا اهي راڳي کي ڀرپور داد ۽ ڀرپور عزت ڏيندا آهن. اهڙي راڳ جي گهٽ دعوت ملندي آهي ۽ دعوت کان سواءِ آءٌ به نه ويندو آهيان. هون ته ملڪ جي ٻين حصن مان لاهور ۾ ڪلاسيڪل راڳ سمجهڻ وارا ته وڌيڪ آهن پر سنڌ جي اتر پاسي اڃان به ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ وارا موجود آهن. سنڌ جي لاڙ جي مختلف درگاهن، شادين ۽ محفلن ۾ ڪلاسيڪل راڳ ٻڌڻ وارا گهٽ آهن. پر جتي ڪلاسيڪل راڳ سمجهڻ ۽ ٻڌڻ وارا آهن اتي ڪلاسيڪل راڳ ڳائڻ جو لطف ئي پنهنجو آهي. سچ اهيو آهي جتي محفل مزاج جي آهي ته ڀاڳ ڀلا نه ته ڳائڻ ۾ لطف بلڪل نه ايندو آهي. هن چيو ته انڊيا ڏات جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور آهي پر انڊيا کان سنڌ ۾ ڏات وڌيڪ ۽ نرالي آهي. جنهن جو مثال هيئن وٺجي ته سنڌي ڀيروي پڪو راڳ آهي راڳن ۾ سڀ کان پهريون ۽ پراڻو سنڌي ڀيروي راڳ آهي. هو ڪلاسيڪل راڳ جي عروج ۽ زوال بابت چئي ٿو ته بابا بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان، سلامت علي وارو دور ڪلاسيڪل موسيقي جو عروج جو دور هو ان دور جي ڪلاسيڪل راڳ ۾ راڳ ڀيروي راڳ درٻاري راڳ ڀوڀالي کي ڳائڻ وارا به ڪلاسيڪل هئا ته ٻڌڻ وارا به ڪلاسيڪل هئا. هاڻي اهڙي پرچار جي صحيح معنيٰ ۾ ماڻهن تائين رسائي نه ٿي رهي آهي. هن وقت به گهٽ ماڻهن کي سمجھ هوندي. ماڻهن تائين راڳ جي ڄاڻ جي رسائي نه هئڻ ۽ پهرين جهڙن گوين جي مهارت نه رکڻ ئي ڪلاسيڪل راڳ جو زوال آهي. راڳ ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻئي راڳي کي ڪٽي پاڻ اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪئي اٿو؟ واري سوال جي موٽ ۾ هن جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن به پاڻ کي سينئر راڳي يا نيو سيکڙاٽ راڳي کي ڪٽڻ جو نه سوچيو آهي راڳي جي رياضت ۽ نوڙت مان ئي ٻڌندڙن پتو لڳائي وٺندا آهن، ته ڪير ڪيترو ڀلو راڳي آهي. مطلب ته محنت پاڻ ڳالهائيندي آهي. استاد جو چوڻ آهي ته راڳ علم جو ڏيئو آهي. علم جي ڏيئي کي جيترو تيل ڏبو اوتري روشني تيز ڪندو. راڳ ذريعي نفرتون ختم ڪري دليون به کٽي وٺبيون آهن. سو منهنجي به ڪوشش هوندي آهي ته سکڻ سان گڏوگڏ راڳ جي سکيا به ڏيان. اميد آهي ته منهنجا شاگرد به ان واٽ تي هلندا.